• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 2 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 2 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

2 آڪٽوبر 1869ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ موهنداس ڪرمچند گانڌي (مهاتما گانڌي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1884ع سماج سڌارڪ رامچند ايم ڪيول رامچنداڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1904ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ ۽ هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادري شاستري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1925ع شاعر ۽ گلوڪار ڪانجي لال قاصد (ٺارو شاهه / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1928ع شاعر، اديب ۽ نقاد ايشور آنچل (ڪراچي / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1934ع تعليمي ماهر انيتا غلام علي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1935ع شاعر غالب لطيف (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1935ع ليکڪ ۽ مترجم لکمي کيلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1938ع شاعر موهن واسواڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1938ع فلمي دنيا جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1948ع محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ ليکڪ الطاف اثيم (راڻيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1959ع اديب، تنقيد نگار، ايڊيٽر ۽ پبلشر ناز سنائي اصل نالو محمد عثمان ميمڻ مانجهند ۾ پيدا ٿيو.
2 آڪٽوبر 1960ع سياستدان محمد اسلم ڀوتاڻي (دريجي / لسٻيلا) جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1960ع شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار،ڊراما نگار، اداڪار ۽ هدايتڪار ايوب گاد جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1964ع شاعر منظور پيارو عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1971ع قانوندان، ليکڪا ۽ شاعرہ ڪلپنا ديوي جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1975ع شاعر تبسم ماجد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1977ع شاعر عاجز امتياز (محرابپور) جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1978ع شاعره روبينہ ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
2 آڪٽوبر 1978ع ليکڪ نور محمد شاهي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

2 آڪٽوبر 1944ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراڄ ٻوڌ جو لاڏاڻو ٿيو.
2 آڪٽوبر 1955ع صوفي شاعر ميان غلام محي الدين ميرل (هالا) جو لاڏاڻو ٿيو.
2 آڪٽوبر 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان سومرو جي وفات ٿي.
2 آڪٽوبر 1984ع شاعر باغ لکوي جو انتقال ٿيو.
2 آڪٽوبر 2022ع صوفي شاعر صوفي غلام مصطفيٰ ”آثم“ جکراڻي جو انتقال ٿيو.

اڄوڪي ڏينهن 2 آڪٽوبر جا ڪجهہ اهم واقعا

2 آڪٽوبر هر سال اهنسا يا عدم تشدد جو عالمي ڏينهن (International Day of Non-Violence) ملھايو ويندو آھي.
1934ع – پارلياماني ڪاميٽي سفارش ڪئي تہ سنڌ کي بمبئي پريزيڊينسي کان ڌار ڪيو وڃي.
1988ع – حيدرآباد ۾ 30 سيپٽمبر ۽ پھرين آڪٽوبر جي رات شروع ٿيل لساني جهيڙن سبب حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ اٽڪل 160 ماڻهو مارجي ويا، شهر ۾ هنگامن کي پوليس روڪڻ ۾ ناڪام رهي.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top