منھنجي ديس جي امن کي التجا

'مختلف موضوع' فورم ۾ سانوڻ خاصخيلي طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2013۔

  1. سانوڻ خاصخيلي

    سانوڻ خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    42
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سوشل ورڪر
    ماڳ:
    حيدرآباد سنده
    [​IMG]منھنجي ديس جي امن کي التجا
    (سانوڻ خاصخيلي بدين)
    ميرا داغستان، ڪتاب جي خالق حمزه طوفھڪ ھنڌ لکي ٿو تـ “ انسان ڇھن مھينن ۾ ڳالھائڻ تـ سکي وڃي ٿو مگر اسي سالن تائين بـ خاموش نٿو ٿئي” سندس اھي سٽون ان ڪري بـ مانائتيون آھن ڇو تـ درد ۽ پيڙا لڪائڻ ڪنھن جي وس ۾ ناھي ھوندو. انسان جي فطرت جو اھو ھڪ الميو رھيو آھي تـ جڏھن بـ انسان پيڙاھن کي پنھنجي ئي پڌر تي پسيو آھي تنھن ويل کان وٺي ھن دردن جا داستان الاپيا آھن ۽ پنھنجي پيجھڙ ۽ ويجھڙ کي ويھي ان ويڌن جي وارتا جو پنھنجي مخصوص اسٽائل ۾ اطلاعيو آھي. ڪنھن خوب لکيو ھو تـ “ جڏھن امن جا بلبل اکين کان اوجھل ٿي وڃن تـڏھن پيڙاھن جا پيمانا لبريز ٿين ٿا ۽ اسان نـ چاھيندي بـ اھڙي عمل جا حامي ھوندا آھيون” اسان مان ڪو بـ ماڻھون ائين نـ چاھيندو تـ ھو پنھنجي ئي آستان ۾ ارمانن سان الجھيل ڪي انسان پسي يا وري پنھنجن جي پٿرن تي ويھي. اڄڪلھ امن جي پنڇين جا پيرا منھنجي ديس جي ڌرتي تان کڄي ويا آھن. نـ ڄاڻان ڪنھن جي نظرن جي عتاب ۾ اچي ڪنھن اُلڙ پن جي آھيڙي جو شڪار ٿي ويا آھيون ۽ پوءِ ساري ساڃاھ کان وانجھجي ويا آھيون تڏھن تـ چين ۽ سڪون ڪڏھوڪر اسان تان ارواھ ئي کڻي ويا آھن. صدين جي مھان ھستي مدر ٽريسا چيو تـ “ انسان چنڊ تي پُھچي وڃن جون دعوائون تـ ڪري ٿو مگر ھڪ انسان کي ٻئي انسان جي قتل کان نـ روڪي سگھيو آھي.” اسان پنھنجي اردگرد نظر وجھنداسين تـ ھر طرف بدامني جي باھ دُکيل نظر اچي ٿي. ھڪ ماڻھون ٻئي ماڻھون کي نٿو سُڃاڻي يا وري سُڄاڻڻ بـ نٿو چاھي ۽ نـ ئي وري ان سان ڪو بھتر تعلق جو خواھشان آھي. اھو ئي سبب آھي جو وڃن ٿا ويڇا وڌندا جيڪي اڳتي ھلي ڪنھن هُل ھنگامي جو عين سبب بنجن ٿا. جتان مارا ماري جو ھڪ اڻکٽ سلسلو جاري ٿئي ٿو. اسان جو مُلڪ پاڪستان، پنھنجي پيدائش واري ڏيھاڙي کان وٺي مسلسل مسئلن جي ڪري پريشان رھيو آھي. ڪڏھن مھاجرين وارا مامرا، ريسورس جي اڻھوند، آبادي جي رش، توانائي جي کوٽ، اندورني توڙي بيروني ڪرپشن، بيروني دٻاءُ، سياچن توڙي لائين آف ڪنٽرول تي فوجين جي جٿن جي ڪشڪشان، پاڻي جي ورھاست سميت سون، ھزارن مسئلن جي چڙچڙھان ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. انھن سڀن مامرن کان ھٽي ڪري ھن وقت جيڪو مُلڪ جو وڏو مسئلو آھي، اھوآھي بدامني وارو مسئلو جنھن ملڪ جي چيلھ چٻي ڪري وڌي آھي. پاڪستان جي روح شھر ڪراچي ۾ ھن وقت ٽارگيٽنگ ڪلنگ جي نالي تي جيڪا بدامني ۽ دھشتگردي ٿي رھي آھي ان جو ماپو ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ مشڪل سان ملندو. روز درجن جي حساب سان سجيل بدن بي روح ٿين ٿا. نـ مارڻ واري کي خبر تـ ھو اھڙو ڪڌو عمل ڇو پيو ڪري نـ وري مرڻ واري کي خبر تـ ھو ڪھڙي ڏوھ ۾ سولي چاڙھيو ويو. اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي ڪيل ڪيترين ئي ڪوششن باوجود سلسلو ٿمي ئي نٿو. آئي ڏينھن ڪٿي نـ ڪٿي ڪنھن نـ ڪنھن ڌماڪي جي خبر اليڪٽرڪ ميڊيا يا پرنٽ ميڊيا جي سُرخين جو زينت بڻجن ٿيون. ماريو ڪنھن ۽ مئو ڪير ، انھن ٻنھين جي پاڻ ۾ ڪا شناسائي ناھي. بس مرڻ ۽ مارڻ جو سبب صرف حڪومت کي ڪنھن پريشر جي بند بوتل م لاھڻ ھُجي ٿو جئين پنھنجي مطلب جا مقصد ماڻي جئين وڻي تئين ڪريون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي پھرين دوري حڪومت ۾ ھزاره جي شيعا برادري تي ڪوئيٽا ۾ ٿيل دھشتگردي واري ڌماڪي ۾ اسي قيمتي جانين جو درندن جي ھٿان شھيد ٿيڻ، وارثن طرفان انصاف لاءِ سراپا احتجاج ٿي سرد راتين ۾ معصوم بچڙن، عورتن ۽ ٻُڊڙن سميت ڪئين ڏينھن ۽ راتيون شھر جي مُک چوراھن تي پنھنجي وارسن لاء سد غم ۾ گھارڻ ۽ امن لاءِ فوجي جوانن جي مدد گُھرڻ، اھڙا عمل آھن جنھن سان ملڪ عزيز جو ڏوراھون جڳت ۾ ڪو سٺو تاثر ناھي بيٺو. ڪُل جمائتي ڪانفرنس جيڪا حالي ۾ اسلام آباد ۾ ٿي ان جي متن مطابق طالبانن لاءِ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۽ امن لاءِ ساڻن ڳالھين جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ۽ ان جو شروعاتي مرحلي ۾ ڪجھ طالبان اڳواڻن جون ريهائون بـ ٿي رھيون آھن جيڪو ھڪ سٺو سئنوڻ آھي پر عين ان وقت دھشتگردي جي ٻيھر لھر جي شروعات ٽن فوجي جوانن جي اعلي آفيسرن جي شھادت سان ڪئي وئي جنھن تي بـ مُلڪ جي عوام پنھنجي صبر کي لبريز ٿين نـ ڏنو پر اھڙي واقعي تي سخت رنج و غم غصي جو اظھار ڪيو ۽ امن جا جھنڊا کڻي وطن عزيز ۾ امن جي بحالي جا نعرا ھنيا جئين دھشتگردي جي ٻاريل باھ وسائي سگھجي. مگر وقفي وقفي سان ٿيندڙ دھشتگردي جا واقعن کي امن لاءِ ورتل ڪوششن کي سبوتوش ڪرڻ جي ھڪ گھري سازش قرار ڏنو پيو وڃي . تازو پيشاور ۾ مسيح برادري جي چرچ تي سندن عبادت جي اوقات ۾ دھشتگردي جي وار ڪري اسي کان مٿي معصوم ٻارڙن، ڪمزور عورتن، ٻڍڙن کي جنھن طريقي سان ڪنھن اڻڄايل اجل جو شڪار ڪيو ويو اھو قوم لاءِ ھڪ نـ وسرندڙ ۽ وڏو الميو آھي. اسان جي مُلڪ ۾ دھشتگردي جي وڌندڙ لھر ۽ معصوم جانين جو سرد بدن ٿيڻ هاڻ ناقابل برداشت ٿي ويو آھي. ھاڻ منھنجي ديس جي امن کي ڪا التجا ڪجي تـ ديس ڌڻين کي بي موت ۽ بي قُصور اڻڄاڻيل موت کي ڪا مات ڏئي امن ۽ شانتي جي نغمن جي جھلڪار ٿئي جئين اسان جي وطن جي قريبي مُستقبل ۾ ڪن بھارن جي موسمن ۽ امن جي ڪن اُجرن قافلن جوگذر ٿئي. ملڪ ۾ بھارن جو اڻکُٽ سلسلي جي شروعات ٿئي ۽ محبت جي نغمن جا ڪي سيج سجن. ايک طرز تغافل ھي، سو وه ان کو مبارک
    اِک عرضِ تمنا ھي سو هم کرتي رھينگي

    (فراز)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سانوڻ خاصخيلي

هن صفحي کي مشهور ڪريو