ڪجهه ڏينهن کان سڄي سنڌ خاص ڪري سامونڊي پٽي سخت گرمي جي ور چڙهيل آهي۔ ڪالهه به ڪراچي ۾ گرمي جو درجو لڳ ڀڳ 40 سينٽي گريڊ تائين پهتل هو۔
گرميء جي ان لهر جو سبب عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل هوا جو گهٽ دٻاءُ آهي۔ 21 سيپٽمبر کان ممبئي ۽ گجرات ويجهو عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ داٻ پيدا ٿيو جنهن سبب سڄي سنڌ ۽ گجرات گرمي جي ور چڙهيل آهن۔ سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزنن ۾ ته تمام گهڻي گرمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ چون ٿا ته گرمي جي اها لهر آچر تائين جاري رهندي ۽ انکانپوء عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل گهٽ دٻاء ختم ٿيندو ۽ تيز هوائون لڳنديون۔