سائي چانھ بيڪٽرياز ۽ وائرسن جي بچالاء پڻ مفيد ـ ميڊم شاهده سمون سائي چانھ جا جيڪي انساني صحت لاءمفيد فائيده تحرير ڪيا آهن واقعي ڪار آمد آهن سائي چانھ ۾ ٻيون بہ کوڙ ساريون نعمتون پن موجود هڪ ماهر مونکي ٻڌايو تہ سائي چانھ تي تہ مون وٽ هڪ ڪتاب پڻ لکيل آهي کوڙ فائده اٿئي انهي چانھ ۾ ـ سائي چانھ بابت مونکي ڪجھ حقيقتو مليون آهن جيڪي اوهان ساٿين اڳيان شئر ڪيان ٿو ـ هاروڊ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق مطابق سائي چانھ ۾ ملندڙ ڪجھ ڪيميائي مادا بيڪٽرياز ۽ ٻين وائرسن کان بچاءُ لاء انتهائي مفيد پڻ آهن 80 سال يا ان کان وڌيڪ ڄمار وارن ماڻهن تي تازوئي ڪجھ تجربا ڪيا ويا آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي تہ گهڻي سبز چانھ استعمال ڪندڙ ماڻهون (نسيان) جي بيماري کان محفوظ رهي سگهن ٿا ، جاپاني سائنسدانن جي مطابق سبز چانھ ۾ هڪ اهڙو مرڪب بہ مليو آهي جيڪو خارش (الرجي) کي روڪڻ پڻ ڪارائيتو آهي ، تجربن مان معلوم ٿيو آهي تہ اهو مرڪب جسم جي اندر ٻن اهڙن مادن جي روڪٿام ڪري ٿو جيڪي الرجي جو سبب وزن گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ سائي چانھ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ـ
جواب: سائي چانھ بيڪٽرياز ۽ وائرسن جي بچالاء پڻ مفيد دوست سائين عاجز صاحب، مهرباني ۔۔۔ ادي شاهده جي ليک ۽ مٿان واري اوهانجي تصديق ۽ ان سان گڏ سائين حڪيم کتري صاحب جي چانهن مطلق ڏنل معلومات ۽ تعريف پاڻکي ته اصل سائي چانهن پيئڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي ۔۔۔ سائي چانهن، ڪجهه ڦڙا ليمي جو رس ۽ ٿورڙي ماکي ملائي پيئڻ سان اصل کٽمٽڙو ٺهيو پوي ۽ پوءِ مزيدار چسڪيون ۔۔۔۽ وري جي ٿورڙو ڦودنو ملايو ته بس ڄڻ ته مڪمل علاج ٿيو پوي ۔۔۔ پيٽ، نڙي ۽ مادي ۽ جسم جون ٻيون بيماريون ختم ۔۔۔ مطلب ته امرت ڌارا ٿيو پوي ۔۔۔ دوست عاجز، اوهان پنهنجو هي موتين جهڙو ليک به ادي شاهده جي ڌاڳي ۾ رکو ها ته مضمون جا موتي گڏ ٿي هڪ سهڻو هار ٺهي پوي ها ۔۔۔ shal judy hujeen