• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کسڪڻ لڳي

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اڃا نظر ڀري ڏٺو نه هيو
لفظن کي چپن سان ڇهيو نه هيو
ته تصوير فريم مان کسڪڻ لڳي۔
منهنجي نه، هُن جي ٽرين آهستـ آهستـ چرڻ لڳي
لڳو ڄڻ زندگي جي ڏور هٿ مان ترڪڻ لڳي
خالي ڏول ديوارن سان ٽڪرائيندي
کوهـ ۾ ڪِرڻ لڳي۔
مون ته سمجهيو ڌرتي منهنجي مُٺ ۾ آهي
پر هي ته واري آهي
ڪڻو ڪڻو ٿي هيٺ ڪِرڻ لڳي۔
درياء کي ٻُڪ ۾ ڪيئن ڀريان
پربتن مان وهندي، شور مچائيندي
هڪ ندي، اکين ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي۔
پشپا ولڀ
 
Back
Top