رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي! ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي.
مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا، تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي.
سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي.
او وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان! سِج ويندو لهي، پيرَ ويندا ڊَهي.
ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين، تون نه ميهارُ آهين، نه تو وَٽ مَهي.
اسان جو پڙهندڙ شايدڪنهن به تخليقڪار بابت اهوڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن پنهنجي تخليقي عمل کي ڪيئن وقت ڏنو آهي،۽ پنهنجو ڪم ڪهڙين حالتن ۽لمحن ۾ هن تخليق ڪيو آهي
منهنجي علم مطابق دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائنسدان، سياستدان سرڪاري ڪامورا، ۽ اداڪار پڻ پنهنجون آتم ڪٿائونلکندا رهيا آهن ۽گڏيل نموني اهي به گهڻيون پڙهيون وينديون آهن، سنڌي ادب ۾ به اسان جن ڪيترن اديبن پنهنجون پنهنجون آتم ڪهاڻيون لکيون آهن، مگر انهن جو انداز پنهنجو آهي، مگر سنڌ جي هن عظيم شخصيت ۽ شاعر
شيخ اياز صاحب جيڪو آتم ڪهاڻي جو انداز اپنايو آهي اهو ڪجهه الڳ آهي،
اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ڪنهن به ترتيب سان ناهي لکي، پر اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جو انداز هڪ مولوي واري واعظ جهڙو رکيو آهي، جيڪو هڪ بيان کان ٻئي بيان تائين ڪٿان کان ڪٿي نڪري ٿو وڃي۔۔ اياز جي آتم ڪهاڻي ۾ اياز صاحب نه پنهنجو احوال ترتيب سان ڏنو آهي نه وري پنهنجن دوستن عزيزن جو، بس آتم ڪهاڻي لکندو ويو آهي، شايد ان ڪري ته کيس اهيو ڊپ رهيو ته هاڻ مون وٽ ٽائيم تمام گهٽ آهي، سو آتم ڪهاڻي کي گهمائيندو ويو آهي۔
اياز صاحب جي آتم ڪهاڻي جا چارئي جلد مون پڙهيا آهن، ۽ اياز صاحب انهن ۾ پنهنجا عيب ثواب به تمام گهڻا لکيا آهن، عشق محبت مذهب، ۽ عياشي وارن ڪمن جو به ذڪر ڪيو آهي، مذهب تي به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن،۽
وري اسلام ڏانهن موٽ کائڻ تي پنهنجي دوستن جي تنقيد جو به ڏک ڪڍيو اٿس۔ جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي هڪ دلچسپي پڻ ٿئي ٿي۔ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جا ڪجهه قصا پنهنجن هنن ڪتابن ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ـــــــــــــــــ ۽ ساهيوال جيل جي ڊائري ۾بيان ڪيو آهن۔
حاصل مطلب اياز صاحب جون سوانح عمريون پڙهڻ لائق آهن۔۔۔مان وري به
دوست محترم سليمان وساڻ صاحب کي سلام پيش ڪندس جو ههئڙا قيمتي ڪتاب اسان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري اسان تائين مفت ئي مفت ۾ مهيا ڪري ڏئي ٿو، جنهن لاء کيس آفرين هجي۔
باقي اهيا هڪ حقيقت آهي ته اياز جهڙي شاعري سهڻي آهي اهڙو وري نثر سهڻو آهي۔سندس آتم ڪهاڻي جي مطالع مان اهيا چکي ريت پروڙ پوي ٿي ته اياز جو مطالعو تمام وڏو هو۔ جنهن جا عڪس سندس لکڻي مان ظاهر آهن، اياز صحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي لکندي سنڌ جي سورن جي ڳالهه به تمام سهڻي نموني ڪري ويو آهي۔۽ سنڌ جي عورت تي ٿيندڙ
ظلم ۽ بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جي. روين جي به تمام سهڻي نموني ڳالهه ڪري ويو آهي۔جيڪا ڳالهه سندس شاعري ۾ به نظر اچي ٿي۔
اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،
مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.
هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.
هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،
اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا.
اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،
تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا .