• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن پهرين آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن پهرين آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


پهرين آڪٽوبر 1916ع صوفي شاعر سيد مظفر علي شاھ مظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1920ع نامور شاعر، اديب، ڊراما نويس ۽ صحافي زيب عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1922ع سگهڙ فيض محمد سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1929ع سنڌي ادب ۽ سنڌ جي عاشق روچيرام تيرٿداس خانواڻيءَ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1930ع اديب ۽ شاعر عنايت الله سھيل سومري (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1936ع ڪھاڻيڪار، ھدايتڪار، اداڪار، مضمون نگار ۽ ناٽڪ نويس سندر پيسومل اگناڻي (شهدادپور / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1936ع ليکڪ شيام سنگهہ مرجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1937ع شاعر جادوگر نماڻو (لاڙڪاڻو / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پھرين آڪٽوبر 1940ع سنڌ جو ترقي پسند قومي شاعر سرڪش سنڌي ڳوٺ ڀلي پوٽا لڳ رام جي سيتا ضلعي دادو ۾ ڄائو.
پهرين آڪٽوبر 1944ع تعليمي ماھر ۽ انتظامي سربراھ ڊاڪٽر انور جوڻيجي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1948ع شاعر غلام محمد غلام جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1949ع ليکڪ گلاب گل محمد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
پھرين آڪٽوبر 1949ع سگهڙ محمد لقمان کوکر جو جنم ڏينھن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1952ع شاعر امداد علي اداس جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1953ع ناليواري راڳي خادم حسين ديواني جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1956ع شاعر اڪبر ساگر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1956ع نامور صحافي ۽ اڳوڻي سفير حسين حقاني جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1956ع اداڪار چندر بالاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1957ع ڪهاڻيڪار انور جوکيو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
پھرين آڪٽوبر 1957ع ناميارو شاعر اڪبر ساگر اصل نالو علي اڪبر جوکيو شڪارپور ڳوٺ چوڏهيو سڌايو شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
پهرين آڪٽوبر 1961ع محق ۽ لطيف شناس، سليم ڀٽو لطيفي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ساحر راهو (شهمير راهو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ممتاز خادم (قاضي احمد) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1964ع ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري يوسف سنڌي (دڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1965ع عالم ۽ فاضل امام بخش امام زرداري جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1967ع چترڪار، شاعر ۽ ليکڪ قاضي منظر حيات (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1970ع ليکڪ طارق علي ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1971ع شاعر امان الله امر بروهي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1972ع سياستدان سردار مير غلام عابد خان سندراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1972ع شاعر، مضمون نگار، ڪالم نگار، سماج سڌارڪ ۽ وڪيل اي. بي صدا لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
پھرين آڪٽوبر 1973ع ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ ارباب علي ميمڻ ڳوٺ سونو جتوئي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پهرين آڪٽوبر 1973ع مشهور مزاحيہ اداڪار علي گل ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1975ع نامياري عالمِ دين، اديب ۽ محقق علامہ مقصود علي ڊومڪي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1975ع شاعره، ليکڪا ۽ ڪمپيئر سهڻي پارس (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
پھرين آڪٽوبر 1977ع شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر سھراب گوپانگ رستم خان گوپانگ ڳوٺ پليو خان گوپانگ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پهرين آڪٽوبر 1977ع شاعر نياز نديم جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين آڪٽوبر 1979ع شاعر ياسين ڪنڀر (سلطان پور) جو جنم ڏينهن آهي.
پھرين آڪٽوبر 1982ع گلوڪارہ ديبا ڪنول بدين ۾ جنم ورتو.

وڇوڙو:

پهرين آڪٽوبر 1936ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد عثمان جو لاڏاڻو ٿيو.
پهرين آڪٽوبر 1971ع مشھور سياستدان سيد امداد علي شاھ ڄاموٽ ھڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو.
پهرين آڪٽوبر 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله هالائي جو انتقال ٿيو.
پهرين آڪٽوبر 1979ع نامياري وڪيل ۽ سياستدان خانصاحب دوست محمد هڪڙي جو انتقال ٿيو.
پهرين آڪٽوبر 2003ع اردو جو مشھور اديب، ناول نگار ۽ افسانہ نويس الياس سيتا پوري جو انتقال ٿيو.
پهرين آڪٽوبر 2009ع فلمي اداڪار سيد ڪمال جو انتقال ٿيو.

اڄوڪي ڏينهن پهرين آڪٽوبر جا ڪجهه اهم واقعا

1917ع ــ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو.
1960ع – نائيجيريا برطانيا کان آزادي ورتي
1982ع – تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ هيمٽ شميٿ جي جاءِ تي هيمٽ ڪوهئي جرمني جو چانسلر مقرر ٿيو.
1985ع – اسرائيل پاران تيونسيا ۾ موجود پي ايل او جي صدر دفتر تي حملا شروع ڪيا ويا.
2017ع – اسپين جي ڪورٽ، ڪاٽالونيا ۾ ٿيل آزادي لاءِ ريفرينڊم کي غير قانوني قرار ڏنو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top