احرامِ مصر کي دنيا جي ستن عجوبن ۾ سڀ کان مٿي تصور ڪيو ويندو آهي۔۔۔ اسان جي دوست علي علي هڪ دفعي ذڪر ڪيو هو ته هوُ مصر ويل هو۔۔ اتي وڃي انهن يقينن اها عجيب غريب تيار ٿيل عمارت ڏٺي هوندي۔۔۔ اسان ته وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي ئي حيران آهيون۔۔۔ يقينن حيران ته تحقيق ڪندڙ پڻ هوندا ته آخر احرامِ مصر اهڙي دور ۾ ڪهڙي طرح اڏيا ويا هوندا جڏهن ڪا به جديد مشينري موجود نه هئي۔۔۔ پٿرن جي ڪٽائي، پٿرن جي سڌائي، پٿرن کي کڻڻ ۽ درست جڳهه تي لڳائڻ، اهڙا وزنائتي پٿر آخر ايترو مٿي ڪهڙي طرح رکيا ويا۔۔۔ ڪجهه تحقيقدانن ان تي ڪافي وقت ريسرچ ڪئي ۽ ڪجهه نقطا واضح به ڪيا۔۔۔ جيڪڏهن توهان تاريخ ۾ دلچسپي رکو ٿا ته هي ڪلاڪ کن تي مشتمل ٽوٽل وڊيوز ڏسو جن ۾ هڪ تصور کي حقيقي رنگ ڏئي بي بي سي وارن ڊاڪيومينٽري بڻائي آهي۔۔۔ کي ڏسو... مونکي يقين آهي ته دوست ڏسي حيران ضرور ٿيندا۔۔۔ پهرين وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=AJWrlYIf-Bw ٻين وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=zEaRJ4w1GKE ٽين وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=mKSfXawBszA چوٿين وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=LOjGRTREtnQ پنجين وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=-8yJDvDr00A ڇهين وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=ExF5xTflwAA
جواب: آخر احرامِ مصر ڪهڙي طرح تيار ٿيو۔۔۔۔؟ جواب ڏسو۔۔۔ پهرين ۽ ٻي وڊيو ته هلن پيون پر باقي ۾ ايرر پيو اچي ۔۔۔ تمام سٺيون فلمون آهن ۔۔۔ مهرباني ادا، سٺي ڄاڻ ڏنل آهي ۔۔۔