سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبرچونجاهه (54) سفرنامو اي روڊ ٽو مدينه اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مختلف دوستن گڏجي ڪئي آهي، جن ۾ عبدالحفيظ لغاري، عتيق الرحمان، محمد سليمان وساڻ، آفتاب کوهارو، رشيد سمون، عرس پريو، غلام قمبر وساڻ ۽ منظور ڪلهوڙو شامل آهن،سڀني جون مهربانيون. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
ڪتاب مان ورتل ٽڪرو:
نصيرآباد (لاڙڪاڻي) جي حاجي علي محمد چنا مون کي اهو محراب ڏيکاريو جتي حضور جن بيهي خطبو ڏيندا هئا۽ نماز پڙهائيندا هئا. حاجي علي محمد چنا سان منهنجي ملاقات مسجد جي در وٽ ئي ٿي. وضو لاءِ مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار وڏا هال انڊر گرائونڊ آهن جيڪي ٻه ٻه منزلون هيٺ هليا وڃن ٿا. هيٺ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون ۽ ويندي Escalators لڳل آهن. مٿي چڙهي آءٌ ڪنهن هم وطني پاڪستانيءَ جي ڳولا ۾ هوس جيئن ان سان گڏ مسجد ۾ وڃان ۽ هو مون کي ڪجهه ٻڌائي سگهي. ايتري ۾ سنڌي ٽوپي ۾ علي محمد کي اڪيلو ڏٺم. پڪ ٿي ويم ته آهي ته پاڪستاني پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته بلوچ يا سنڌي هجي. سلام دعا ڪرڻ بعد علي محمد پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايائين ته هو ڪيترن سالن کان مديني جي ڀر واري ڳوٺ ۾ مڪينڪ جو ڪم ڪري ٿو. اڳئين نماز ۾ اڃان وقت سو پاڻ مونکي مسجد ۽ روضي پاڪ جو هڪ هڪ حصو ڏيکارڻ لڳو. “هي حجرو اهو آهي جتان حضور جن نماز پڙهائيندا هئا. هي ڀر ۾ ٻيو حجرو اها جاءِ آهي جتان حضرت عمر نماز پڙهائيندو هو. مونکي جڏهن به وجهه لڳندو آهي ته آئون مديني ۾ اچي حضور جن جي روضي جو ديدار ڪندو آهيان ۽ مسجد نبويءَ ۾ نماز پڙهندو آهيان. هيءَ اها جاءِ آهي جتان ڪو پنندڙ خالي نه ويو آهي. منهنجي دل جون مرادون هميشه پوريون ٿيون آهن. الله شال سڀني مسلمان مومينن جي دلين جون مرادون، نيڪ ارادا ۽ خوشيون پوريون ڪري.” هن دعا گهري.