سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (55) واءُ وکيريا خيال اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر رياضت ٻرڙي جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل آهي.هي ڪتاب 2012ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا، جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
ڪتاب مان ورتل ٽڪرو:
سهڻيءَ سنڌ جو آسمان گھڻي ڀاڱي بادلن سان ڀريل رهيو آهي، ڪٿي مينهن پيا آهن ته ڪٿي تن ۽ من کي ٺاريندڙ هوائون گُهليون آهن، جن اونهاري جي گرميءَ کي ماحول منجھان پٺتي ڌِڪي ڇڏيو آهي ۽ هوائن کي رُومانَ ۽ هُڳاءَ ڀَريو بڻائي ڇڏيو آهي.... ٻئي طرف، برساتن اسان جي شهرن کي گندو به ڪيو آهي. رستن ۽ گھٽين ۾ برسات جو پاڻي بيٺو آهي، روڊن تي مسافرن کي اچ وڃ ۾ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، گَپ چِڪ مان گذرڻو پوي ٿو، خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي وڏي تڪليف سان اچ وڃ ڪرڻي پوي ٿي. ان صورتحال ۾ ڄڻ ته برسات جي سندرتا کي مات اچي وئي آهي ۽ ماڻهو برساتن مان بيزار ٿيڻ لڳا آهن. رحمتَ زحمتَ ۾ بدلجي وئي آهي.... انتظاميا ته جيڪي به اُپاءَ وٺي ۽ جڏهن به اپاءَ وٺي، اميد ته وقت سِر ڪٿي نه ڪٿي وٺندي هوندي جيڪا يقيناً ماڻهن کي سهولت ميسر ڪري ڏيندي، پر اسان جو به ڪجھ فرض آهي جيڪو اسان کي ادا ڪرڻ گھرجي. جي ها دوستو، ڏسو ته اسان ڪيئن نه رستن ۽ راهن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. انهن تي صندل هڻي، ريڙهيون بيهاري، دڪانن اڳيان دڪانن جيترا ئي قبضا ڪري اتان ماڻهن جي گذرڻ کي بند ڪري ڇڏيو آهي، فوٽ پاٿن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت بند ڪري مانڊڻيون هڻي ڇڏيون آهن جنهنڪري مجبورن ماڻهن کي روڊن تان گذرڻو پوي ٿو، جنهن سان ڪيئي ايڪسيڊنٽ به ٿيا آهن ۽ ماڻهو ويچارا معذور به بڻجي ويا آهن. خسيس فائدن لاءِ ماڻهوءَ کي تڪليف ڏيڻ ڪو چڱو ڪم ته ناهي نه، جو اهو ڪبو رهجي...