ڇا توهان کي معلوم آ ته دنيا جي آبادي ڪيڏو نه تيزيء سان وڌي پئي۔۔۔؟ ان کان علاوه يقيين دنيا ۾ موت جي شرح ۾ پڻ اضافو ٿيندو پيو وڃي۔۔۔ دنيا ۾ ڪاربان ڊائي آڪسائيد ڪيتري مقدار ۾ موجود آهي۔۔؟ ۽ ڇا ان ۾ ڪا تبديلي به ٿي رهي آهي۔۔۔؟ اهڙن سمورن سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ لاءِ هن ويب سائيٽ تي اچو ۔۔۔ هي آهي بريٿنگ ارٿ دنيا جي آبادي بابت هن ويب سائيٽ تي انتهائي بهترين معلومات ڏنل آهي۔۔ ۽ اها به اهڙي طرح جو دنيا جو نقشو توهان جي سامهون هوندو۔۔۔ ۽ توهان مائوس ڪرسر جنهن ملڪ جي مٿان گذاريندو ۔۔ هيٺان ان ملڪ جي ڪل آبادي، پيدائش ۽ موت جي شرح گڏ ملڪ ۾ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ گئس جو مقدار پڻ ڏنل هوندو۔۔۔ دراصل هي ويب سائيٽ هڪ فرضي سسٽم آهي جتي دنيا جي حقيقي انگن اکرن سان پئدائش ۽ موت جو تناسب ٻڌايو ويو آهي هن ويب سائيٽ جو مقصد صاف ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ آهي۔۔۔ http://www.breathingearth.net
هي ته وڏو جهان آهي حقيقت ۾ غير يقيني نتائج ڏسي حيراني پئي ٿئي ته واقعي دنيا ايتري اسپيڊ سان وڌي پئي ڪجهه منٽن لاء ويب وزٽ ڪرڻ سان الائي ڪيترا ماڻهو مري ويا الائي ڪيترا هزار ڄمي پيا عجيب رنگ آهي۔ اڪثر موت جو شرح گهٽ پيدائش جو وڌيڪ آهي۔ شايد ان ڪري آمريڪا ريشو برابر ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي۔