جواب: السلام عليڪم واليڪم السلام ادا طاهر علي ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد چئون ٿا ۽ اسان کي پڻ توهان جي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي خوشي ٿئي ادا اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: السلام عليڪم وعليڪم وسلام ادا توهان کي سنڌ سلامت ۾ اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو bhali kareaya اميد ته اوهان هن ساٿ سان گڏ رهڻ کي يقيني بنائيندو دعائن ۾ ياد
جواب: السلام عليڪم جي ايندين چوني آءُ ويندي چوني ويهه، ڇــڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جـــــي۔ ڀلي ڪري آيا، دوست طاهر سنڌي صاحب ۔۔۔ هي اڱڻ آهي ئي سنڌي سٻاجهڙن جو، هت اسين هڪٻئي سان ڪچهريون ڪندا آهيون ۔۔۔ هڪٻئي کي سکيا ڏيندا آهيون ۽ هڪٻئي جي غمن ۽ خوشين ۾ ڀاڱيوار ٿيندا آهيون ۔۔۔ اوهان هن اڱڻ تي اچي اسان دوستن جي خوشين ۾ واڌارو ڪيو آهي ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي بري نظر کان بچائي ۔۔۔ اڃان ته هاڻ ٻڌي آهي ۔۔۔ اوهانجي ساٿ ۾ اميد ته گهڻو ڪجهه سکبو ۽ سيکاربو ۔۔۔ بس اوهان ايندا ڪريو ۽ اسان سان چانهن جو ڪوپ يا لسيءَ جو وٽو پي ڪچهريون ڪندا ڪريو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: السلام عليڪم مٺا طاهر سنڌي، ڀلي ڀلي ڪري آيا، شال جُڙيا هُجو، اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀلي ڪار ٿا چئون اميد ته ساري دنيا جي سنڌين جو هي وڏي ۾ وڏو محبتي اڱڻ توهان جي لکڻين، توهان راين، توهان جي مضمونن، توهان جي شيئرنگ ۾ هميشهه توهان سان ڀاڱي ڀائيوار هوندو، سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان مان گهڻو ڪجهه سکڻ جي آس رکن ٿا۔ اسان توهان جي هر شيئرنگ جو انتهائي پاٻوهه سان انتظار ڪنداسين، ۽ ها ادا طاهر جيڪڏهن چاهيو ته توهان پنهنجي باري ۾ اسان کي وڌيڪ تعارف ڪرايو مثال طور توهان جي تعليم، توهان جِي وندر، توهان جو پسنديده راڳي، پسنديده ڪتاب ۽ کوڙ ساريون ڳالهيون جيڪي توهان اسان سان ونڊڻ چاهيو۔ پليز پليز اسان منتظر رهنداسين توهان جي مڪمل تعارف جا۔ هي گُل صرف توهان لئه مهرباني مٺا
جواب: السلام عليڪم نالو محمد طاهر سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل جو شاگرد آهيان پسنديده ڪتاب قرآن مجيد سنڌي لکڻ ۾ ڏکيائي ٿئي پئي ان ڪمزوري تي جلد ڪنٽرول ڪندس ان شا الله
جواب: السلام عليڪم محترم طاهر سنڌي صاحب فورم جوائين ڪرڻ تي ڀليڪار۔۔۔ اسان توهان کي يقين ڏياريون ٿا ته هتي گهاريل توهان جون گهڙيون توهان لاءِ يادگار هونديون۔۔۔ اميد ته پنهنجي لکڻين کي جاري رکندا۔۔۔۔
جواب: السلام عليڪم وعليڪم اسلام ادا اسان توهان کي سنڌ سلامت فورم تي اچڻ لاءِ ڀليڪار چئون ٿا sindhsalamatsaathsal
جواب: السلام عليڪم پيارا دوست طاهر ادا سند سلامت جي پيار ڀري اڱڻ تي اوهان کي مان دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان تو۔۔۔