سڀني ونڊوزن جي لاءِ ونڊوز ۾ ڪنهن فائل يا شارٽ ڪٽ جو آئي ڪن تبديل ڪرڻ نهايت آسان آهي ۽ تقريباً تمام دوست انهيءَ کان واقف هوندا. مگر فولڊر جو آئيڪن ڪئين تبديل ڪجي، انهيءَ جي متعلق تمام گھٽ ماڻهو ڄاڻڻ ٿا. هن ٽپ ۾ توهان کي انهيءَ جي باري ۾ ئي ٻڌايو ويندو. ڪوبه فولڊر کوليو ۽ View مينو مان folder options تي ڪلڪ ڪريو. اهڙي طرح فولڊر آپشن جي ونڊو کلي ويندي. انهيءَ ونڊو مان File Types جي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو. رجسٽرڊ فائل ٽائپس جي لسٽ مان Folder تي ڪلڪ ڪريو ۽ Edit جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. هڪ نئي ونڊو کلندي. توهان انهيءَ ۾ Change Icon جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي پسند جو آئي ڪن سليڪٽ ڪريو. انهيءَ کان پوءِ Ok جو بٽڻ دٻائي ڇڏيو.