هڪ دفعي هڪ ٻار پنهنجي والد سان دڪان تان شي وٺڻ ويو۔۔۔ دڪاندار ننڍڙي ۽ خوبصورت ٻار کي ڏسي هڪ ٽافين سان ڀريل بوتل ڏيکاري ۽ چيائين۔۔۔ ”ببلو۔۔۔! هن بوتل مان ٽافيون کڻ۔۔۔“
پر ٻار ٽافيون نه کنيون۔۔۔ دڪاندار حيران ٿي ويو ته ننڍڙو ٻار جنهن کي ٽافين سان لڳاءُ ٿيندو آهي ۔۔۔ آخر ٽافيون ڇو نه ٿو کڻي۔۔۔ هن هڪ دفعو ٻيهر ٽافين جي بوتل ٻار ڏانهن وڌائيندي چيو۔۔۔ ”وٺ ببلو۔۔ ٽافيون وٺ۔۔۔“
پر ٻار هن دفعي به ٽافيون نه ورتيون۔۔۔ ٻارڙي جو والد پڻ ڀرسان بيٺو هو۔۔۔ هن دفعي والد ٻار کي چيو ۔۔۔ ”پٽ وٺ ٽافيون وٺ۔۔۔“ پر ٻار هن دفعي به ٽافيون نه ورتيون۔۔۔
آخر اهو ڏسي ته ٻار ٽافيون نه ٿو وٺي ۔۔۔ دڪاندار پاڻ ئي بوتل مان ٽافيون ڪڍي ٻار جي اڳيان هٿ وڌايو۔۔۔ ٻار هن دفعي خوشي سان اڳتي وڌيو ۽ ٻئي هٿ ٽافين سان ڀري ورتا۔۔۔
گهر ڏانهن ويندي والد ٻار کان پڇيو ۔۔۔ ”جڏهن دڪاندار توکي ٽافين کڻڻ جي لاءِ چئي رهيو هيو ته تو ٽافيون ڇو نه کنيون۔۔۔۔؟“
ٻار وراڻيو۔۔۔ ”بابا منهنجا هٿ ننڍڙا آهن۔۔۔ ۽ جيڪڏهن بوتل مان ٽافيون مان پاڻ ڪڍان ها ته ٿوريون حاصل ڪريان ها پر هاڻي ڏس دڪاندار جي وڏن هٿن سان بوتل مان نڪتل مون ڪيتريون نه ٽافيون حاصل ڪيون۔۔۔“
سبق: جيڪڏهن اسان پاڻ حاصل ڪيون ته اسان کي ٿورو ملندو۔۔۔ پر جيڪڏهن الله پاڪ ڏيندو ته گنج ڏيندو۔۔۔ اسان جي توقع ۽ قابو ڪرڻ کان به گهڻو ۔۔۔ ان ڪري بس صبر ۽ انتظار ڪريو۔۔۔۔