• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي جو استٿمال

ڪجه دوست بلڪ اڪابر ۽ پاڻ کي دانشور سڏائيندڙ جيڪڏهن غلت راه ڏيکارين ته پو هن قوم جو ڇا ٿيندو جنجو نا مراد خيال آهي ته ڪو اردو چينل کولجي ۽ هن سنڌ سلامت تي اردو کي جا ڏجي اڙي منهنجا نادان دوستو قومن جي وجود کي قائم رکڻ لا انهن جي ٻولي جو زنده هجڻ ضروري آهي۔۔ڪله اسان پريشان هئا سين ته هي دنيا تبديل ٿي اليڪٽرانڪ سسٽم ۽ ڪمپيوٽر ،انٽرنيٽ تي هلي وئي آهي پيپر کي پوئتي ڪندي اي گورنمنٽس پيو هلن ان۾ اسان جي ٻولي ڪهڙي نموني جڳه وٺي خدا خدا ڪري ڀرڳڙي صاحب جي محنتن رنگ لاتو ۽ سافٽويئر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو جنهن جو نالو آهي ايم بي سنڌي۔هاڻي صرف ان جي ڊائون لوڊ ڪري سسٽم ۾ وجهڻ جي ويرم آ پو توهان پنهنجي سلوڻي سنڌي ۾ لکي پڙهي سگهو ٿا ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهو ٿا۔۔ان جو استعمال وڌائڻ جي ضرورت آهي ۔۔۔هن جي فاعدن جو ذڪر ڪبو ته ڪتاب لکجي ويندا ۔۔۔هاڻي هي ته ثيو سنڌي سافٽ ويئر جنهن جي مدد سان اسان پنهنجي نج سنڌي چينلز تي خبرن جي پٽي هلندي به ڏسي سگهون ٿا ۽ سڀ ڪتاب ،فائيل سرڪاري توڙي نجي هن ۾ لکي سانڍي سگهو ٿا۔۔۔هي ته ٿيو اجرو ڪم پر اسان جي دوستن کي ڇا ٿي ويو آ جو وتن ٿا ٻي ٻولي جي وڪالت ڪندا ايتري تائين جو امر جليل ٻه چئي پيو ته ڪو اردو چينل هجي سائين دادا اردو ۾ ته سرڪاري سرپرستي ۾ ۽ نجي سرمايدارن جي سپورٽ سان سوين بلڪ هزارين چينل کلي ويا آهن جن جا دفتر ٻه سنڌ ۾ ۽ کائن به سنڌ جو پر هڪ ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ جو سنڌي ڪو به پروگرام پيش نه ڪيو اٿن انهن کي ته شرم به نه ٿو اچي ائين ڪرڻ لا ۽ اسان جا دوست ويٺا عجيب ڳالهيون ڪن جي ڏاهپ نه آهي ته زور سان ڏاها نه ٿيو۔۔ڏاها ته صدين جا ڏس ڏيندا آهن ۔۔۔ڏه صديون پو ڇا ٿيندو جو اونو هوندو آ انهن کي ۔۔۔هي ته ڏهن ڏيهن جي به پوري ساڃاه نه ٿا رکن۔۔۔
مونکي انهنن دانشورن پنهنجن سنڌي اديبن کان به شڪايت آ ته جڏهن پاڪستان جڙيو ته ڪراچي مان 350 اسڪول بند ڪيا ويا ۽ انهن جي جا تي اردو پرائمري اسڪول کوليا ويا۔۔هنن نڀاڳن هڪ اکر به نه ڪڇيو ڪا هڙتال به نه ڪئي ڪو منهن ڄٻو به نه ڪيو شهر مان سنڌي کي نيڪالي ڏيندي ڏسندا رهيا تماشو پنهنجي بربادي جو ۽ وري سنڌ يونيورشتي جيڪا ڪراچي يونيورسٽي جي جا تي قائم هئي کي به هڪلي ڪڍيائون ڪنهن ڪجه به نه چيو ۔۔۔۔۔وري هاڻي پرائيويٽ اسڪولن جي لڪل نموني ۾ ۽ اردو پرائمري اسڪولن جي روپ ۾ هي الائي ڪٿي وڃي پڳا آهن جتان هنن جي واپسي موت ئي ڪري سگهي ٿو۔۔۽ وري اسان جي دوستن جيڪي ڪجه برگر ٽائيپ ٿي ويا آهن تن کي پنهنجي نسلن کي انهن اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي پيا فخر محسوس ڪندا۔۔۔جڏهن اهو نسل وڏو ٿي ٿو ته ان کي سنڌي ڳالهائڻ پڙهڻ لکڻ بنه ڪين ٿو اچي هاڻي ٻڌايو ته هي پنهنجي نسل سان پاڻ ويڌن ڪري پنهنجي وجود جي نفي ڪرڻ ۔۔اها ڏاهپ آ يا بي هونشي يا چريائپ آ جو اهو سلسلو جاري ته پو هڪ اڌ صدي کان پو چوڻ ۾ ضرور ايندو ته ڪا هئي سنڌ ۽ سنڌين جي ٻولي۔۔۔۔پر ان بي حودا سوچ کان پهرين الله تعلي ا سنڌي ماڻهن جي مدد ڪئي ذهن ڏنو جن هاڻي هي سافٽ ويئر جنهنجو موجد مهربان ڀرڳڙي صاحب جن آهن هن منهنجي تنهنجي ٻاٻاڻي ٻولي کي هن دنيا جي تبديل ٿيل روپ ۾ قدم سان قدم ملائي بيٺي آهي صرف اهي نادان دوست جيڪي عقل کان آري تن کي هونش اچي ته پنهنجن ٻارن کي انهن انگريزي اسڪولن ۾ موڪلڻ کان پاسو ڪن ۽ هي سنڌي تعليم جو سسٽم جيڪو هڪ بلڪل جٽادار ۽ جاندار آهي ۾ پڙهائين ته ٻولي به زنده رهي ته سنڌ ۽ سنڌي به زنده رهي۔۔۔هي تعليم جنهن ۾ 5 سالن ۾ گهر ۾ ٻار ڳالهائڻ سکي ٿو ۽ پو پرائمري ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو جتي هو اها سنڌي جيڪا ما جي هنج ۾ سکيو کي لکڻ پڙهڻ سکي ٿو پنج درجن ۾ هن کي لکڻ پڙهڻ اچيٿو ۽ ان کان پو سيڪنڊري ليول جنهن ۾ هڪ سبجيڪٽ انگلش ۽ باقي مضمون سنڌي ۾ پڙهندي پڙهندي ميٽرڪ پاس ڪري ٿو هاڻي هن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ مهارت اچي ٿي وڃي ۽ پنج سال انگريزي پڙهندي هن کي انگريزي به اچي ٿي ۽ پو آ هاير سيڪنڊري جنهن ۾ ڪل مضمون انگريزي ۾ آهن ۽ هو ٻه سال هنن ۾ ماهر ٿي وڃي ٿو ۽ پو پروفيشنل ادارن ۾ جنهن ۾ ڊاڪٽري ،انجينيئري وڪالت بنڪنگ وغيره ۾ پڙهي ٿو هاڻي ڏسبو ته هي هڪ روبسٽ سسٽم آهي تعليم پرائڻ جو جنهن ۾ ڌرتي جي ٻولي ۽ سانڃاه به سکي ٿو ۽ انگريزي ٻه ۔۔۔ڪم ڇا ٿيڻ گهرجي ته سڀ جا سڀ ٻار اسڪول وڃن سڀ جا سڀ استاد ٻارن کي پڙهائين ۽ ڪو به اسڪول بند نه هجي استادن جي وقت به وقت سکيا ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي نت نوان پڙهائڻ جا طريقا ٻڌائجن جنهنسان نفسياتي طور ٻار هوشيار ٿين ۔۔۔نه ڪي انگلش ميڊيم جنهن ۾ ڪو آڪسفوڊ سسٽم ۾ آ ته ڪو او ليول يا ڪيمبرج سسٽم ۾ آ جنهن جو هن ڏرتي سان ڪو واستو به نه آهي جهڙي تعليم سان ٻار اوپرو پيو ٿي ۽ هي پنهنجي پيسن پونجي پيو ان تي خرڄ ڪري ۔۔۔۔بيوقوفي جي انتها ٿي ڏسجي ۔۔ڪي نشو پي بيهوش ٿين هي بنا پيڻ جي بي هوش اهڙا ڪم پيو ڪري ۽ سندس هوش کي ڪا ڪل ئي نه آهي ته ڪاڏي وڃي پيو پنهنجي وجود کي وڃائيندي ڪا قصر نه ڇڏي اٿس ۔۔۔او بي هونش ڪجه هاڻي هوش ڪر پاڻ سڃاڻ تون ڪنهن قوم جو ٿيڻ ٿو چاهين ۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top