ٿي سگهي ٿو ڪڏهن توهان کي به اهڙي صورتحال کي ڏسڻو پوي ۔۔۔ اصل ۾ هڪ دوست مون ڏي پي ڊي ايف تي مشتمل مختلف فائيلز کي الڳ الڳ اي ميل ڪري موڪليو پر مون چاهيو ٿي ته انهن سڀني فائيلز کي گڏ ڪري هڪ فائيل بڻائجي ڇو ته عنوان هڪ ئي آهي ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ڪا فائيل ڳولي نه سگهجي۔۔۔ انٽرنيٽ تي ڳولڻ سان ٻه سافٽويئر اهڙا مليا جيڪي يقينن اهڙي سهولت ڏئي رهيا هئا جن ۾ هڪ Adobe Pro ۽ ٻيو pay pdf پر ٻئي ڪافي مهانگا سافٽويئر هيا۔۔۔ ٿوڙي محنت ڪرڻ سان آخر مون کي مفت ۽ آسان سهولتن سان PDFBinder نالي سافٽويئر ملي ئي ويو۔۔۔ هن آسان ۽ مفت سافٽويئر کي کولي توهان مختلف پي ڊي ايف فائيلز شامل ڪريو يا وري ڊريگ ڊراپ ڪري شامل ڪريو.۔۔۔ ۽ جڏهن سموريون فائيلز شامل ڪري ڇڏيو ته صرف Bind بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو.۔۔ ۽ سمورين فائيلز کي هڪ ئي فائيل ۾ تبديل ڪري وٺو۔۔۔ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو ا
جواب: هڪ کان وڌيڪ پي ڊي ايف فائيل کي ملايو۔۔ ادا رشيد تمام سٺو سافٽويئر آهي ان کي مان ته هاڻي ئي آزمائي ٿو ڏسان لاجواب ڪوشش اهي ادا توهان جي سنڌ سلامت فورم لا۽ سدائين گڏ