• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمارٽ فونز ۽ سمارٽ ٽي وي کان پوءِ هاڻي حاضر آهي سمارٽ بلب...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ اهڙو بلب جيڪو مڪمل طور پروگرام ايبل هجي ۽ ان کي موبائيل فون ايپليڪيشن ذريعي ڪنٽرول ڪري سگهجي۔۔ ان جي روشني گهٽائي سگهجي، وڌائي سگهجي، رنگين بڻائجي يا پنهنجي مزاج مطابق بڻائجي۔۔۔ ڇا توهان کي اهي خواهشون آهن۔۔۔ جي بلڪل توهان چريا ناهيو ڇو ته اڄ جي ٽيڪنالاجي دور ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ۔۔۔ ڇو ته هاڻي سمارٽ فونز ۽ سمارٽ ٽي وي کان پوءِ حاضر سمارٽ بلب۔۔۔ هي آهي Lifx

lifx.jpg
هي بلب لڳائڻ ۽ انسٽال ڪرڻ به بلڪل سولو۔۔​
ce4c8d32051588ce5559284aee67fa52_large.jpg
موبائيل فون چاهي اينڊروائيڊ هجي يا آئي فون ذريعي ايپليڪيشن انسٽال ڪريو۔۔ ۽ بلب جي لائيٽنگ تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪريو۔۔۔​
8b033beed09fabc10ae0b0ea38d6519b_large.jpg
هڪڙو ئي بلب اهڙو جو جيڪو رنگ توهان جي دل گهري ان ۾ تبديل ڪرڻ بس هڪ آنڱر جي اشاري تي۔۔۔​
2600a567199e10dd56446d7951f69eeb_large.jpg
ڏينهن هجي يا رات لائيٽنگ جو شيڊيول توهان جي هٿ ۾۔۔​
23f874414c45fc5916656cc5596c6820_large.jpg
لائيٽ کي آف ۽ آن وڌيڪ آسان​
1e41fc05ce8d4a975e2b76571cff744c_large.jpg
ڊانسنگ موڊ هجي يا ميوزڪ موڊ يا وري شادي جي تقريب جو سهرو لاڏو۔۔ بلب جي روشنين کي نچائڻ توهان جي هٿ ۾​
53d6dbc6eb0a2fbfd97536f13c64ee95_large.jpg
روايتي طريقي ڪار مطابق به هلائڻ موجود​
cf659e23adf6db0fe67cea898d87baeb_large.jpg
جي دلچسپي اڃان به موجود آهي ته هي وڊيو ڏسو۔۔۔​


رهي ڳالهه قيمت جي ته مهربانو ۔۔ قدردانو۔۔۔ ڳولي لڀي ڪونه۔۔۔ ۽ ملي ورتي ڪونه۔۔۔ قيمت تي نه وڃو بس هڪ دفعو استعمال ڪيو ته مزا ماڻيندي کيسي خالي ٿيڻ جو ڏک ئي نه رهندو۔۔۔ هن جادوئي بلب جي قيمت آهي 79 ڊالر يعني پاڪستاني تقريبن 8 هزار روپيه۔۔۔!!!
 
ادا شيء ته دل کي وڻي پر نڀاڳن رقم به وڏي ڳري رکي آهي۔۔۔۔

۽ هتي بلب جي چوري ته سولي آهي نه ۔۔۔۔ !!!!!! تنهنڪري سَسِتي ٿيڻ جو انتظار پيو ڪيان۔
 
Back
Top