
توهان اڪثر ڪجهه سافٽويئر بابت ٻڌو هوندو ته هي سافٽويئر ايڪس پي ونڊوز ۾ هلندا پر ونڊوز 2000 ۾ نه هلندا يا وري وستا ونڊوز ۽ ونڊوز 7 ۾ ته هلندا پر ونڊوز ايڪس پي ۾ نه هلندا۔۔۔
اهڙن مونجهارن کي سامهون رکندي هڪ نئون آپريٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن کي ڪلائوڊ برائوزر آپريٽنگ سسٽم چيو پيو وڃي۔۔۔ هن جي ذريعي اهڙا سافٽويئر به انسٽال ڪري هلائي سگهجن ٿا جيڪي ڪجهه ونڊوز تي هلڻ جي سهولت نه ڏيندا آهن۔۔۔ هن جي ڪلائوڊ برائوزر ذريعي هر قسم جي برائوزر سان ميچ ڪندڙ سائيٽ آرام سان کلي سگهي ٿي۔۔۔
ماڻهن جو خيال آهي ته ليپ ٽاپ ۽ موبائيل لاءِ هن کان ڀلو آپريٽنگ سسٽم ڪو نه ٿو ٿي سگهي۔۔۔
هن آپريٽنگ سسٽم کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هي وڊيو لڳائي رهيو آهيان ۔۔۔ جنهن کي ڏسي ٻڌايو ته توهان کي هي آپريٽنگ سسٽم ڪيئن لڳو۔۔۔؟
http://www.youtube.com/watch?v=lPOe4yrnJFY