اَفلا تَعقِلُونَ ڇا توهان عقل نٿا رکو (القرآن)هن تحرير جو مقصد عام ماڻهن تائين تماڪ جا نقصان ۽ اسلامي نقطه نظر پهچائڻ آهي ته جيئن تماڪ استعمال ڪندڙ ماڻهو هن بُري عادت کي ڇڏي سگهن ۽ معاشري ۾ هڪ سٺي صحتمند زندگي گُذاري سگهن۔ بيشڪ حلال به واضع آهي ۽ حرام به واضع آهي، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه ڳالهيون مشڪوڪ آهن جن کي اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻين، بس جيڪو ماڻهو انهن مشڪوڪ شين کان بچي ويو ته ان پنهنجي دين ۽ پنهنجي عزت کي بچائي ورتو۔(صحيح بخاري، صحيح مسلم) تماڪ جا قسمسگريٽ، ٻيڙي، حُقو، شيشو، پان، چٻائڻ وارو تماڪ، سُپاري(ڇاليه)، پان مسالحو، نسوار،گُٽڪو وغيره۔ تماڪ جا نقصانسگريٽ يا حُقي جي دُوهين سان گڏ اٽڪل چار هزار نقصان رسائيندڙ ڪيميڪل ( ڪاربان مونو آڪسائيڊ، سلفر ڊا آڪسائيڊ، سائينائيڊ ٽار وغيره) ڦڦڙن ۽ جسم جي ٻين حصن تائين پهچي وڃن ٿا ۽ مختلف جان ليوا بيماريون پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ ٿين ٿا۔ انهن مان ڪجهه اهم بيماريون هي آهن۔ ساهه جون بيماريون: دائمي کنگهه، نمونيا، ٽي بي، دل جو دورو ۽ ڌڙڪڻ وڌي وڃڻ، ها بلڊ پريشر۔ رت جو وهڪرو گهٽجي وڃڻ(Atherosclerosis): اهڙي حالت ۾ فالج۔ گردن جو رت کي صاف ڪرڻ واري عمل ۾ گهٽتائي، آڱرين جو ڪارو ٿي وڃڻ (Gangrene) جو امڪان وڌي وڃي ٿو۔ معدي ۾ تيزابيت ۽ هاضمي جي خرابي۔ ٻُڌڻ جي صلاحيت جو گهٽ ٿي وڃڻ۔ نظر جي خرابي۔ هڏين جو ڪمزور ٿي وڃڻ۔ کل تي گُنج پيدا ٿيڻ۔ مردانه قوت ۾ گهٽتائي، حمل متاثر ٿيڻ۔ چٻائڻ واري تماڪ سان وات ۾ موجود حفاظتي تهه پڻ متاثر ٿئي ٿو ۽ وات ۾ زخم ٿيڻ لڳندا آهن۔جنهن جي ڪري اهو حفاظتي تهه سخت ٿيو وڃي۔ اهو ئي سبب آهي جو تماڪ استعمال ڪندڙن جو وات پورو نه کلي سگهندو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وات جو اهو سخت تهه ڪينسر ۾ به تبديل ٿي ويندو آهي۔ انکان علاوه وات ۾ بدبو جو ٿيڻ ۽ مسوڙن ۾ سوڄ جو ٿيڻ به عام آهي۔ ڪينسرڦڦڙن جو ڪينسر 90 سيڪڙو تماڪ جي ڪري ٿيندو آهي۔ جديد تحقيق سان اهو پڻ ثابت ڪيو ويو آهي ته جسم جي مختلف حصن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو اهم ڪارڻ تماڪ جو استعمال آهي۔ جسم جي انهن حصن مان هيٺيان حصا قابلِ ذڪر آهن۔ وات نڙي غذا جي نالي۔ معدو لبلبو مثانو ٻچي داني جو هيٺيو حصو ڇاتين جو ڪينسر۔ تماڪ نشو آهي تماڪ ۾ نڪوٽين هوندي آهي۔ جنهن کي نشو ڏيندڙ جزو سمجهيو وڃي ٿو۔ هن جو اثر هيروئن کان به وڌيڪ طاقتور آهي۔ ان جي استعمال سان ماڻهو تماڪ جو غلام بڻجي ويندو آهي ۽ سندس طبيعت ۾ بيزاري، غصو ۽ ڊپريشن پڻ پيدا ٿي وڃي ٿو۔ تماڪ جي استعمال سان ٻين کي نقصانسگريٽ يا حُقو پيئندڙ جو دوهون پنهنجي ويجهو ويٺل صحتمند ماڻهن کي به نقصان پهچائيندو آهي۔ خاص طور تي گهر، آفيس ۽ ڪمرن ۾ سگريٽ پيئندڙ يا سفر ۾ سگريٽ پيئندڙ ماڻهو جي دوهين سان عورتون، ٻار ۽ پوڙها به اهو دوهون پنهنجي ساهه سان جسم جي اندر شامل ڪريو ڇڏين۔ اهڙي طرح انهن ۾ به اهي ساڳيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون جيڪي تماڪ استعمال ڪندڙن ۾ ٿين ٿيون۔ تماڪ سان موت جو خطرو تماڪ استمال ڪندڙ هر 100 ماڻهن مان 50 ماڻهن جي موت جو ڪارڻ اهي بيماريون هونديون آهن جيڪي تماڪ جي ڪري پيدا ٿين ٿيون۔ اهڙيون بيماريون (۽ موت) جن کان بچي سگهجي ٿو اهي سڀ تماڪ جي ڪري ٿين ٿيون۔ هر سال ڪروڙين ماڻهو تماڪ جي استعمال ڪرڻ سان موت جو شڪار ٿين ٿا۔ سگريٽ زندگي جا 11 قيمتي منٽ ضايع ڪندو آهي۔ سگريٽ پيئندڙ جي زندگي اندازن 10 سال گهٽ ٿي وڃي ٿي۔ اهي نقصان معلوم ٿيڻ کانپو ڇا ڪنهن به سمجهدار ماڻهو لا تماڪ جي استعمال جي گنجائش باقي رهي ٿي۔۔؟ هلندڙ حواله: پاڪستان اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئشن(پيما) Society "MPower The" 2008 epidemic tobacco global the on report" WHO Society " Chest Pakistan 2009" Cessation Tobacco on Guidlines National تمباڪو يا صحت انتخاب خود ڪيجيئي۔ آغا خان يونيورسٽي هاسپيٽل تمباڪو يا صحت مند زندگي۔ آپ ڪا ڪيا انتخاب۔ الخدمت ويلفيئر ايسوسيئشن ڪيا تمباڪو ڪا استعمال حرام هي۔۔؟ انجمن خدام القرآن سندهه ڪراچي "Smoking A social Problem" by Muhammed Al jibaley: Al Quran- was Sunnah Society of North America
ڊاڪٽر صاحب هميشه وانگر تمام اهم موضوع تي قيمتي ۽ ڄاڻ وارو ليک موڪليو اٿو۔ تماڪ نوشي جو مطلب آهي پنهنجي پئسن تي خطرناڪ بيمارين کي خريد ڪرڻ۔ ڪاش انسان پنهنجي خساري وارين شين ڏانهن توجهه ڏئي۔ سدا سلامت رهو
گناهه اهو آهي جيڪو تنهنجي دِل ۾ کُٽڪي ۽ تنهنجي دل اهو ڪم ڪرڻ تي راضي نه ٿئي، ڀلي ماڻهو تو کي (ان جي جواز لا) فتوى ڏئي ڇڏين۔ (مسند احمد) تماڪ دين جي نّظر ۾رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي دور ۾ ۽ اصحابين سڳورن جي دور ۾ تماڪ موجود نه هو انڪري ان جي استعمال کان روڪڻ جون حديثون به موجود نه آهن۔ شروعاتي دور جي مختلف عالم سڳورن اهو ڏسندي ته هن جي تاثير شراب جهيڙي نه آهي ان کي مڪروهه جي درجي ۾ رکيو هو۔ هاڻ جديد تحقيق سان جڏهن ان جا نقصان سامهون آيا آهن ته اهو رايو تبديل ڪيو ويوآهي۔ مارچ 1982ع ۾ مديني پاڪ ۾ منشيات جي استعمال خلاف ٿيندڙ اسلامي ڪانفرنس ۾ اسلامي دنيا جي 17 ملڪن سان تعلق رکندڙ چوٽي جي عالمن تماڪ جي استعمال کي حرام قرار ڏنو آهي۔ (انهن عالمن ۾ مفتي اعظم سعودي عرب جناب عبدالعزيز بن باز، ريڪٽر جامع ازهر ڊاڪٽر احمد عمر هاشم، مفتي اعظم عمان شيخ احمد بن حماد اخليلي ۽ علامه يوسف القرضاوي شامل هئا) ان ڪانفرنس ۾تماڪ نوشي کي حرام ڪرڻ لا هيٺيون دليلون ڏنيون ويون هيون۔ تماڪ جي استعمال سان پيدا ٿيندڙ بيماريون ۽ موت ۽ الله جي واٽ ۾ خرچيو ۽ (پاڻ کي) پنھنجي ھٿن سان ھلاڪت ۾ نه وجھو، ۽ چڱائي ڪريو، ڇوته الله چڱائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي. (سورت البقره 195) اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي. (سورت النساء 29) جنهن ماڻهوڪنهن زهر سان پاڻ کي ماريو ته (قيامت جي ڏينهن) اهو زهر ان جي هٿ ۾ هوندو ۽ هو جهنم جي باهه ۾ هميشه ان کي استعمال ڪندو رهندو۔ (صحيح بخاري) تماڪ جي استعمال سان وات ۽ ساهه ۾ غلاضت ( ۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ مندن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن. (الاعراف 157) (اي پيغمبر) توکان پڇن ته اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چؤ ته اوھان لاءِ (سڀ) سٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار به حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي، ته جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بِسۡمِ اللهِ اَللهُ اَڪۡبرُ) چئو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت حساب وٺندڙ آھي. (المائده 4) جيڪو به ادرڪ يا بصر کائيندو آهي اُهو اسان کان، اسان جي مسجد کان پري رهي۔ فرشتن کي يقينن انهن شين سان تڪليف ٿئي ٿي جن سان انسانن کي تڪليف ٿئي ٿي۔ (صحيح بخاري ۽ مسلم) صفائي ايمان جي شرط آهي۔ (صحيح مسلم) تماڪ جي دوهين سان ٻين کي تڪليف تڪليف نه ڏيو ٻين کي ۽ نه ئي پنهنجي ذات کي۔ (مسند احمد) مؤمن اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن۔ (صحيح بخاري) جيڪو شخص الله ۽ آخرت تي يقين رکي ٿو، ان کي گهرجي ته اهو پنهنجي پاڙيسري کي تڪليف نه ڏئي۔ (صحيٍح بخاري) تماڪ ۾ نشو آهياي ايمان وارؤ شراب ۽ جؤا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھنڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو ته مانَ ڇٽو. (المائده 4) هر نشي واري شي خمر آهي ۽ نشي واري شي حرام آهي۔ (صحيح مسلم) جنهن شي جي گهڻي مقدار مان نشو ٿئي ٿو ان جي گهٽ مقدار جو استعمال به حرام آهي۔ (ابو داؤد) هلندڙ حواله: پاڪستان اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئشن(پيما) Society "MPower The" 2008 epidemic tobacco global the on report" WHO Society " Chest Pakistan 2009" Cessation Tobacco on Guidlines National تمباڪو يا صحت انتخاب خود ڪيجيئي۔ آغا خان يونيورسٽي هاسپيٽل تمباڪو يا صحت مند زندگي۔ آپ ڪا ڪيا انتخاب۔ الخدمت ويلفيئر ايسوسيئشن ڪيا تمباڪو ڪا استعمال حرام هي۔۔؟ انجمن خدام القرآن سندهه ڪراچي "Smoking A social Problem" by Muhammed Al jibaley: Al Quran- was Sunnah Society of North America
تماڪ فضول خرچي آهي۽ مائٽي وارا ۽ مسڪينن کي ۽ مُسافرن کي سندن حق ڏي ۽ اڍنگائيءَ سان اجايو نه وڃاءِ. ڇوته اجايو وڃائيندڙ شيطانن جا ڀائر آھن، ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪندڙ آھي. ( بني اسرائيل 26،27) الله پاڪ کي ٽن شين کان نفرت آهي۔ فضول ڳالهين کان، پنڻ کان ۽ مال ضايع ڪرڻ کان۔ (صحيح بخاري، صحيح مسلم) قيامت جي ڏينهن ابنِ آدم جا قدم چُري نه سگهندا، جيستائين ان کان پنجن ڳالهين جي باري ۾ نه پڇيو ويندو۔ زندگي ڪيئن گذري۔۔؟ جواني ۾ ڇا ڪيو۔۔؟ مال ڪيئن ڪمايو۔۔؟ مال ڪٿي خرچ ڪيو۔۔؟ جيڪو علم حاصل ڪيو ان تي ڪيترو عمل ڪيو۔۔؟ (ترمذي) تماڪ جي استعمال سان عبادتن ۾ رنڊڪ روزو پورو ڪرڻ مشڪل۔ جماعت سان نماز پڙهندي وات جي بدبو جيڪري ٻين نمازين کي تڪليف۔ اعتڪاف ۽ حج وغيره ۾ خلل۔ نفل روزن ۽ نفل نمازن جو شوق گهٽجي وڃڻ۔ فضول خرچ ڪرڻ سان مال جو ضايع ٿيڻ۔ ڪاوڙ ۽ بيزاري سان اخلاقي ڪمزوري۔ نيڪ محفلن کان پري ٿيڻ ۽ بُرن جي صحبت۔ تماڪ نوشي جا اخلاقي رخ پاڻ کي نقصان (بيماري ۽ موت) ٻين کي نقصان (نه چاهيندي به ٻيا ماڻهو دوهين کان متاٿر ٿين ٿا۔) مال جو بيجا زيان۔ ٻين لا برو مثال ٿيڻ (خاص طور تي ٻارن لا) نشي ۾ ملوث ٿيڻ (هڪ نشو ٻئي نشي کي دعوت ڏيندو آهي۔) تماڪ نوش الله جي ذڪر بدران تماڪ مان سڪون وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي۔ تماڪ جو ڇڏڻ ممڪن آهيبيشڪ تماڪ جي عادت پئجي وڃڻ کانپو انکي ڇڏڻ آسان نه آهي۔ اهو هڪ بيحد مشڪل ڪم آهي پر انسان پڪو ارادو ڪري ڇڏي ته تماڪ ڇڏڻ ناممڪن به ڪونهي۔الله تي توڪل ڪري ۽ ان کان مدد گهري پڪو ارادو ڪجي ته هڪ هفتي کان ٻن هفتن جي عرصي دوران تماڪ جي عادت ڇڏي سگهجي ٿي۔ تماڪ ڇڏڻ سان شروعاتي عرصي ۾ ڪجهه علامتون پيدا ٿي سگهن ٿيون۔ ان لا ڪنهن ماهر ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گهرجي۔ ڪجهه ڏينهن جي تڪليف برداشت ڪرڻ سان سڄي عمر جي فضول خرچي، بي مقصد ۽ بيمار زندگي کان بچي سگهجي ٿو۔ تماڪ جي استعمال بابت عالم سڳورن جا مختلف رايا آهن۔ ڪجهه عالمن ان کي حرام قرار ڏو آهي ته ڪي وري مڪروهه سمجهن ٿا۔ ڇا اسان لا اهو بهتر نه آهي ته اسان مشڪوڪ ۽ مڪروهه شين کان به پرهيز ڪريون۔؟ الله پاڪ کان دعا آهي ته اسان سڀني کي هدايت ڏئي، صحت عطا ڪري ۽ اسان کان راضي ٿي وڃي۔ آمين۔ اَفلا تَعقِلُونَ ڇا توهان عقل نٿا رکو (القرآن)حواله: پاڪستان اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئشن(پيما) Society "MPower The" 2008 epidemic tobacco global the on report" WHO Society " Chest Pakistan 2009" Cessation Tobacco on Guidlines National تمباڪو يا صحت انتخاب خود ڪيجيئي۔ آغا خان يونيورسٽي هاسپيٽل تمباڪو يا صحت مند زندگي۔ آپ ڪا ڪيا انتخاب۔ الخدمت ويلفيئر ايسوسيئشن ڪيا تمباڪو ڪا استعمال حرام هي۔۔؟ انجمن خدام القرآن سندهه ڪراچي "Smoking A social Problem" by Muhammed Al jibaley: Al Quran- was Sunnah Society of North America
بيشڪ سائين سچ پيا فرمايو تمام تعريفون ان پروردگار جون جنهن انسان جي ڀلائي کي پنهنجي بندگي قرار ڏنو ۽ انسان جي نقصان کي پنهنجو گناه قرار ڏنو۔ وسلام
بهترين ڄاڻ ۔ پر سائين ڪجهه ماڻهن جا غلط خيال آهن جيڪي چون ٿا ته ”ڪينسر يا ٻيون بيماريون انهن کي به ٿين ٿيون جيڪي نشو پتو نٿا ڪن “ سائين پو انهن جو ڇا ڪجي !؟ مونکي هڪ سنگتي چيو جيڪو ميڊيڪل جو شاگرد آهي۔ سو چوي ٿو ته ”اڙي يار نشو ناهي ته زندگي بيڪار ٿي لڳي ، نشو ڪجي شراب جهڙو يا سگريٽ جهڙو“۔۔۔ هاڻ انهن کي ڪير سمٍجهائي !
ادا عبيدالله۔۔۔ڪينسر اصل ۾ جسم جي گهرڙن (Cells) جي تعداد ۾غير ضروري اضافو ۽ بي ترتيب واڌ جي ڪري ٿيندو آهي۔ گهرڙن جي اهڙي تيز رفتار واڌ سان جسم جي ان حصي ۾ رسولي ٺهي ويندي آهي۔ ڪينسر جسم جي ڪنهن به عُضوي ۾ ٿي سگهي ٿو۔ ڪينسر ٿيڻ جا سبب ڪيترائي آهن۔تماڪ به هڪ اهم سبب آهي۔ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪينسر جا ڪارڻ معلوم ٿيندا رهن ٿا۔اڄ به دنيا ۾ مختلف وڏين اسپتالن ۾ ڪينسر بابت تحقيق هلندڙ آهي۔ بحرحال هي هڪ تصديق ٿيل ڳالهه آهي ته تماڪ جسم جي ڪيترن ئي حصن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو هڪ اهم ڪارڻ آهي۔ان موضوع بابت وڌيڪ معلومات هيٺين آرٽيڪلز ۾ به موجود آهي۔ 1۔ تماڪ ۽ ڪينسر (جنرل آف نيونيٽل ڪينسر انسٽيٽيوٽ) 2۔تماڪ ۽ ڪينسر کان بچا (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) 3۔ڪينسر ريسرچ (برطانيا) جي هڪ رپورٽ ۔ باقي رهيو هي سوال ته جيڪي ماڻهو نشو نٿا ڪن انهن کي به ڪينسر ٿئي ٿو ته ادا اها به حقيقت آهي ڇو جو ڪينسر ٿيڻ جا ڪارڻ اڻڳڻيا آهن پر اها ڳالهه تماڪ جي استعمال ڪرڻ جو جواز نه آهي۔ مون مٿي تماڪ جا نقصان تفصيل سان لکيا آهن، انکان علاوه ديني نڪته نّظر به بيان ڪيل آهي۔ تماڪ جو استعمال سراسر نقصان جو سودو آهي۔ انڪري عقلمندي اها ئي آهي ته تماڪ جي استعمال کان پرهيز ڪجي۔ بيمارين جي سببن کي سمجهي انهن کان احتياط ڪنداسين ته صحتمند زندگي گذارينداسين۔ شل الله پاڪ پنهنجي ٻاجهه سان انهن موذي مرضن کان پنهنجي پناهه ۾ رکي۔ آمين۔ توهان جي ميڊيڪل جي دوست جي ڳالهه به عجيب آهي۔ نشو ناهي ته زندگي بيڪار آهي۔۔!! اها ڳالهه ڪو عقلمند ته نٿو چئي سگهي۔ بس اهو ئي چوندس ته پيني والي ڪو پيني ڪا بهانا چاهيئي۔!!
سائين واقعي سگريٽ نوشي هڪ بري علت آهي سگريٽ نوش جي وات ، جسم ، ڪپڙن مان به تماڪ جي ڌپ ايندي آهي سگريٽ نه ڇڪيندڙ ته سگريٽ نوش جي ڀر ۾ ويهڻ کي به ڳرو محسوس ڪندو آهي، سگريٽ نوشي لاء تفصيلي مضمون سنڌ سلامت تي اڳ ۾ ونڊ ٿي چڪا آهن موجوده دور جي اٺين ڪلاس جي انگلش واري ڪتاب ۾ يونٽ نائين ۾ پڻ تمباڪو نوشي جا نقصان تفصيل سان ٻڌايل آهن سبق جو عنوان آهي smoking is sinlent killer يعني تمباڪو نوشي خاموش قاتل وانگر آهي ٻين لفظن ۾ خود ڪشي به چئي سگهجي ٿي ان ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سگريٽ نوشي سان دونهين ۾ carcinogens ۽ tar جهڙا مادا شامل آهن جيڪي برين ٽشوز (دماغ)کي ڊيميج ڪن ٿا ۽ ڪينسر جو سبب بنجن ٿا ان کان علاوه ڦڦڙن طرف ويندڙ (ايئر پيسيج) هوا جي نالين کي سوڙهو بنائين ٿا ، رت کي ڄمائين ٿا وغيره ۽ اهو تجرباتي طرح هر ڪنهن محسوس ڪيو هوندو ته سگريٽ نوش ماڻهو ٿورو تڪڙو هلندو ته ان جو ساهه ڦلجي ويندو ۽ هو وڏا وڏا ساهه کڻندي سهڪندي ڏسڻ ۾ ايندو۔ سگريٽ نوشي کان علاوه به ڪينسر ٿي سگهي ٿي ليڪن هن عادت سان ان جا چانسز وڌيڪ آهن جيڪي ميڊيڪل ريسرچ ذريعي معلوم ٿي چڪا آهن۔ وڌيڪ هر ڪنهن جي مرضي آهي باقي سگريٽ جي پاڪيٽ تي به لکيل هوندو آهي ته تمباڪو نوشي صحت کي لئي مضر هي پر پڙهڻ باوجود جيڪو نه ٿو مڙي ان کي الله سمجهه ڏئي وڌيڪ ڇا ڪري سگهجي ٿو۔
سائين ممتاز مهرباني توهانجي ۔ ”بيمارين جي سببن کي سمجهي انهن کان احتياط ڪنداسين ته صحتمند زندگي گذارينداسين۔ شل الله پاڪ پنهنجي ٻاجهه سان انهن موذي مرضن کان پنهنجي پناهه ۾ رکي۔ آمين۔“ ثم آمين