• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 25 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 25 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


25 سيپٽمبر 1866ع حياتيات جي ماھر ٿامس ھنٽ مورگن جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1887ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر مخدوم محمد صالح ڀٽي (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1903ع مذهبي اسڪالر، قرآن پاڪ جي مفسر ۽ جماعت اسلامي جي باني مولانا ابو الاعلى مودودي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1934ع شاعر سڄڻ قبولائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1936ع مير غلام اڪبر مشتاق ٽالپر شهداداڻي ٽالپرن جي ڄاماڻي پاڙي جي خاندان ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
25 سيپٽمبر 1937ع ليکڪ نند دوارڪاداس ايسواڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1944ع نامياري محقق ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي ائسوسيئيٽ پروفيسر، شھيد حزب الله ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1955ع نامياري گلوڪار اسد امانت علي خان جو جنم ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ خالد جميل ڀنڊ جو جنم ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1969ع شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو (محرابپور) جو جنم ڏينهن آهي.
25 سيپٽمبر 1971ع شاعر فيض سومرو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

25 سيپٽمبر 1897ع شاعر آسو رام آسو دادلاڻي جي ديهانت ٿي.
25 سيپٽمبر 1917ع راڳي ڀڳت چيتو رام (روهڙي) جي ديهانت ٿي.
25 سيپٽمبر 1941ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر لغاري جو لاڏاڻو ٿيو.
25 سيپٽمبر 1972ع شاعر مرزا قمر علي بيگ حيدري (ٽنڊو ٺوڙهو) جو انتقال ٿيو.
25 سيپٽمبر 1981ع سياستدان چوڌري ظھور الاهي کي لاھور ۾ قتل ڪيو ويو.
25 سيپٽمبر 1996ع صوفي شاعر صوفي ولي محمد تراب (تجل شريف) جو انتقال ٿيو.
25 سيپٽمبر 2005ع تعليمي ماھر، عالم ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ خان جو انتقال ٿيو.

واقعا

1911ع – اٽلي ترڪي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
1947ع – ڪشميري اڳواڻ پنڊت پريم ناٿ بزاز پاران شيخ محمد عبدالله کان مطالبو ڪيو ويو ته اهو ڪشميرن جو پاڪستان سان الحاق ۾ رڪاوٽ نہ بڻجي.
1964ع – پرتگال خلاف موزمبيق جي آزادي جي جنگ شروع ٿي.
1969ع -- مشھور سنڌي فلم رنگ محل رليز ٿي.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اڄ جي تاريخ ڇا ڏنو ڇا ورتو:
فقير محمد سنڌي :

25سيپٽمبر 1903ع تي عالم دين مولانا سيد ابو الاعلي'مودوديء جو جنم ڏينهن آهي.
25سيپٽمبر 1917ع تي راڳي ڀڳت چيتو رام روهڙي واري جنم ڏينهن آهي.
25سيپٽمبر 1918ع تي مصر جي سابق صدر انور سادات جو جنم ڏينهن آهي.
25سيپٽمبر 1929ع تي علامه اقبال جي استاد، مولانا مير حسن جو لاڏاڻو ٿيو.
25سيپٽمبر 1934ع تي شاعر سڄڻ قبولائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25سيپٽمبر 1937ع تي ليکڪ ننڊ دوارڪا داس ايسواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
25سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت سان جنگ ختم ٿي.
25سيپٽمبر 1978ع تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي آئي.
25سيپٽمبر 1981ع تي ممتاز سياسي رهنما چوڌري ظهور الاهيءَ جو قتل ٿيو. 25سيپٽمبر 1996ع تي صوفي شاعر، صوفي ولي محمد تراب، لاڏاڻو ڪيو.​
 
Back
Top