اولاد الله پاڪ جي وڏي نعمتن ۾ هڪ آهي۔۔۔ ڪنهن وٽ ته ايترو جو انهن کي پيٽ ڀر کارائي به نه ٿو سگهي ته ڪنهن وٽ کارائڻ جي سگهه هجڻ باوجود اولاد جهڙي نعمت ناپيد۔۔۔ پر هتي ڳالهه ٿورو مختلف پيو ڪريان ۔۔۔۔ اسان وٽ اولاد سنڀالڻ جي ذميدار صرف ماء سمجهي وڃي ٿي ۔۔۔ پر جيڪڏهن ڪنهن مجبوري سبب پي ء يا گهر جي ٻئي فرد کي سنڀالڻو پوي ته ڏاڍو ڏکيو عمل ٿيو وڃي ۔۔۔ مثال طور هي وڊيو ڏسو۔۔۔ ته والد کي ڪيتري نه پريشاني ٿي رهي آهي ته ٻار ڇا ٿو چاهي۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=cmJwrCArbUU مٿي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي هڪ ڪمپني Why Cry نالي اهڙو پرزو ايجاد ڪيو آهي جنهن جي ذريعي توهان معلوم ڪري سگهندو ته ٻار ڇو ٿو روئي۔۔۔؟ ۽ کيس ڪهڙِي شي جي ضرورت آهي۔۔۔ هي ڳالهه پڙهي توهان کي يقين نه آيو نه۔۔۔ چڱو ڀلا هي وڊيو ڏسي يقين ڪري وٺو۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=9KknAHlxdoY
جواب: ٻار ڇو ٿو روئي۔۔۔۔؟۔۔ هاڻي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ادا اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو تمام سٺي معلومات آهي سدائين گڏ
جواب: ٻار ڇو ٿو روئي۔۔۔۔؟۔۔ هاڻي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔ سائين هي ته جادو وارو ڪرتب آهي اوهان پنهنجي نالي کي ثابت ڪيو آهي اگرڃه ايجاد ڪنهن ٻئي جي آهي ليڪن کوج لڳائڻ به جادو کان گهٽ نه آهي۔
جواب: ٻار ڇو ٿو روئي۔۔۔۔؟۔۔ هاڻي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔ پر جيڪڏهن اهو پرزو خراب ٿي پوي ۽ غلط معلومات ڏئي ته پوءِ ته هڙئي وئي۔۔۔ ٻار به پريشان ته والدين به۔۔ هونئن به اسان وٽ صرف چائنا جو مال ئي هلندو آهي، وڃي ٿيا خير!!! hall chari
جواب: ٻار ڇو ٿو روئي۔۔۔۔؟۔۔ هاڻي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ادا ڳالهه ته ڪم جي آهي پر ادي ٻروچ جي ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي ۔۔۔ خئير اهو ڪم اڄڪلهه جي معاشرتي مصروفيتن سبب جت مائرون پنهنجن ٻارن کي گهڻو وقت ڏئي نه سگهنديون آهن اتي ڪم جو آهي پر اسان وٽ ته ماءُ ۽ ٻار هڪٻئي کي چڱيءَ ريت سڃاڻن ۔۔۔ ٻار رنو ناهي امڙ ٿڃ ڏيڻ لئه تيار يا وري گرائپ واٽر زنده آباد ۔۔۔ باقي ته ٻار به وڏا استاد آهن ۔۔۔هڪ دفعي مون پنهنجن ٻن نياڻن کي گڏ دڪان تي وٺي ويس ننڍڙيءَ ضد ڪيو ته هوءَ آيس ڪريم نه ڪولڊ ڊرنڪ وٺندي، مون کيس ڪولڊ ڊرنڪ وٺي ڏني ۽ ٻيءَ کي آيس ڪريم، ٿوري دير کانپوءِ ننڍڙيءَ چيو ته منهنجي آيس ڪريم ڪٿي آهي ۽ روئڻ شروع ڪيائين، مون کيس آيس ڪريم به وٺي ڏني ۔۔۔ اڳتي هلي وڏي ڀيڻ کي سڪائيندي چيائين ڏس مون ڪيئن ٻئي شيون ورتيون !!! آهي نه استادي ؟
جواب: ٻار ڇو ٿو روئي۔۔۔۔؟۔۔ هاڻي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔ بروبر سائين، منهنجي ڀائرن جا ٻالڪ به مارڪيٽ هلڻ تي مون سان ايئن جٺون ڪندا آهن، ٻار مطلب ته بادشاهه