شاهده سمون
سينيئر رڪن

ـ سائي چانهہ جافائداـ
تازو امريڪـي ڊاڪٽرن هڪـ ڪريم تيار ڪئي آهي جنهن لاء چيو وڃي ٿو تہ اها چمڙي جي ڪينسر کان بچائي ٿي ، ڇوتہ ان ۾ سائي چانهه بہ شامل آهي ـ سائي چانهہ مختلف بيمارين لاء مفيد آهي ، انهيءَ چانهہ سان ميٽابولزم جي رفتار تيز ٿيندي آهي ، امريڪي جائزي موجب کاڌي ۽ ورزش جي روزانہ جي طريقيڪار ۾ ڪابہ تبديلي ڪرڻ جي بغير فقط ڏينهن ۾ ٽي کان چار دفعا سائي چانهه پيئڻ سان روزانہ ٻہ سئو فالتو ڪيلريز ۾ لاٿ ٿئي ٿي ، ان جي پيئڻ سان رت ۾ کنڊ جي مقدار گهٽجي ويندي آهي ـ جيڪڏهن کنڊ جسم ۾ وڌيڪ هوندي تہ اها سڻڀ جي شڪل ۾ گڏ ٿي ڪري جسم کي نقصان رسائي ٿي انڪري کنڊ گهٽ ٿيندي تہ سڻڀ بہ گهٽ ٿيندو سائي چانهه سان جسم ۾ خطرناڪ ڪوليسٽرول يعني hdl گهٽ ٿيندوآهي ۽ جهن ڪري رت پٽڙو ٿيندو آهي ۽ ڄمندو نہ آهي جئين تہ اهو اسپرين جو ڪم ڪري ٿي ـ سائي چانهه جي روزانو هڪ ڪپ پيئڻ سان شگر جي مريض کي پڻ فائدو ٿئي ٿو ، جيري ۾فولاد جي مقدار وڌي وڃي تہ اهو اڪثر (وائرسي) ڳوڙهي جو سبب بڻجي ٿو سائي چانهه اسان جي جسم ۾ فولاد جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي ، جگر جي ورم جي صورت ۾ ان جو استعمال فائديمند آهي ، ان ۾ ڪينسر جي مرض جي جزن کي وڌڻ کان روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي آهي ـ انهي کانسوا سائي چانهه مان انساني جسم لاء بيشمار طبي فائدا آهن