اُهو ماڻهو جيڪو سوالَ پڇندو هو : سقراط

'مختلف موضوع' فورم ۾ Jawed Karami طرفان آندل موضوعَ ‏27 سيپٽمبر 2013۔

  1. Jawed Karami

    Jawed Karami
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد
    اُهو ماڻهو جيڪو سوالَ پڇندو هو
    (The Man Who Asked Questions)
    (سقراط ۽ افلاطون)
    نِگيل وئربرٽن جي مشهورِ زمانه ڪتاب
    ”فلسفي جي مختصر تاريخ“
    جي هڪ باب جو سنڌي ترجمو
    سنڌيڪار
    جاويد لاڙڪ
    لڳ ڀڳ 2400 سال اڳ (يوناني رياست) ايٿينز ۾، هڪ ماڻهوءَ کي گهڻن سوالن پڇڻ سبب، سزا طور، ماريو ويو. فلسفِي ته هن کان پهرين به هئا، پر اهو سقراط (Socrates) هو، جنهن سان (فلسفي جي) موضوع جي حقيقي معنيٰ ۾ اُڏامَ شروع ٿي. جيڪڏهن فلسفي کي ڪو سرپرست درويش آهي ته اهو (يقينا) سقراط آهي.
    نڪ بينو، ٿلهو ۽ بندرو، ڦاٽل پراڻا ڪپڙا پهريل، ٿورو عجيب و غريب، سقراط ٻين فلسفين سان مشابهت نه رکندو هو. جيتوڻيڪ جسماني طور تي هو بدصورت هوندو هو ۽ اڪثر ڪري ميرو مندو به هوندو هو، پر تنهن هوندي به وٽس سحر انگيز سگهه ۽ شاندار دماغ هو. ايٿينز ۾ هر ماڻهو متفق هو ته هن جهڙو ڪو ماڻهو نه ڪو هو ۽ نه ڪو ٿيندو. هن جو ڪو مَٽ ثاني ئي نه هو. پر هو بي انتها چِڙَ ڏياريندڙ (شخص) پڻ هو. هن پاڻ کي انهن ٻَگهين (گهوڙن کي چَڪُ پائي بيزار ڪندڙ مکين) جِيان ڏٺو جن جو چَڪُ ڏاڍو آزاريندڙ آهي، هڪ ڇِتو ڪري ڇڏيندڙ شخص. اهي بيزار ڪندڙ (واقعي) هونديون آهن، پر شديد نقصان نه پهچائينديون آهن. جيتوڻيڪ ايٿينز ۾ هر ڪو ساڻس متفق نه هو. ڪجهه هن سان پيار ڪندا هئا، ٻين کيس خطرناڪ اثر رکندڙ ماڻهو سمجهيو ٿي.
    هڪ نوجوان جي حيثيت ۾ هُو هڪ بهادر فوجي هو، جيڪو اسپارٽا وارن ۽ سندن اتحادين جي خلاف پيلپونيسين (Peloponnessian) جي جنگين ۾ وڙهيو هو. عمر جي وچئين عرصي ۾، هو بازار جي چوڌاري پير گيسرائيندو ڦرندو رهندو هو، وقت بوقت ماڻهن کي بيهاريندو هو ۽ کانئن بي ڍنگا سوال پڇندو هو. پر جيڪي سوال هي پڇندو هو، سي نهايت تِکا ۽ تيز هوندا هئا. اهي بظاهر ته سنئان سڌا لڳندا هئا، پر حقيقت ۾ ائين نه هئا.
    ان جو بهترين مثال سندس يوٿيڊيمس (Euthydemus) سان ڪيل ڪچهري آهي. سقراط کانئس پڇيو ته ”دوکيباز ماڻهو، بد اخلاق ليکبو يا نه؟“ ”برابر ليکبو“، يوٿيڊيمَس وراڻيو. هن سمجهيو اها ته بنهه پڌري ڳالهه آهي. پر سقراط ٻيهر پڇيو ته ”جيڪڏهن تنهنجو دوست تمام گهڻي مايوسي محسوس ڪري رهيو هجي ۽ متان پاڻ کي ماري به وجهي، ۽ تون هن جو چاڪُو چوري ٿو ڪرين؟ ڇا اهو دوکو ناهي؟“ ”واقعي اهو آهي.“ ”پر اهو عمل بداخلاقيءَ بجاءِ خوش اخلاقي ناهي؟ اهو خراب عمل بجاءِ چڱو عمل ناهي؟ ڀلي کڻي دوکو ئي ڇو نه هجي.“ يوٿيڊيمَس جيڪو هاڻي مُنجهي پيو، تنهن هائوڪار ڪئي. سقراط شاطراڻي جوابي مثال کي استعمال ڪندي ظاهر ڪيو ته يوٿيڊيمَس جي عام راءِ ته دوکيباز بداخلاق آهي، هر صورت ۾ لاڳو نه ٿي ٿئي. يوٿيڊيمَس ان کان اڳ اهو محسوس نه ڪيو هو.
    سقراط بار بار دليل دلائل ذريعي ثابت ڪندو هو ته بازار ۾ جن ماڻهن سان هي ملي ٿو، اُهي واقعي اُنهن شين کي نه ٿا ڄاڻن، جن متعلق هُو سمجهن ٿا ته هُو ڄاڻن ٿا. هڪ فوجي عملدار ساڻس ڪچهري شروع ڪئي، کيس مڪمل اعتماد هو ته هن کي خبر آهي ته جرئت (Courage) ڇا آهي. پر سقراط جي صحبت ۾ ويهه منٽ ويهڻ بعد، مڪمل مُنجهيل ذهني ڪيفيت ۾ اُٿي هليو ويو. هي تجربو هن لاءِ پريشان ڪُن ضرور ثابت ٿيو هوندو. سقراط انهن حدن کي پڌري ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو ته ماڻهو سچ پچ ڇا سمجهندا هئا ۽ انهن مفروضن بابت آڏي پُڇا ڪرڻ کي به گهڻو پسند ڪندو هو جن جي بنياد تي ماڻهن پنهنجي زندگين جي تعمير ڪئي هئي.
    ان وقت ايٿينز ۾، اميرن جا ٻار سوفسطائين (Sophists) وٽ پڙهڻ ويندا هئا. سوفسطائي چالاڪ استاد هوندا هئا جيڪي پنهنجي شاگردن کي تقرير جي فن بابت سيکاريندا هئا. اهي ان ڪم لاءِ ڳريون فيون وصول ڪندا هئا. انهن جي برعڪس سقراط پئسا نه وٺندو هو. حقيقت ۾ هو دعويٰ ڪندو هو ته هن کي ڪنهن به شيءِ جي خبر ناهي، پوءِ ڀلا هو ڪيئن ٿي پڙهائي سگهيو؟ (پر پوءِ به) ان دعويٰ شاگردن کي هن ڏانهن اچڻ ۽ هن جي ڪچهري ٻڌڻ کان نه روڪيو. پر ان دعويٰ ڪري هي سوفسطائين وٽ مقبول ٿي نه سگهيو.
    هڪ ڀيري هن جو دوست ڪئيروفون (Chaeorophon)، ڊيلفي (شهر) ۾ اپالو[1] جي فال گهر جي پوڄاري(Oracle)[2] سان ملڻ ويو. فال گهر جي پوڄارڻ هڪ سياڻي عورت هئي، هڪ جادوگرياڻي يا ڀوپِي، جيڪا ملاقاتين جي سوالن جا جواب ڏيندي هئي. هن جا جواب اڪثر ڪري ڳجهارتن جي صورت ۾ هوندا هئا. ”ڇا سقراط کان وڌيڪ ڪو ڏاهو آهي؟“ ڪئيروفون پڇيو. ”نه“ جواب مليو. ”سقراط کان وڌيڪ ڪو ڏاهو ڪونهي.“
    جڏهن ڪئيروفون سقراط اڳيان اها ماجرا پيش ڪئي ته سقراط کي پهرين ته يقين ڪونه پئي آيو. ان واقعي به کيس مُنجهائي وڌو. ”ايٿينز ۾ سڀ کان وڏو ڏاهو مان ڪيئن ٿو ٿي سگهان، جڏهن ته مونکي صفا ٿورو علم آهي؟“ هو حيران ٿي ويو. هن ڪيترائي ورهيه ماڻهن کان سوال پڇندي وقف ڪري ڇڏيا، اهو ڏسڻ لاءِ ته متان ڪو هن کان وڌيڪ داناءُ هجي. نيٺ (وڏي غور و فڪر بعد ڪافي دير کانپوءِ) هن سمجهيو ته پوڄارڻ جي چوڻ جو مطلب ڇا آهي ۽ هي ته هُوءَ صحيح هئي. تمام گهڻا ماڻهو مختلف ڪمن ڪارين ۾ سٺا آهن، واڍا واڍڪي ڪم ۾ سٺا آهن
    ۽ سپاهي جنگ بابت ڄاڻندا آهن. پر انهن مان ڪو به صحيح معنيٰ ۾ ڏاهو ناهي.
    لفظ ”فلاسافر“ (Philosopher) يوناني لفظن مان ورتو ويو آهي جن جي معنيٰ آهي ”ڏاهپ سان پيار“. فلسفي ۾ اولهه واري روايت (Western Tradition)، جنهن جي هي ڪتاب پيروي ڪري ٿو، آڳاٽي يونان کان شروع ٿي دنيا جي وڏن حصن تائين ڦهلجي وئي، ڪڏهن ڪڏهن اوڀر سان خيالن جي ڏي وٺ ذريعي بهتر نتيجن تي پڻ پهتي. ڏاهپ جو هي قسم يعني مغربي فلسفو (Western Philosophy)، ان روش کي قبول نه ٿو ڪري ته شين کي سادي طريقي سان قبول ڪري ڇڏيو ڇو ته ڪنهن اهم ماڻهوءَ اوهان کي ٻڌايو آهي ته اهي سچ آهن. پر ان جي برعڪس ڏاهپ جو هي قسم جنهن روايت کي قدر جوڳو سمجهي ٿو، سو بحث مباحثي (argument)، استدلال (reasoning) ۽ سوال پڇڻ تي ٻڌل آهي. سقراط لاءِ ڏاهپ اها نه هئي ته گهڻي کان گهڻيون حقيقتون ڄاڻجن يا اهو ڄاڻجي ته ڪو ڪم ڪيئن ڪجي. پر هن جي نظر ۾ ڏاهپ جي معنيٰ هي هئي ته اسان جي وجود جي اصل حقيقت کي سمجهجي. ان سان گڏو گڏ ان حد کي ڄاڻجي ته اسين ڇا ٿا ڄاڻي سگهون. فلسفِي اڄ به تقريباَ اهو ئي ڪم ڪن ٿا جيڪو سقراط ڪندو هو. يعني مشڪل سوال پڇڻ، دليلن ۽ ثبوتن کي جاچڻ، انهن اهم ترين سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جيڪي اسين پنهنجي پاڻ کان، حقيقت جي نوعيت متعلق ۽ ان متعلق ته اسان کي جيئڻ ڪيئن گهرجي، پڇي سگهندا آهيون. سقراط جي برخلاف جديد فلسفين کي هي فائدو حاصل آهي ته کين لڳ ڀڳ اڍائي هزار سالن جي فلسفياڻي نظرئي کي وڌائڻ يا ان ۾ پنهنجو حصو پتي وجهڻ جو فائدو حاصل آهي. هي ڪتاب انهن اهم مفڪرن جي خيالن جو تجزيو پيش ڪندو جيڪي ان مغربي فڪر جي روايت ۾ لکندا آهن، هڪ روايت جيڪا سقراط کان شروع ٿي.
    سقراط ان ڪري ڏاهو بڻيو ڇو جو هُو سوال پڇندو رهندو هو ۽ هُو پنهنجي خيالن تي هميشه بحث ڪرڻ لاءِ تيار رهندو هو. ”زندگي“، هن اعلان ڪيو، ”فقط تڏهن جيئڻ جي قابل آهي جيڪڏهن توهان ان متعلق سوچيو ته توهين ڇا ڪري رهيا آهيو. هڪ اڻ جاچيل وجود ڍڳن ڍورن لاءِ بلڪل ٺيڪ آهي، پر انسانن لاءِ هرگز نه.“
    هڪ فلسفيءَ پاران پنهنجي خيالن کي لکت وسيلي اظهارڻ جو سقراط مخالف هو. هن جي خيال ۾ ”لکڻ کان ڳالهائڻ وڌيڪ بهتر آهي. لکيل لفظ واپس جواب نه ڏيندا آهن. اهي ان وقت ڪنهن شيءِ جي وضاحت پيش ڪري نه سگهندا آهن جڏهن توهان انهن کي سمجهي نه سگهندا هجو. رُوبرو ڪچهري وڌيڪ بهتر آهي“، هن ڳالهه کي جاري رکندي چيو. ”ڪچهريءَ ۾ اسان ان ڳالهه جو ڌيان رکندا آهيون ته ڪهڙي ماڻهوءَ سان ڪچهري ڪري رهيا آهيون.
    ڪچهريءَ ۾ اسين جيڪو چوندا آهيون ان ۾ ڦير ڦار ڪري کيس نئون رُوپ به ڏيئي سگهندا آهيون، ته جيئن پيغام مؤثر طريقي سان پريئن ڀَر تائين پهچي سگهي.“ ڇاڪاڻ ته هو لکڻ کان انڪار ڪندو هو، هن جي فڪر ۽ فلسفي بابت خبر چار، اسان کي سندس شاگرد افلاطون (Plato) جي لکڻين ذريعي ملي آهي. افلاطون، سقراط ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جي سلسلي کي، جن کان هي سوال پڇندو هو، قلمبند ڪيو آهي. هنن کي افلاطوني مڪالمه (Platonic Dialogues) چيو ويندو آهي. هي ادب ۽ فلسفي جا شهپارا آهن. ڪجهه حوالن سان، افلاطون پنهنجي زماني جو شيڪسپيئر هو. انهن مڪالمن کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سقراط ڇا پسند ڪندو هو، هو ڪيترو چالاڪ هو ۽ ڪيئن چِڙَ ڏياريندو هو.
    دراصل، پوري خاطريءَ سان اها دعويٰ نه ٿا ڪري سگهون ته افلاطون اهو ئي قلمبند ڪندو هو جيڪو سقراط چوندو هو، يا شايد هي پنهنجا خيال ان ڪردار جي واتان چورائيندو هيو، جنهن کي هن ”سقراط“ پئي سڏيو.
    انهن خيالن منجهان هڪ خيال ته ”دنيا ائين هرگز به ناهي جيئن نظر اچي ٿي“ متعلق ماڻهن جو يقين آهي ته اهو سقراط بجاءِ افلاطون جو خيال آهي. نظر اچڻ ۽ حقيقت ۾ واضح فرق آهي. اسان منجهان گهڻا نظر اچڻ کي حقيقت سمجهي ويهڻ جي غلطي ڪندا آهن. اسان جو خيال آهي ته اسان سمجهون ٿا پر اسان دراصل سمجهندا ناهيون. افلاطون جي خيال ۾ فقط فلسفِي ئي سمجهي سگهي ٿو ته هي جهان اصل ۾ ڇا آهي. اهي پنهنجي حواسن تي وسهڻ بجاءِ سوچ ويچار ذريعي حقيقتن جي نوعيت دريافت ڪن ٿا.
    پنهنجي ڳالهه ثابت ڪندي افلاطون هڪ غار جو مثال بيان ڪيو. ان خيالي غار ۾ ڪجهه ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيل آهن، جن جا مُنهن ڀتين ڏانهن آهن. اهي پنهنجي اڳيان ديوار تي هوريان هوريان ڪي پاڇا اُڀرندي لهندي ڏسن ٿا، هي سمجهن ٿا ته ڄڻ ته اهي ڪا اصل حقيقت آهن. اصل ۾ اُهي حقيقت ناهن. هنن ته پنهنجي اڳيان انهن شين جا پاڇا ڏٺا آهن جيڪي هنن جي پٺيان ۽ باهه جي اڳيان موجود آهن. هنن ماڻهن پنهنجي ڪُل ڄمار اهو خيال ڪندي گذاري ڇڏي ته اهي پاڇا ئي حقيقتون آهن. پوءِ انهن مان هڪ جون زنجيرون ٽُٽي پون ٿيون ۽ هُو باهه ڏانهن مُنهن ڦيرائي ٿو. هن جون اکيون ننڊاکڙين اکين جِيان پهرين ته پٽجن نه ٿيون، پر پوءِ آهستي آهستي هي ڏسڻ شروع ڪري ٿو ته هو ڪٿي آهي. هي ٿڙندو ٿاٻڙجندو غار کان ٻاهر نڪري ٿو. آخرڪار سج کي نهارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. جڏهن هو واپس غار اندر اچي ٿو ته ٻاهرين جهان بابت هن جي ٻڌايل قصن تي ڪو به يقين نه ٿو ڪري. اهو ماڻهو جيڪو آزاد ٿيو، سو فلسفِي جِيان آهي.
    هو نظر ايندڙ دنيا کان به اڳتي ڏسي ٿو. عام ماڻهن کي حقيقتن جي ٿوري ڄاڻ هوندي آهي ڇاڪاڻ ته پنهنجي اڳيان نظر ايندڙ دنيا کي ڏسندي مطمئن هوندا آهن. هُو ان بابت ڳوڙهو غور و ويچار ڪونه ڪندا آهن. بس جيئن شيون نظر اينديون آهن، تيئن قبول ڪري ويهندا آهن. پر جيڪو ڪجهه نظر ايندو آهي سو دراصل دوکو هوندو آهي. جيڪو هو ڏسندا آهن سو پاڇو هوندو آهي، حقيقت نه.
    هي غار واري ڪَٿا، افلاطون جي صورتن جي نظرئي (Theory of Forms) سان لاڳاپيل آهي. ان نظرئي کي مثال ذريعي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. (گهڙيءَ کن لاءِ) انهن سڀني گول دائرن (Circles) بابت سوچيو جن کي توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو آهي. ڇا انهن مان ڪو هڪ به مڪمل دائرو (Perfect Circle) آهي؟ نه. انهن منجهان ڪو هڪ به مڪمل طور تي پورو ناهي. مڪمل دائري ۾ گهيري (Circumference) جي هر نقطي جو مرڪزي نقطي کان بنهه ساڳيو مفاصلو هوندو آهي. حقيقي دائرن (Real Circles) کي ڪڏهن به اهڙي ڪاميابي پوريءَ طرح پلئه نه پئي آهي. پر توهان سمجهيو ته جڏهن مان ”مڪمل دائري“ (Perfect Circle) جو لفظ استعمال ڪيو ته ان منجهان منهنجو مطلب ڇا هو. ته پوءِ اهو مڪمل دائرو (Perfect Circle) ڇا آهي؟ افلاطون چوندو ته هڪ مڪمل دائري جو خيال دراصل دائري جي صورت (Form of Circle) آهي. جيڪڏهن توهان اهو سمجهڻ چاهيو ٿا ته دائرو ڇا آهي ته پوءِ توهان کي دائرن جي صورت (Form) تي ڌيان ڄمائڻو پوندو، نه ڪي اصل دائرن کي جن کي لڪيرن ذريعي اوهان ٺاهيو ٿا ۽ پنهنجي بصري حواسن وسيلي جنهن جو تجربو اوهان کي ٿي سگهي ٿو، اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اڻپورا آهن. بلڪل ان معنيٰ ۾، افلاطون جو خيال هو ته جيڪڏهن توهان اهو سمجهڻ چاهيو ٿا ته چڱائي ڇا آهي، ته پوءِ توهان کي چڱائيءَ جي صورت (Form of goodness) کي سمجهڻ تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، نه ڪي چڱائيءَ جي انهن مخصوص مثالن تي، جيڪي اوهان معاشري اندر ڏٺا آهن. فلسفِي اهي بهترين مناسب ماڻهو آهن جيڪي تصوراتي انداز سان، صورتن متعلق سوچيندا آهن. عام ماڻهو جيڪي دنيا جو مفهوم حواسن ذريعي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سي گمراهه ٿي ويندا آهن.
    ڇاڪاڻ ته فلسفِي حقيقتن کي سمجهڻ ۾ لائقَ هوندا آهن، افلاطون جي راءِ هئي ته انهن کي ذميداريون ڏيڻ گهرجن ۽ وٽن سموري سياسي سگهه هجڻ گهرجي. پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب، دِي رِيپَبلِڪ (The Republic) ۾، هن هڪ تصوراتي ڪامل معاشري جي تصوير ڪشي ڪئي. جنهن ۾ فلسفِي سڀ کان مٿي هوندو ۽ خاص تعليم حاصل ڪندو. پر هو جن شهرين مٿان راڄ ڪندو انهن خاطر پنهنجي خوشين کي قربان پڻ ڪندو. ان جي هيٺان سپاهي هوندا جن کي پنهنجي وطن جي دفاع ڪرڻ جي سکيا ڏني ويندي، ۽ انهن جي هيٺان پورهيت هوندا.
    ماڻهن جا اهي ٽئي گروهه مڪمل توازن ۾ هوندا، افلاطون جو خيال هو ته، اهو توازن اُن فهميدي يا متوازن ذهن جِيان هوندو جنهن جا مختلف ڀاڱا جذبن ۽ خواهشن کي قابو ۾ رکندا هجن. بدنصيبيءَ سان هن جي معاشري جو نمونو شدت سان جمهوريت مخالف هو، ۽ ڪوڙ ۽ قوت جي ميلاپ ذريعي ماڻهن کي ضابطي ۾ آڻڻ چاهيندو هو. هن فن (Art) جي ڪيترن ئي قسمن تي بندش وجهڻ گهري، ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ اهي حقيقتن جي غلط تصوير پيش ڪن ٿا. مصور ظاهري شڪل شبيهه جي تصوير ڪشي ڪندو آهي، پر ظاهري شبيهون (اصل) صورتن (Forms) متعلق دوکو ڏيندڙ هونديون آهن. افلاطون جي آدرشي رِيپَبلِڪ ۾ زندگيءَ جو هر پهلو مٿئين (انداز سان) سختيءَ سان ضابطي هيٺ آندو ويندو. ان قسم جي نظام کي اسين اڄ هڪ آمراڻي حڪومت (Totalitarian State) سڏيون ٿا. افلاطون جي خيال ۾ ماڻهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ بلڪل ائين آهي جيئن بحري جهاز جي مسافرن کي جهاز جو رُخ ڦيرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏجي. ان کان گهڻو بهتر هي آهي ته انهن ماڻهن کي ذميداري سونپجي جيڪي ڄاڻن ٿا ته هو ڇا ڪري رهيا آهن (يعني فلسفِي).
    پنجين صدي (قبلِ مسيح) جي ايٿينز جو معاشرو، افلاطون جي خيالي رِيپَبلِڪ واري سماج کان بنهه مختلف هو. رِيپَبلِڪ جمهوريت جو هڪ قسم ضرور هو، پر ڪا بهتر مثالي جمهوريت نه هو. هن ۾ رڳو 10 سيڪڙو ماڻهو ووٽ ڏئي ٿي سگهيا. عورتن ۽ غلامن کي ووٽن ڏيڻ جو حق نه هو. پر سڀئي شهري قانون جي آڏو برابر هئا ۽ هر ماڻهوءَ کي سياسي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ جو منصفاڻو موقعو مهيا ڪرڻ لاءِ اُتي هڪ پيچيده ۽ تفصيلي پُکي بازي جو نظام (Lottery System) پڻ هو. سمورو ايٿينز سقراط جو ايڏو گهڻو احترام نه ڪندو هو جهڙيءَ طرح افلاطون سندس احترام ڪندو هو. ڪيترائي ايٿينز واسي سمجهندا هئا ته سقراط بنهه خطرناڪ آهي ۽ سرڪار کي نقصان پهچائي رهيو آهي. اندران ئي اندران حڪومت کي کوکلو ڪري رهيو آهي. 399 ق م ۾، جڏهن سقراط 70 سالن جي ڄمار جو هو، ميليٽَس (Meletus) سندس خلاف عدالت ۾ رجوع ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته سقراط ايٿينز جي ديوتائن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجن ديوتائن کي متعارف ڪرائي رهيو آهي. هن اها پڻ شڪايت ڪئي ته سقراط ايٿينز جي نوجوانن کي بري چال چلت سيکاري رهيو آهي ۽ کين حڪومتي اختيارين جو دشمن ٿيڻ لاءِ همٿائي رهيو آهي. هي ٻئي نهايت ڳنڀير قسم جا الزام هئا. اهو ڄاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته اهي ڪيتري حد تائين صحيح هئا. شايد سقراط واقعي به پنهنجي شاگردن کي رياستي مذهب جي پوئلڳي ڪرڻ کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ ان جون به ڪجهه ثابتيون موجود آهن ته سقراط ايٿينز جي جمهوريت مٿان ٺٺوليون ڪندو هو. اهو سندس ڪردار سان مطابقت به رکندڙ هو.
    سچ هي هو ته اڪثر ايٿينز واسي هن تي لڳل الزامن تي يقين رکندا هئا.
    سقراط ڏوهاري هو يا نه، ان لاءِ ايٿينز واسين ووٽ ڪيو. 501 شهرين منجهان اڌ کان مٿي ماڻهن تي ٻڌل تمام وڏي جِيُوري (Jury) هن کي ڏوهاري سمجهيو ۽ کيس موت جي سزا ٻڌائي. جيڪڏهن هي چاهي ها ته هو گهڻو ڪري گفتگوءَ وسيلي پاڻ کي سزا کان بچائي سگهيو ٿي. پر ان جي برعڪس، ڇِتو ڪندڙ شخص واري شهرت کي سچ ثابت ڪندي سقراط ايٿينز واسين کي ان دليل بازيءَ ذريعي وڌيڪ چيڙائي ڇڏيو ته هن ڪا به غلط ڳالهه نه ڪئي آهي، ۽ ايٿينز واسين کي گهرجي ته هن کي سزا ڏيڻ بجاءِ، انعام طور باقي سڄي ڄمار مفت ۾ ماني ٽِڪي ڏيندا رهنس.
    هن کي ڪوهي يا شوڪران (Hemlock) ٻوٽي مان ٺهيل زهر، جيڪو آهسته آهسته جسم کي سُن ڪندو ويندو آهي، پيئاري ماريو ويو. سقراط پنهنجي گهر واري، ٽن پٽن ۽ چوڌاري بيٺل شاگردن کي الله واهي چيو. جيڪڏهن وٽس چونڊڻ جو اختيار هجي ها ته ماٺ ميٺ ۾ زندگي گهاريندو رهي، وڌيڪ هڪ به ڏکيو سوال نه پڇي ته سقراط غالباَ (سوال نه پڇڻ جي ڀيٽ ۾) موت کي ترجيح ڏئي ها. هن جي اندر جو آواز کيس چوندو هو ته هر شيءِ بابت سوال پڇندو رهه، ۽ هو پنهنجي اندر جي آواز سان ويساهه گهاتي نه ٿي ڪري سگهيو. تنهن کان پوءِ هن زهر جو پيالو پيتو. ٿوري دير ۾ هُو مري ويو. بقول غالب:
    هوئي مدت که غالب مر گيا، پر ياد آتا هے
    وه هر اک بات په کهنا که يوں هوتا تو کيا هوتا
    ڇ


    افلاطون جي مڪالمن ۾، جيتوڻيڪ سقراط ڪجهه دير وڌيڪ به جيئرو رهيو. هي ڏکيو ماڻهو، جيڪو سوال پڇندو رهندو هو، جنهن شين جي حقيقت متعلق سوچ کي روڪڻ بجاءِ موت کي ترجيح ڏني، ان وقت کان اڄ تائين فلسفِين لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ پئي رهيو آهي.
    سقراط جا فوري اثر انهن تي پيا جيڪي سندس آسپاس هوندا هئا. سقراط جي موت بعد افلاطون سندس تعليمات کي جاري رکيو. گهڻي قدر هن جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ شاگرد ارسطو (Aristotle) هو. جيڪو هنن ٻنهي کان گهڻو مختلف سوچيندڙ هو.
    ماخوذ: ​
    A LITTLE HISTORY OF PHILOSOPHY

    (فلسفي جي مختصر تاريخ) ڪتاب جو پهريون باب​






    [1] Apallo = يونان جو سورج ديوتا
    [2] Oracle = آڳاٽي يونان ۾ هڪ مذهبي ماڳ جتي ديوتائن کان صلاحون ورتيون وينديون هيون يا اڳڪٿيون ڪرايون وينديون هيون يعني فال گهر. هنن مذهبي جاين ۾ ديوتائن کان صلاح وٺڻ لاءِ يا ٻين لفظن ۾ فال وجهرائڻ لاءِ پوڄاري يا پوڄارڻيون هونديون هيون.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو