هيءَ جنگ عرب ملڪن ۽ اسرائيل وچ ۾ 1967ع ۾ لڳي. جنهن کي عربيءَ ۾ ”حرب الايام الستة“ چئجي ٿو. هيءَ جنگ 6 ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾ هڪ طرف مصر، عراق، اردن ۽ شام اتحادي هئا ته ٻئي طرف اڪيلو اسرائيل، جنهن کي مغربي طاقتن جي ڀرپور مدد حاصل هئي. 5 جون 1967ع تي اسرائيل، مصر، شام ۽ اردن جي شهرن ۽ هوائي اڏن تي اچانڪ حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽين عرب – اسرائيل جنگ جو آغاز ٿيو. اسرائيل 5 جون تي صبح جو پنج لڳي 8 منٽن تي، اهڙي وقت هوائي حملن جو آغاز ڪيو، جڏهن هر ڪوئي رات جي آخري پهر ۾ گهري ننڊ ۾ ستل هيو. اسرائيل طرفان اهڙي وقت جو انتخاب به مخالفن کي غفلت ۾ رکڻ لاءِ هيو. اسرائيل کي مصر ۽ ان جي اتحادين مان اهڙي وقت ۾ حملي جو خدشو نه هيو. اسرائيل جو هڪڙو مقصد هي به هيو ته عرب ملڪن تي زميني حملو ڪرڻ کان اڳ پهريائين عربن جي فضائي طاقت کي ختم ڪيو وڃي. جون 1967ع ۾ بنان ڪنهن اعلان جي اسرائيل مصر تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ مصر جي گهڻي ڀاڱي فضائي طاقت هڪڙي ئي حملي ۾ تباهه ڪري ڇڏيائين. مصر جي فوج جو گهڻو حصو يمن ۾ هيو، ڇاڪاڻ ته 1965ع ۾ جمال عبدالناصر حريت پسندن جي سازش سان يمن تي قبضو ڪري، پنهنجي گهڻي ڀاڱي فوج يمن موڪلي ڇڏي هئي. جنهن کي بر وقت گهرائڻ ممڪن نه هيو. نتيجو هي نڪتو جو 6 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ اسرائيل نه صرف سموري فلسطين مان مصر ۽ اردن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو، بلڪه شام ۾ جولان جي پهاڙين ۽ مصر جي سموري سينا رڻ پٽ تي پڻ قبضو ڪيائين. ٽين عرب – اسرائيل جنگ دوران اسرائيلي فوجي پهرين ڏينهن مجموعي طور تي مصر، شام ۽ اردن جا 34 هوائي جهاز تباهه ڪيا ويا ۽ ٻئين ڏينهن اها تعداد 416 تائين وڃي پهتي. اسرائيل کي انهيءَ حملي جو موقعو مصر جي صدر جمال عبدالناصر پاڻ ئي ڏنو هيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خليج عقبہ کي اسرائيلي بحري جهازن لاءِ بند ڪري ڇڏيو هيو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ اردن ۽ شام سان فوجي اتحاد به ڪيو هئائين. انهيءَ کان سواءِ سوئيز جنگ کان پوءِ 1956ع کان اقوام متحده جي فوج، جيڪا اسرائيل ۽ مصر جي وچ ۾ سينا رڻ پٽ ۾ تعينات هئي، انهيءَ کي به هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هئائين. اسرائيلي حاڪمن انهيءَ مطالبي کي پنهنجي مٿان حملو سمجهيو. بعد ۾ اسرائيلي حڪمرانن اهو به بهانو بڻايو ته جمال عبدالناصر جو اردن ۽ شام سان فوجي معاهدو ڪرڻ جو مقصد، اسرائيل تي اچانڪ حملو ڪرڻ هيو. اهڙي طريقي سان اسرائيل انهيءَ حملي کي دفاعي حملو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فلسطين تي قبضي کان پوءِ اسرائيل هوائي حملن سان گڏ سينا رڻ پٽ ڏانهن پيشقدمي پڻ شروع ڪري ڏني ۽ مصري فوج، جيڪا پنهنجي فضائي طاقت وڃائي چڪي هئي، ڳرو مالي ۽ جاني نقصان کڻڻ کان پوءِ شڪست کائڻ تي مجبور ٿي. اسرائيل سينا رڻ پٽ ۾ جنگ سان گڏوگڏ اردن ۽ شام تي به حملو ڪري ڏنو. انهيءَ موقعي تي الجزائر، عراق، سوڊان، ڪويت ۽ يمن به اسرائيل خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، البته انهن ملڪن عملي طور تي جنگ ۾ حصو نه ورتو. اسرائيلي فوجي بيت المقدس تي قبضي کان پوءِ خوشي ملهائيندي جون 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ کي دنيا جي تيز تين جنگن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسرائيل صرف ٻن ڏينهن جي اندر سينا رڻ پٽ کي فتح ڪندي سوئز نهر تائين وڃي پهتو. اوڀر ۾ شام ۽ اردن جي فوجن کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ کان پوءِ ”جولان“ جي پهاڙن، ”بيت المقدس“ ۽ درياءِ اردن تي پڻ قبضو ڪري چڪو هو. جنگ جي ٽين ڏينهن، جڏهن اسرائيل پنهنجا اهم مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو، ته سلامتي ڪائونسل هڪڙي قرارداد ذريعي جنگ بندي جي اپيل ڪئي. پر اسرائيل انهيءَ اپيل جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ 10 جون 1967 تائين جنگ کي جاري رکيو ۽ جنگ بندي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي اسرائيل سوئز نهر جي سموري اڀرندي ڪناري، درياءِ اردن جي الهندي ڪناري، جولان جي پهاڙن جي چوٽين ۽ شام جي ڪن علائقن تي قبضو ڪري چڪو هو. هن 6 ڏينهن جي جنگ ۾ اسرائيل سموري بيت المقدس تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجو گاديءَ وارو هنڌ ”تل ابيب“ تان منتقل ڪري هتي کڻي آيو. گلابي رنگ ۾ اُهي علائقا ظاهر ڪيا ويا آهن، جن تي اسرائيل 1967ع ۾ قبضو ڪيو http://www.youtube.com/watch?v=E63AKJpa1Tk http://www.youtube.com/watch?v=VaTq_Q2X6tk http://www.youtube.com/watch?v=R4wD5fet_n0 http://www.youtube.com/watch?v=TcVu4oPR39I http://www.youtube.com/watch?v=Ogjx...9DF70F110&playnext=1&playnext_from=PL&index=6 http://www.youtube.com/watch?v=v81xG614M5c
جواب: ٽين عرب - اسرائيل جنگ ادا تمام بهترين ونڊ آهي۔ هن سان گڏ جيڪر اسرائيل عرب واريون ٻي جنگون لگيون هيون اهي به ونڊ ڪيو ته پوء واه واه ٿي وڃي