• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڍِيٽ سافٽويئر ان انسٽال ڪريو..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه سافٽوئيرز جهڙوڪ اينٽي وائرس انسٽال ٿيڻ کانپوءِ پنهنجيون فائيلز ۽ رجسٽري انٽريز اهڙيون ته طاقتور رکندا آهن جو انهن کي ان انسٽال ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي۔۔۔
اينٽي وائرس يا ڪنهن به قسم جا سيڪيورٽي سافٽويئر سسٽم لاءِ تمام گهڻا ضروري ٿيندا آهن۔۔ پر جيڪڏهن توهان هڪ اينٽي وائرس کي ٻئي سان بدلائڻ چاهيندا هجو ته يقينن پهريان کان موجود پروگرام ان انسٽال ڪرڻو هوندو آهي۔۔۔ اينٽي وائرس انسٽال ٿيڻ ۾ جيترو پريشان ڪندا آهن ان انسٽال ڪرڻ ۾ ان کان به وڌيڪ تنگ ڪندا آهن۔۔ ڪجهه ته سسٽم کي ڇڏڻ کان ئي نابري واريو ويٺا هوندا آهن۔۔ ڪنهن طرح سان ان انسٽال ڪري به وٺجي ته به پنهنجي ڪجهه نه ڪجهه ڊيٽا ضرور سسٽم ۾ ڇڏي ويندا آهن۔۔۔ ايسيتائين جو منهنجا ڪافي دوست فون ڪري اهڙن پروگرامز کي ان انسٽال ڪرڻ جا ٽوٽڪا پڇندا رهندا آهن۔۔
پر اڄ مان سمورن دوستن لاءِ هڪ اهڙو سافٽويئر کڻي آيو آهيان جيڪو اهڙن پروگرامن کي درست ان انسٽال ڪرڻ لاءِ بهترين حل آهي۔۔۔ هي آهي AppRemover نالي مفت سافٽويئر۔۔

appremover-32.jpg

هي سافٽويئر ڪنهن به ڍيٽ اينٽي وائرس يا اسپائي بوٽ کي آسانيء سان ان انسٽال ڪري وٺندو آهي۔۔ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڪو اينٽي وائرس اپڊيٽ نه ٿيندو آهي ۽ نه وري نئون ورجن انسٽال ٿيندو آهي اهڙي صورتحال ۾ هي سافٽويئر پراڻي ورجن کي سولائي سان ان انسٽال ڪري سسٽم کي نئين ورجن جي انسٽاليشن لائق بڻائيندو آهي۔۔۔
ونڊوز ايڪس پي کان وٺي ونڊوز8 تائين هر آپريٽنگ سسٽم لاءِ ڪارآمد هي سافٽويئر لکن جي تعداد ۾ ڊائونلوڊ ٿي چڪو آهي۔۔ ان ڪري توهان به دير نه ڪريو ۽ هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
 
سائين زبردست ونڊ آهي ۔ هاڻي سسٽم ۾ رجسٽري جي چڪرن کان هر مهيني ۾ ونڊوز ڪرڻ کان بچي پيس۔
ڄاڻ ڏيڻ جي وڏي مهرباني ۔
 
Back
Top