• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

عباس ڪوريجو

سينيئر رڪن
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
(چونڊ 15 بيت: عباس ڪوريجو)
1.اِن در سندي مڱڻي، اڳي ائين نه هير
جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهي.
2.هنيو ڏجي حبيب کي، لڱ ڏجن لوڪ
کڏيون ۽ کروتون، ايءَ پڻ سَڳر ٿوڪ
3.پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
4.پاڻيهاري سڀڪا، جا سر گهڙو ڌري
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
5.مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ
جي پڌ وڌئي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ
6.جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا
ري پانجي کٽئي، سڀر ٻري نه باهه
7.تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سکُ
سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک
8.وائي ٻي مَ ڀُلُ، مروئان موران، پکئان
با الله سندو سڄڻين، هو هلاچو هُلُ
9.جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي
من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري
10.ور سا سچي ويڙهه، جتي سڄڻ هيڪڙو
سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙهئين
11.ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪنهن نه نيا پاڻ سين
سڪڻ سپرين کي، لاڳاپا سين لوڪ
12.نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون
ڪارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون
13.پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير
جو لکڻ منجهه ماڙهوئين، سو ڪلکڻ ۾ کير
14.پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن
دانهون ڪن مٺن جيئن، دم نه سڃاڻين
15.سڏ نه سلامي ٿئا، وهيءَ نه وريا جي
هاڻي تنين کي، ناهي ماڳ ملير ۾
 
پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾۔
جيئن پاڻي ڀرڻ واري عورت مٿي تي ٻه دلا گڏ رکي بنا هٿ وجهڻ جي ويندي آهي ته ائين لڳندو آهي اهي ٻئي دلا هڪ هجن، ڍنڍ ۾ ڪو پکي ويٺل نظر ايندو آهي ته ان جا پير پاڻي اندر هوندا آهن پر ائين لڳندو آهي ته پکي کي پير ئي ناهن اهو پاڻي سان ڳنڍيل آهي۔ شاعر چوي ٿو ته پاڻيهاري جي دلن ۽ پکي ۽ پاڻي جي لاڳاپي وانگر منهنجو سٍڄڻ به ائين ئي منهنجي روح سان ڳنڍيل آهي،
 
بهترين چونڊ ۔۔۔

شاهه ڪريم جي شاعري تمام سٺي ۽ پيغامن سان ڀريل آهي ۔۔۔۔
 
.سڏ نه سلامي ٿئا، وهيءَ نه وريا جي
هاڻي تنين کي، ناهي ماڳ ملير ۾
شاهه ڪريم شايد انهن سنڌين لا لکيو آهي جيڪي پنهنجي جواني ۽ پنهنجا جوهر ۽ خدمتون ٻاهرين ڌارين لا استعمال ڪندا رهيا ۽ جڏهن ڌرتي کي سندن ضرورت هئي ته هو پئسا ڪمائڻ خاطر وديس ۾ رهيا، هاڻي انهن جي لا هن ملڪ ۾ ڪابه جڳهه ناهي
 
Back
Top