آفتاب احمد ٽالپر سنڌيءَ يونيڪوڊ فونٽس ٺهڻ کان پوءِ سنڌيءَ تي ڪم ڪرڻ ڏاڍو آسان ٿي ويو آهي. هاڻ توهان بغير ڪنهن ڏکائي جي پنهنجي سنڌي ويب سائيٽ ٺاهي سگھو ٿا. انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ اي ميل به ڪري سگھو ٿا. جي ها! هاڻ توهان کي سنڌيءَ کي Microsoft Word ۾ لکي اٽيچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هاڻ توهان ڊائريڪٽ سنڌي ميلنگ ڪري سگھو ٿا. انهيءَ جي لاءِ هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو: * ياد رکو سنڌيءَ ۾ اي ميل موڪلڻ لاءِ صرف ۽ صرف انٽرنيٽ ايڪسپلورر 6 يا ان کان وڌيڪ استعمال ڪريو. * هاڻ توهان پنهنجو ڪوبه ميل اڪائونٽ کوليو. هن وقت نيٽ جي دنيا ۾ هاٽ ميل، ياهو ۽ جي ميل جو راج آهي. هي ترڪيب انهن ٽنهي ميل سرورز تي ڪارآمد آهي. * نئي اي ميل لکڻ لاءِ Compose تي ڪلڪ ڪريو. * هاڻ توهان Microsoft Word کوليو ۽ ان ۾ پنهنجي ميل ٽائيپ ڪريو. ٽائيپ ڪرڻ کان پوءِ CTRL+A دٻائي سليڪٽ آل ڪريو ۽ پوءِ انهيءَ کي ڪاپي ڪري ميل بوڪس (Mail Box) ۾ پيسٽ ڪريو. (ياد رکو فونٽ صرف ”ايم بي لطيفي“ استعمال ڪريو ڇاڪاڻ ته هي تمام گھڻو عام آهي.) * ميل پيسٽ (Paste) ڪرڻ کان پوءِ VIEW مينو مان وڃي Encoding سليڪٽ ڪريو. * پوءِ Encoding مان ٗMore ۽ اُتان Unicode (UTF-8 سليڪٽ ڪريو. * هاڻي اي ميل کي send ڪري ڇڏيو سنڌي اي ميل پڙهڻ: سنڌي اي ميل پڙهڻ لاءِ به اوهان کي مٿين ساڳي سيٽنگ ڪرڻي پوندي. انهيءَ جي هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو. * انهيءَ لاءِ Encoding مان ٗMore ۽ اُتان Unicode (UTF-8 سليڪٽ ڪريو. * هاڻي توهان سنڌي اي ميل کي پڙهو. جيڪڏهن اي ميل ٗٹUTF-8 ۾ موڪلي ويئي هوندي ته اوهان کي بلڪل صحيح نظر ايندي. اگر ڪنهن به قسم جي ڏکائي هجي يا ڪو سوال پڇڻو هجي ته هن اي ميل تي رابطو ڪندا jhone_67@yahoo.com
سائين تمام جهانگير صاحب تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي تحريرن جو ڏاڏو بيتابي سان انتظار رهندو دعائن ۾ ياد