• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پورٽيبل ريسائيڪل بِن۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
توهان اڪثر ڪري فليش ڊرائيو يا يو ايس بي استعمال ڪندا آهيو۔۔۔ پنهنجي ڊيٽا کي محفوظ ۽ هر وقت پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ فليش ڊرائيو جو استعمال آهي۔۔۔ پر ان وقت ڪافي پريشاني ٿيندي آهي جڏهن توهان غلطي سان يا وري ضرورت نه هجڻ ڪري فليش ڊرائيو منجهان ڪجهه فائيلز ڊليٽ ڪري ڇڏيندا آهيو پر اڳتي هلي انهن فائيلز جي ٻيهر ضرورت پوندي آهي۔۔۔
اصل ۾ جڏهن توهان فليش ڊرائيو منجهان ڪنهن فائيل کي ڊليٽ ڪندا آهيو ته اها فائيل ونڊوز ري سائيڪل بن ۾ وڃڻ بجائي ڊائريڪٽ ڊيليٽ ٿي ويندي آهي۔۔۔ اهو عمل ان ڪري ٿيندو آهي ته ونڊوز ريسائيڪل بن دراصل ريسٽوريشن جو عمل انجام ڏيندي آهي ۽ فليش ڊرائيو هڪ ريموويبل ڊرائيو هوندي جنهن کي جانچي ڪنهن فائيل کي ريسٽور ڪرڻ ونڊوز ري سائيڪل بن جي وس جي ڳالهه نه هوندو آهي۔۔۔
هاڻي جيڪڏهن توهان به مون وانگر غائب دماغ ۽ لاپرواهه آهيو ته اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هتي هڪ ننڍڙي پورٽيبل آئي بن ڏئي رهيو آهيان جنهن کي يو ايس بي ڊرائيو ۾ هلايو ۔۔۔۔ جنهن کان پوءِ ڪنهن به فائيل کي ڊليٽ ڪندو ته هڪ لاجيڪلي ريسائيڪل بن ۾ فائيل کي موڪلڻ لاءِ توهان کان پڇيو ويندو۔۔۔۔

0011in.jpg

هر دفعي جئين ئي توهان فليش ڊرائيو پي سي سان لڳائيندو ته هن ائي بن جو آئڪان سسٽم ٽري ۾ ظاهر ٿيندو۔۔۔ جنهن کي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ مينو کُلي ويندو۔۔۔

0021zv.jpg


0021z.jpg

چاهيو ته آئي بن کي صاف ڪريو ۽ چاهيو ته ڊمپنگ مينيجمينٽ کي استعمال ڪندي ڊيليٽ ٿيل فائيلز کي ڏسو۔۔۔۽ انهن تي عمل ڪريو۔۔۔

0031468x316.jpg

جيڪڏهن چاهيو ته ڪسٽم آپشنس استعمال ڪندي آئي بن لاءِ سپيس مقرر ڪريو يا وري ڊيليٽ ۽ ريسٽور عملن جي سيٽنگ ڪريو۔۔۔

0041468x308.jpg

آئي بن سڀني ونڊوز تي هلي سگهي ٿي ۔۔۔ ۽ هن کي هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔
 
جواب: پورٽيبل ريسائيڪل بِن۔۔۔

واه ادا واه ۔۔۔ اصل جادوئي ڪم آهي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون سوچيو پئي ته جي هن ننڍڙي دماغ مان ڪا شئي نڪتي ته اصل غائب ٿي ويندي پر هاڻ ائين نه ٿيندو ۔۔۔ واه ادا واه ۔۔۔ انکي چئبو آهي ۔۔۔ ادو رشيد ۔۔۔ دل چوي ٿي ته اوهانجو لقب ئي ” ساحر “ رکي ڇڏجي ۔۔۔
 
جواب: پورٽيبل ريسائيڪل بِن۔۔۔

واه ادا واه ۔۔۔ اصل جادوئي ڪم آهي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون سوچيو پئي ته جي هن ننڍڙي دماغ مان ڪا شئي نڪتي ته اصل غائب ٿي ويندي پر هاڻ ائين نه ٿيندو ۔۔۔ واه ادا واه ۔۔۔ انکي چئبو آهي ۔۔۔ ادو رشيد ۔۔۔ دل چوي ٿي ته اوهانجو لقب ئي ” ساحر “ رکي ڇڏجي ۔۔۔


asul mattasul mattasul matt


sindhsalamatsaathsal
 
جواب: پورٽيبل ريسائيڪل بِن۔۔۔

ادا بابت ساگر ۽ جادوگر ته ٻڌو اٿم پر هاڻي ساحر پڻ
منهنجي ڊيٽا پڻ اهڙي طرح ڊليٽ ٿي وئي پر مان لاپرواه ناهيان
 
Back
Top