نثارابڙو
نائب منتظم

ڪجهه ڏينهن ئي گذريا آهن ته هيٽيءَ جي زلزلي جي تباهيءَ لکين ماڻهون پنهنجي اصل ڏانهن موٽايا هئا ته مٿان وري اڄ چليءَ ۾ خطرناڪ زلزلو آيو آهي، في الحال ته ڪي سون جو تعداد مري وڃڻ وارن جو ٻڌايو ويو آهي، پر اصل خبر ڪجهه ڏينهن ۾ پوندي ۔۔۔ هي پڻ سائوٿ (ڏکڻ) آمريڪا جو ئي هيٺيون حصو آهي جت پهريان هيٽيءُ ۾ زلزلو آيو هو ۔۔۔
دوستو! جيتوڻيڪ انساني جانين جي ضياءَ جو افسوس آهي پر الائجي ڇو قرآن شريف جي سورت الزلزال ياد پئي اچي ۔۔۔
بسم الله الرحمان الرحيم
جڏهن زمين ڌڏائي وڃي ۔۔۔ جيئن انجو ڌوڏڻ مقرر ٿيل آهي ۔۔۔ ۽ زمين پنهنجا بار ٻاهر ڪڍي ڦٽا ڪري ۔۔۔ ۽ انسان چوي هنکي ڇا ٿيو آهي؟ ۔۔۔ ان ڏينهن اها پنهنجون خبرون ٻڌائيندي ۔۔۔ ان لئه ته تنهنجي رب انکي حڪم موڪليو ۔۔۔ ان ڏينهن ماڻهون پنهنجي رب طرف موٽندا ۔۔۔ مختلف رستا وٺي ۔۔۔ جيئن سندن عمل کين اکئين ڏيکاريا وڃن ۔۔۔ پوءِ جنهن ذري برابر به چڱائي ڪئي ۽ جنهن ذري برابر به برائي ڪئي هو انکي ڏسندو ۔۔۔
بيشڪ رب سچو آهي ۔۔۔