اڄ وري هوءَ چري ناراض مونکان ٿي وئي آ ۽ چوي ٿي پئي مان ناهيان تنهنجي تون ناهين منهنجو ٻئي آهيون ڌار ڌارئون ڌار کيس ڪيئن ٻڌايان ۽ ڪيئن سمجهايان ته من مندر ۾ موجود تون ئي ته آهين منهنجو پورو هي وجود تون ئي ته آهين وفا جو واعدو مون لاءِ تون ئي ته آهين قلم ۽ قائدو مون لاءِ تون ئي ته آهين مون لاءِ مهراڻ جي مومل تون ئي ته آهين سنڌ جي سسئي سهڻي تون ئي ته آهين اماوس رات جي راڻي تون ئي ته آهين پريت جي پياري ڪهاڻي تون ئي ته آهين دل جي دردن جو ڇوٽڪارو تون ئي ته آهين ساه جي سمنڊ جو ڪنارو تون ئي ته آهين روه جي راه جي راهي تون ئي ته آهين مون لاءِ جيون ، مون لاءِ تون ئي ته آهين تون ئي ته آهين .