بلوچستان ۾ زلزلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2013۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بلوچستان ۾ دالبندين جي ويجهو زلزلي جا جهٽڪا محسوس ، ريڪٽر اسڪيل تي 7۔7 زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو 33 ماڻهن جي فوتڪي جا اطلاع وصول ، زلزلي کان پو گوادر جي سمنڊ ۾ 40 فوٽ ڊگهو ٻيٽ ظاهر ، سنڌ ٽي وي نيوز
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪالهه مورو ۾ به زلزلي جا ڪجهه جهٽڪا محسوس ٿيا الله تعالى پنهنجي پناهه ۾ رکندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه شام ساڍي چئين وڳي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. بلوچستان جي علائقي آواران ۾ 60 ڄڻا فوت ۽ 250 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع. ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل موجب خضدار کان 145 ڪلو ميٽر پري واري علائقي دالبدين تان شروع ٿيل زلزلي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن کي ڌوڏي ڇڏيو. بلوچستان جي چيف آف اسٽاف ايرا برگيڊيئر واجد تصديق ڪئي آهي ته آواران ۽ تربت ۾ زلزلي سبب ڪيتريون ئي ڪچيون جڳهون ڪري پيون آهن. جنهن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 60 جي لڳ ڀڳ آهي. جڏهن ته 250 کان وڌيڪ زخمي پڻ آهن. هوڏانهن سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس، گمبٽ ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. ماڻهو خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته هالاڻي لڳ ڍوڍا ۾ ٻه جڳهون ڪرڻ سبب ٻه ٻارڙا زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. موسميات کاتي موجب زلزلي جو مرڪز خضدار کان 145 ڪلو ميٽر پري علائقو دالبدين هو ۽ ان جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7.8 نوٽ ڪئي وئي. هوڏانهن بلوچستان حڪومت اڱاري ڏينهن صوبي ۾ آيل زلزلي دوران آوران ضلعي ۾ 32 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. 7.8 جي شدت سان آيل طاقتور زلزلي بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن کي متاثر ڪيو آهي، بلوچستان جي هوم سيڪريٽري اسد گيلاني ٻڌايو ته هن وقت تائين کين 32 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جون رپورٽون مليون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون پڻ ڪري پيون آهن. فوتين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن، اهي واقعا بلوچستان جي متاثر ضلعن جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ پيش آيا. هن ٻڌايو ته زلزلي متاثر علائقن ڏانهن امدادي ٽيمون اُماڻيون ويون آهن. هوم سيڪريٽري ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته متاثرن جي مدد لاءِ فوري طور تي رليف ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو وڃي. هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان ٻڌايو آهي ته زلزلي ۾ 80 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن، جن کي خضدار جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ ترجمان ٻڌايو ته ڊاڪٽرن ۽ نيم طبي عملي کي چوڪس ڪيو ويو آهي جيڪي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. زخمين ۾ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن. خضدار، آوران، تربت، گوادر ۽ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ زلزلي سبب نقصان پهتو آهي. ترجمان چيو ته آوران ضلعي ۾ مالي نقصان سان پڻ جاني نقصان ٿيو آهي. ٻئي طرف پاڪ فوج جا 2 هيليڪاپٽر دوائون ۽ ٻيو خوراڪ جو سامان کڻي ڪوئيٽا کان آوران روانا ڪيا ويا آهن جيڪي زلزلي متاثر علائقن ۾ متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ جي آپريشن ۾ حصو وٺندا. سرڪاري ذريعن مطابق هيليڪاپٽرن ۾ خوراڪ جو سامان، ڪمبل، دوائون، خيما ۽ ٻيو سامان پڻ اُماڻيو ويو آهي. پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر صوبائي انتظاميه جي مدد ڪندا. هيليڪاپٽرن ۾ فوج جا ڊاڪٽر ۽ نيم طبي عملو پڻ موجود آهي.


    تازه اطلاع آهن ته مري ويندڙن جو انگ وڌي 105 تائين پهتو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو