• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اٿو اٿو سنڌ لئي

عابد بلوچ

سينيئر رڪن

ڪڙهو ڪڙهو ، چڙهو چڙهو
چڙهو جبل ڪي چوٽيون
ٺڪا مٿان ٺڪا اچي
ته سنڌ کي بقا اچي
ٿي سنڌ کي بقا کپي
اٿو ڪي لڱ لوھ ڪيو
۽ عزم کي ڪوھ ڪيو
اٿو اٿو سنڌ لئي
۽ پنهنجي مٺڙي جند لئي
ها رت جي ڪا راند ڪيو
صدين جو ڪو پلاند ڪيو
اٿي اٿي ، اٿي اٿي
اي قلمڪار تون اٿي
قلم جي تيز ڌار ڪر
انهيءَ کي تون ترار ڪر
او چترڪار تون اُٿِي
مٽيءَ جو قرض بار ٿئي
نوان ڪي روپ رنگ ڀر
وڙهڻ جو ڪو ڍنگ ڌر
وڌو وڌو وِڙهو وِڙهو
عَلم ڪو جنگ جو کڻو
جو سنڌ ڏي نظر کڻي
جو جند ڏي نظر کڻي
وڌي انهيءَ تي وار ڪيو
انهيءَ کي ڌڙ کان ڌار ڪيو
اٿو اٿو ، اٿو اٿو
دفل وڄايو جنگ جا
وڙهڻ جي اهڙي ڍنگ جا
وِ ڄن جيان ٺڪاءُ اچي
ته سنڌ کي بقا کپي
بقا جي جنگ جوٽيو
۽ خندون ڪي کوٽيو
 
Back
Top