• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 22 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 22 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
22 سيپٽمبر 1922ع شاعر خوشي رام خوشي (خانواهڻ / ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 سيپٽمبر 1923ع شاعر احسان الهاشمي (ٽنڊو مير نور محمد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 سيپٽمبر 1938ع مشهور شاعر تاجل بيوس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 سيپٽمبر 1939ع شاعر لطف سومرو (ٽنڊو علي شير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 سيپٽمبر 1950ع سياستدان نثار کهڙو (عاقل) جو جنم ڏينهن آهي.
22 سيپٽمبر 1955ع سياستدان سيد نويد قمر (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
22 سيپٽمبر 1959ع اداڪاره جيوتي ناواڻي (ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 سيپٽمبر 1959ع ليکڪ رستم سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
22 سيپٽمبر 1808ع پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير ڳوٺ) جي وفات ٿي.
22 سيپٽمبر 1935ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام احمد ملڪاڻي جو انتقال ٿيو.
22 سيپٽمبر 1965ع ليکڪ احسن بدوي (شڪارپور) جي وفات ٿي.
22 سيپٽمبر 1988ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ اسڪالر رئيس امروهوي جو لاڏاڻو ٿيو.
22 سيپٽمبر 1992ع ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار علي خان جو لاڏاڻو ٿيو.
_______
اڄوڪي ڏينهن 22 سيپٽمبر جا ڪجهه اهم واقعا
igcQtvlaOarRr.jpg
حواله:
_______

 
Back
Top