رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
اسين رند رهبر مست آهيون
بيشڪ بيخود ڪمر بست آهيون
مرغ يگانا آهيون شاهي، بيرنگ آهي اسانجي بادشاهي،
سِرُ سِري آهيون نور الاهي، جذبي جام جلالت جست آهيون،
علم الاهي ٿا فرمايون، هاج هجڻ جي ٿا ڪل وڃايون،
ڳيت اناالحق ٿا ڳايون، طالب تونهين توسان تست آهيون،
رهبر آهيون راز ازلي، واحد وحدت ۾ آهيون وصلي،
ذات مقدس آهيون اصلي، خالص خيال خدائي خست آهيون،
سبحاني ما اعظم شاني، الانساني سِرُ سبحاني،
فاذڪروني نام نيشاني، حاضر حال همت هست آهيون،
اناالحق آه وصال منهنجو، انت الحق آه احوال منهنجو،
ثِبت الحق آه وصال منهنجو، هُو الحق سان چست آهيون،
عشق اسانجي آه امامت ، نور ازلي آه ولايت،
ميرل سان آه ماڳ مداهت، عين صوفي صاف صفت آهيون۔
فيض درياهـ شاهـ ميرل