پوري ڏينهن جي مصروفيتن جون تصويرون ڪڍندڙ خودڪار ڪيمرا..

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    انسان پنهنجي پوري زندگي دوران لکين شين جو مشاهدو ڪندو آهي ۽ هزارين تجربا حاصل ڪندو آهي۔۔ پر انسان روزانو جيڪو به ڏسندو آهي، ٻڌندو آهي يا محسوس ڪندو آهي اهو کيس گهڻو وقت ياد ناهي رهندو۔۔ ڪجهه وقت اڳ جي ئي ڳالهه آ۔۔ اهڙن تجربن ۽ واقعن کي ياد رکڻ لاءِ ڊائري لکي ويندي هئي۔۔ پر هاڻي جي جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ڊائري لکڻ لاءِ به وقت ڪاٿي۔۔۔!!
    پر انسان جي ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ سويڊن جي هڪ ڪمپني Memoto سوچيو ۽ عملي ڪم ڪري ڏيکاريو۔۔۔ هن هڪ ننڍي ڪيمرا آڻي مسئلو ئي سلجهائي ڇڏيو۔۔ هي ننڍي ڪيمرا جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر رڳو 36 ملي ميٽر آهي کي شرٽ يا قميص جي ڳچي ۾ لڳايو، چنبڙايو يا وري لاڪيٽ جي صورت ۾ پهريو۔۔ هن ڪيمرا جو ڪم آهي ته هر 30 سيڪنڊن کان پوءِ هر ان شيء جي تصوير پاڻهي ڪڍي وٺي جنهن کي توهان ڏسو پيا۔۔۔
    انهن نڪتل تصويرن کي بعد ۾ هڪ الگورٿم ذريعي فلٽر ڪري سگهجي ٿو ته جيئن انهن تصويرن مان دلچسپ ۽ منفرد تصويرن کي الڳ ڪري سگهجي۔۔۔
    ميموٽو ڪمپني جي سي اي او ”مارٽن ڪالستروم جو چوڻ آهي ته هو ماڻهن لاءِ بهترين فوٽوگرافڪ ميموري مهيا ڪرڻ چاهي ٿو۔۔ ۽ ان لاءِ هي ڊوائيس wearable computer وانگر هڪ مثال آهي۔۔ هن جي اهم حصن ۾ 5 ميگا پڪسل جو اميج سينسر جيڪو موبائيل فونز ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، هڪ ARM9 جو پروسيسر، 8 گيگا بائيٽس جي ميموري، جي پي ايس سينسر، ايڪسيليروميٽر ۽ ميگنيٽو ميٽر شامل آهن۔۔ هن ڊيوائيس تي لينڪس آپريٽنگ سسٽم انسٽال ٿيل آهي جنهن تي اهو پروگرام هلندو آهي جيڪو هن ڊيوائيس کي هر 30 سيڪنڊن کان پوءِ پاڻمرادو تصوير ڪڍڻ لاءِ تيار ڪندو آهي، مختلف سينسرز سان ڊيٽا جمع ڪندو آهي ۽ فوٽ ڪڍڻ کان پوءِ Sleep موڊ ۾ موڪلي ڇڏيندو آهي۔۔۔

    وڌيڪ تفصيل لاءِ ڪمپني طرفان متعارف ڪيل هي وڊيو ڏسو۔۔۔​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بيحد ڪارآمد ايجاد آهي، پر هن جي وڌيڪ اهميت تڏهن ٿئي ها جڏهن آوازن جي ريڪارڊ ڪرڻ جو به ڪو پروگرام هجيس ها۔۔
    ٻيو ته اڄڪلهه جي حالتن کي ڏسندي اڪثر سنڌي ماڻهو انهن ايجادن کي استعمال ڪرڻ جي قابل ئي ناهن۔۔۔:(
    جڏهن زندگي جون سڀ بنيادي سهولتون سنڌي ماڻهن کي مهيا ٿي وينديون، جڏهن بنيادي انساني حق هر عام غريب ماڻهو تائين پهچي ويندا، زندگي گذارڻ ۽ رهڻي ڪهڻي جو معيار هيٺائين سطح کان مٿي پهچندو۔۔۔تڏهن هي ڪيميرا ۽ جديد ايجادون به اسان سڀني جي پهچ ۾ اچي وينديون۔
    شل اهڙو وقت جلد اچي۔ آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو