چيائين منزل ماڻڻ ڪا سولي ته ناهي. چيم ها اهو ته آهي، ڪشالا ڪري ماڻبي. چيائين ته تون منزل ماڻي نه سگهندي. مان مرڪندو رهيس. چيائين حيرت آ، ان تي به مرڪين ٿو. مان لطيف جو هي بيت جهونگارڻ لڳس: ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال م ملان هوت، من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي L
چيائين ”تو لاءِ ايتريون کڏون کوٽيون وڃن ٿيون، پر پوءِ به ڪيئن محفوظ آهين؟“ چيم ”ان ڪري جو مان ٻين لاءِ کڏون ناهيان کوٽيندو ۽ ٻين جي وڇايل کڏن کان پاڻ سنڀالي هلندو آهيان. اهي جي ٻين لاءِ کڏون کوٽين ٿا سي اڻڄاڻيءَ ۾ پنهنجي ئي کوٽيل کڏن ۾ ڪري پون ٿا.“