نثارناز
سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو، ڪافي ڏينهن اڳ ۾ مون منتظم اعلى جناب رشيد سمون کي اها گُذارش ڪئي هُئي ته سنڌ سلامت ۾ ننڍڙن سنڌي ٻارڙن جو الڳ شعبو بنايو وڃي، پر اتان اهو جواب مليو ته اکر پڙهه الف جو ئي سنڌي ٻارڙن جو شعبو آهي، ماٺ ڪري ويهي رهياسين، 20 فيبروري 2010ع تي منهنجي پياري ڀائٽي مجيب نور جي سالگره ٿي، سالگره جا فوٽو ڀي ڪڍياسين، روزانو منهنجو ڀائٽو ضد ڪندو آهي ته چاچا ابو، اسان ننڍڙن ٻارن جو به سنڌ سلامت جو شعبو هُئڻ کپي جتي اسان پنهنجون خوشيون، پنهنجون سالگراهون، پنهنجون بنايل مصوري جون معصوم تصويرون شيئر ڪري سگهون، مون کيس چيو پُٽ بلڪل هُئڻ کپي، پر توهان جو چاچا جادوگر سائين جي مغز ۾ اها ڳالهه ويهي ئي ڪانه ٿي. خير مجيب نور جي دل رکڻ خاطر سندس سالگره جون تصويرون ۽ ان سالگره جو اکين ڏٺو احوال سنڌ سلامت جي مختلف موضع واري سيڪشن ۾ ڏئي سنڌ سلامت جي هيڏي وڏي محبتي اڱڻ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪري رهيو آهيان ته اسان پنهنجون ۽ پنهنجي پيارن جون خوشيون بلڪل دنيا جي سمورن سنڌين سان ونڊ ڪري سگهون ٿا، اسان جڏهن ڏُک ڀريون خبرون سنڌ سلامت جي اڱڻ تان شيئر ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ڇو نه اسان پنهنجي خوشين ۾ به سڀني کي شامل ڪريون، ان سلسلي ۾ پنهنجي پياري ڀائٽي مجيب نور سمون جي اٺين سالگره جو اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت توهان سان شيئر ڪري توهان کي به دعوت ٿو ڏيان ته توهان به پنهنجي پيارن جي خوشين جا اکين ڏٺا احوال تصويرن سميت باقائده سنڌ سلامت تان شيئر ڪري هڪڙي نئين روايت کي جنم ڏيو. 15 فيبروري 2010ع تي منهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون جيڪو پنهنجي ملازمت جي سلسلي ۾ ڪوئٽه ۾ رهندو آهي فون تي چيو ته ڀاءُ وڏا مان 19 فيبروري تي ٽنڊو محمد خان اچي رهيو آهيان، مون چيومانس ته ادا تون هينئر بابا سائين جي چاليهي تي ڪجهه ڏينهن پهرين ٽنڊو محمد خان آيو هُئين چيائين ته ها مان اچان پيو پر سبب نه ٻُڌايائين، مون سمجهيو ته ڪنهن ضروري سرڪاري ڪم تي اچي رهيو هوندو، گهر ۾ ان موضع تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته خبر پئي ته سندس پُٽ مجيب نور جي سالگره 20 فيبروري 2010ع تي آهي ، ، منهنجو وڏو پُٽ محمد علي جيڪو پنهنجي سروس جو پندرهن ڏينهن وارو روٽيشن پورو ڪري آيل هو، سو کيس چيم ته پُٽ علي ننڍڙي مجيب جي سالگره آهي، ڇا تون سندس سالگره جو ڪو تحفو وٺي ايندين، ان جواب ڏنو ته ها ابو، بلڪل وٺي ايندس، ٺيڪ 19 فيبروري ننڍو ڀاءُ نوراحمد سمون رات جو اٺين وڳي پهتو، مون سندس پُٽ جي سالگره جي ايڊوانس ۾ مُبارڪ ڏني، 20 فيبروري 2010ع تي صُبح جو ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي چيئر پرسن محترما شبانه امتياز هڪڙو ڪتابچو جيڪو اڙهن پيجن جو هو کڻي آئي ۽ چيائين ته هي ايڊوڪيسي مهم جي سلسلي جو هڪ ڪتاب آهي توهان ڪمپوز ڪري ڏيو، دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته شهر ٽنڊومحمد خان ۾ في الحال سنڌي يا اردو ڪتابي ڪمپوزنگ” فري آف ڪاسٽ “ ڪمپوزنگ ڪرڻ وارو شايد مان ئي آهيان، ان ڪري فوري حامي ڀريم ۽ کيس چيم ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ تنهنجو ڪتاب ڪمپوز ٿي ويندو، پر مون وٽ پرنٽر ڪونه اٿئي جو توکي پرنٽر مان بٽر پيپر ڪڍي ڏيان، محترما شبانه امتياز چيو ته مون وٽ ” ايپسن“ ڪمپني جو بلڪل نئون پرنٽر موجود آهي، هن اڌ ڪلاڪ جي اندر اهو پرنٽر منهنجي گهر موڪليو، تقريبن هڪ ڪلاڪ ۾ پندرهن پيج اُن جا ڪتاب جا مڪمل ڪيم، ان دوران ڪوئٽه کان آيل ڀاءُ نوراحمد سان ڳالهه ٻولهه به هلندي رهي، اها به خبر پئي ته مُنهنجو وڏو پٽ علي منهنجي ڀائٽي مجيب جي اٺين سالگره جو تحفو وٺڻ حيدرآباد شهر وڃي چُڪو آهي، تقريبن هڪ ڪلاڪ پندرهن منٽن ۾ ايڊوڪيسي مهم ڪمپوز ڪري ڇڏيم ٻن ڪلاڪن کان پوءِ گهر محترما شبانه امتياز ليگل سائيز جا بٽر پيپر وٺي آئي مون چيومانس ته ميڊم ڪرائون سائز ڪتاب جيڪو ٻن پيجن تي ڪمپوز ڪبو آهي ان لاءِ بٽر پيپر اي فور سائز جا کپن توهان ليگل سائز جا وٺي آيا آهيو، ان چيو ته پوري شهر ٽنڊو محمد خان مان ڪافي تلاش جي باوجود اي فور بٽر پيپر نه ملي سگهيا ان ڪري ليگل سائز وٺي آئي آهيان، خير مون وٽ ڪافي سارا سفيد پيپر اي فور سائيز جا موجود هُئا انهن پيپرن کي ليگل سائز پيپرن سان ملائي باقي جيڪو حصو ليگل سائز جي بٽر پيپرن جو بچيو پي ان کي ڪينچيءَ سان ڪٽي مڙئي جُڳاڙ ڪري ليگل سائز بٽر پيپرن کي اي فور ۾ تبديل ڪري ڪمپوز ٿيل بٽر پيپر مون محترما شبانه امتياز کي ان جي مهرباني مڃي ان کي ڏنا، توهان يقينن کلندا هوندا ته ڪم به محترما شبانه امتياز جو وري مهرباني به مان پيو مڃان، بس دوستو اسان چرين جو مڙئي اهڙوئي حساب ڪتاب آهي، اهڙا ئي چريائي وارا حساب ڪندي مون وقت کان اڳ ۾ پنهنجي نوڪري وڃائي ۽ پن سن (پينشن) تي گُذارو پيو ڪريان، خير ان دوران شام جا 6 وڄي چُڪا هُئا.. ڏٺم ته ادو نوراحمد پنهنجي پُٽ جِي سالگره جي تيارين ۾ لڳو پيو هو، سادي نموني جي سالگره هُئي منهنجي ڀاڻيجن کان سواءِ سئوٽن جا ننڍڙا ٻارڙا ئي ايترا آهن جو پاڙي ۾ ٻي ڪنهن ٻار کي سالگره جي سلسلي ۾ دعوت ئي ڪونه ڏيندا آهيون، ڪجهه ٻارڙا ادا نوراحمد جي سُسرال مان به اچي ويا، ڏٺم ته منهنجي ڀائٽي کي سليٽي رنگ جو سلوار قميص وارو وڳو، جيڪو ارجنٽ طور اسان جي خانداني درزي” بارمل“کان سڀايو ويو هو، اهو پارايو ويو، ڪاري رنگ جي واسڪوٽي جيڪا ڀاءُ نوراحمد ڪوئٽه مان اسپيشل طور وٺي آيو هو، سا به منهنجي ڀائٽي مجيب کي پارائي وئي تمام سُٺو پي لڳو ايتري ۾ منهنجو وڏو پُٽ علي حيدرآباد کان سالگره جو تحفو پيڪ ڪرائي آيو سالگره کان سواءِ پنهنجي ٽن ننڍن ڀائرن ۽ هڪڙي ڀيڻ ۽ مون لاءِ ۽ سندس ماءُ لاءِ بلڪل نوان ڪپڙا تيار حالت ۾ حيدرآباد کان وٺي آيو، جيڪي فوري طور منهنجي پُٽن ۽ منهنجي نياڻي پاتا، گهر جي سمورين عورتن توڙي مردن کي اسپيشلي طور ڀاءُ نور احمد سالگره جي سلسلي ۾ فردن فردن آگاهه ڪيو هو، اهڙي ريت مجيب نور جنهن جي سالگره هُئي اهو سڀ کان پهرين تيار ٿيو، ان کان پوءِ مجيب نور جو ننڍو ڀاءَ جنهن کي اسان پيار مان ماسٽر جُنيد سڏيندا آهيون اهو ٽن سالن جو آهي تيار ٿيو، ان کان پوءِ مجيب نور جي ڀيڻ منهنجي پياري ڀائِٽِي سحر نور تيار ٿي، انهي دوران منهنجي نياڻي ثنا، کي به سُٺا ڪپڙا پهرايا ويا، منهنجا پُٽ به تيار ٿيا، منهنجو اڃا به هڪڙو ننڍو ڀاءَ مشتاق احمد سمون آهي اهو به شادي شده آهي اهو ويچارو مزدور ماڻهو آهي ۽ اهو اسان سان گڏ رهندو آهي ان جا ٻه ٻارڙا بي بي صبا مشتاق سمون جيڪا چار سالن جي آهي ۽ هڪ پُٽ ريحان کي به سالگره جي سلسلي ۾ تيار ڪيو ويو، ڪيڪ کان علاوه پليٽن ۾ چاڪليٽ ڪُلفي، ڇولن جي چاٽ، سموسا ٽائپ جو برگر، تُلسي، چيوڙي ۾ دال موٺ وغيره به سجايا ويا، رات جا ٺيڪ اٺ وڳا، اسان گهر جا سمورا ڀاتي، ٻه ڀاڀيون، اسين ٽي ڀائر، منهجي شريڪ حيات، منهنجا چار پٽ، هڪڙي نياڻي، منهنجا ڀاڻيجا، ڀاڻيجيون، ڀائٽا ، ڀائٽيون، منهنجو هڪڙو مامون جيڪو 86 سالن جو آهي، منهنجي ماسي (منهنجي ساسو ماءُ) جيڪا 92 سالن جي آهي اها، مجيب نور جنهن جي اٺين سالگره هُئي ان کي سڀئي گڏجي سالگره جي ٽيبل تي وٺي آياسين ، هڪڙي ميڻ بتي ڪيڪ جي مٿان ٻاري وئي، هڪڙي ننڍڙي ڇُري مجيب کي ڏني وئي ان جي پاسي ۾ سندس ننڍو ڀاءُ ماسٽر جنيد نور ،سندس ننڍي ڀيڻ سحر نور سندس والده ۽ سندس والد کي بيهاريو ويو، مون پنهنجي ڪئميرا پنهنجي هٿ ۾ کنئي الله تبارڪ و تعالى جو بابرڪت نالو وٺي سالگره جو ڪيڪ مجيب نور خوش ٿي ڪاٽيو سالگره ۾ شريڪ ٿيل سڀني ٻارن دل کولي تاڙيون وڄائي مجيب نور کي هيپي برٿ ڊي چئي واڌايون ڏنيون، مون به پيار مان ننڍڙي مجيب کي چميون ڏئي غريباڻي حال ۾ خرچي ڏني مانس، سڀ کان پهرين سالگره جو تحفو منهنجي نياڻي ثنا مجيب نور کي ڏنو،ان کان پوءِ گهر جي ڀاتين فردن فردن مجيب کي تحفا ۽ تحفن سان گڏ کوڙ ساريون دعائون ڏنيون مان تصويرون ڪڍندو ويس، ٻارن ۾ ڪيڪ ، چاڪليٽ ڪُلفي، ڇولن جي چاٽ ، برگر ۽ چيوڙي ۾ دال موٺ واريون پليٽون ورهايون ويون، سڀئي ٻار تمام گهڻو خوش هُئا، اهڙي ريت بابا سائين جي وڇوڙي(وفات) جي ٺيڪ سٺ ڏينهن کان بعد اهي خوشين جا ڪُجهه لمحا ميسر آيا سڀ کان وڏي ڳالهه ته گهر جا سڀئي ننڍا وڏا ڀاتي گُڏ هُئاسين. دوستو پيش آهن انهي سادي مگر پُر وقار سالگره جي تقريب جون ڪجهه تصويرون.
ننڍڙو مجيب نور سمون سالگره جي ڪيڪ ڪٽن جي تيارين ۾ سندس پاسي ۾ سندس ڀاءُ جُنيد نور سمون به بيٺل آهي
ننڍڙي مجيب نور جي ننڍڙي ڀيڻ سحر نُور سمون
مجيب نور کي منهنجي ننڍڙي نياڻي ثنا نثار سمون سالگره جو تحفو ڏئي رهي آهي
منهنجي ننڍڙي نياڻي ثنا نثار سمون خوشگوار موڊ ۾
منهنجي ننڍڙي ڀائٽِي صبا مشتاق احمد سمون به تيار ٿي هُئي سالگره ۾
منهنجو وڏو پُٽ محمد علي ۽ ٽي نمبر وارو پُٽ شاهه زيب سمون سالگره واريون پليٽون هٿن ۾ کڻي بيٺا آهن
منهنجو ڀاءُ نوراحمد سمون پنهنجي پُٽ جي سالگره جو ڪيڪ منهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق احمد سمون جي ننڍڙي پُٽ ريحان کي کارائي رهيو آهي۔
ننڍڙا ٻارڙا سالگره جي کاڌي واري پليٽن کي کڻيو ويٺا آهن
منهنجو سڀ کان ننڍو پُٽ ڪاشف علي پاڙي جي هڪ ٻار کي کڻيو بيٺو آهي، سندس پاسي ۾ منهنجو ڀاڻيجو شهريار سمون به بيٺو آهي
پاڙي جون نياڻيون به هن سالگره ۾ شريڪ ٿيون