اڄ بهادر قيادت جي ضرورت آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2013۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جڏهن معاشرن مان عدل اٿي وڃي ، ته انهن معاشرن ۾ ظلم جي حڪمراني عام ٿي ويندي آهي ۔ جيئن هڪ ٿانَوَ ۾ پاڻي ۽ باھ نه ٿي رهي سگهن اهڙي ريت هڪ ئي معاشري ۾ عدل ۽ ظلم جو نظام نه ٿو هلي سگهي۔ هي فطرتِ الاهي جي بلڪل خلاف آهي۔ سنٽِ الاهي ۾ تبديلي ممڪن ناهي ۔ جڏهن ظلم سماج تي راج ڪندو آهي ته عادل عدل ڏيڻ کان قاثر رهجي ويندو آهي ان جون ڪئي وجهون ٿي سگهن ٿيون۔ هڪ ظالم جي خوف کان عدل مهيا ڪندڙ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ انسان به ان ئي معاشري جي ماڻهون هوندا آهن جن تي هن معاشري جون مجبوريون ۽ خواهشونم پڻ سوار رهنديون آهن ۔ ڪڏهن عدل ۾ رڪاوٽ ظلم هوندو آهي ته ڪنهن وقت خواهشون۔
    يقيني طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته انسان پنهنجي فطرت ۾ ظلم پرست ناهي بلڪه انسان پنهنجي فطرت ۾ عدل پرست و عدل پسند آهي۔ يقينن انسان جڏهن پنهنجي فطرت جي آواز کان ڪن لاٽار ڪري فطرت جي آواز کي دٻائيندو آهي تڏهن انجي وجود ۾ هڪ هيجيان پيدا ويندو آهي جيڪو ان جي وجود کي بيچين ڪندو آهي۔ ان بيچيني جو علاج ڪنهن به سائنسي ليبارٽري ۾ اڄ ڏينهن تائين وجود ۾ ناهي آيو۔ ظلم جي پيروي ۾ ٿيل بيچيني جو علاج ان ظلم کي مٽائڻ سان ئي ممڪن آهي۔
    اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان سماج ۾ حقيقت ۾ انسان ايترو ته بيچيني جو عادي ٿي چڪو آهي جو جي هي بيچيني کي بيچيني ئي نه ٿو ڄاڻي جيئن اقبال جو شعر آهي
    واءِ ناڪامي متاءِ ڪاروان جاتا رها
    اور ڪاروان ڪي دل سي احساسِ زيان جاتا رها
    اڄ جنهن جاءِ تي اسان جو سماج بيٺو آهي يقينن ان جي تشخيص ڪرڻ انتهائي ڏُکي آهي ۔ جيئن اهو مريض جيڪو پاڻ کي ذهني مريض تسليم ڪري ته هو ذهني مريض آهي ان مريض کان جلدي صحتياب ٿيڻ جوڳو هوندو آهي جيڪو مريض پاڻ کي مريض ئي نه سمجهي ۔ ان سماج جو علاج يا ان سماج جي بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي جنهن سماج جي تشخيص ٿي وڃي ته ان سماج ۾ دراصل بيماري ڪهڙي آهي۔
    جنهن سماج ۾ عدل نه هجي ان سماج جي تباهي يقيني آهي جنهن سماج ۾ قاتل ظالم آزاد هجي ، جنهن سماج ۾ عادل قاتل کان خوف کائيندڙ هجي ان سماج ۾ عدل محض خواب آهي۔
    اڄ اسان جنهن دور کان گذري رهيا آهيون اتي ظالم کي سزا ڏيڻ بجاءِ ان سان ڳالهيون ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين پيون۔ جن ماڻهن انسان سوز ڪم ڪيا آهن تن سان ڳالهيون ٿينديون۔ ڳالهين مان مراد ڇا آهي انهن جا مطالبات تسليم ڪيا ويندا ۔ واه واه سلام آهي انهن بزدل حڪمرانن کي هنن کي بزدلي جو اعلى انعام ڏيڻ گهرجي ۔
    هنن سان ڳالهيون ڪري انهن ڀائرن ڀينرن مائرن مٽن مائٽن کي هي ڪهڙو خون بها ڏيندا الله ئي ڄاڻي۔
    هي عجيب سماج آهي هن سماج ۾ انسان کان جانور وڌيڪ محفوظ آهن۔ هن دين جا دائي مسلمان يعني اسلام جا پوڄاري اسلام جنهن جي مصدر سلم يعني سلامتي سلامتي به اها جنهن ۾ پاڻ به سلامت رهجي ٻئي کي به سلامتي جي زمانت ڏني وڃي۔ اڄ انهن ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جن جي ڪري اسلامي ثقافت اسلامي حُسن اسلامي اقتدار کي تباه ڪيو ويو آهي ۔
    دراصل هنن حڪمرانن کي امن ماڻهن لاءِ نه پر پنهنجي مقصدن جي حفاظت لاءِ گهرجي ۔
    اوهان ڏسجو هنن وقت ۾ هنن قاتلن جن جي صفن ۾ حڪومت کي آخري ڌڪ هڻڻ گهرجي انهن کي وري طاقطور ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آهن۔ ايندڙ وقت ۾ اهي قاتلينِ انسانيت وڌيڪ مظبوط ٿي انسانيت تي وار ڪندا اڄ جي انهن نکي مٽائڻلاءِ 5 سال وڌيڪ لڳندا پوءِ هنن کي مٽائڻ لاءِ 50 سال گهربا۔ يا اهي ماڻهون پنهنجي دين جيجڪو هنن سمجهيو آهي ان تي اسان کان عمل ڪرائڻ تي مجبور ڪندا جن اڳيان نه آزاد انسانيت ڪا معنى رکي ٿي نه وجود۔
    هن وقت هڪ اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا بهادر هجي جيڪا ان فلسفي تي يقين رکندي هجي ته هنن قاتلن سان وڙهندي جي موت آئي ته هي اسان جو حُسن آهي۔ باقي هنن سرمائيدارن کان نه پهريان ڪا اهڙي اميد هئي نه هاڻي ڪا اميد آهي ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا توهان جي ڳالهين ۾ بلڪل وزن آهي غور سان ڀڙهڻ ۽ سمجهڻ واريون آهن، ۽ حقيقت وارون آهن حڪمرانن کي ته خبر پئي يا نه پر عوام ۽ ملڪ جو ٻيڙو غرق ٿي ويندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو