اسٽيل ملز، ريلويز، او جي ڊي سي ايل، سوئي گئس سوڌو 31 ادارن جي نجڪاري جو فيصلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري ڪاميٽي ملڪ جي 31 جي لڳ ڀڳ سرڪاري ادارن مان ڪجھه جي مڪمل ۽ ڪجھه جا 26 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏيندي، نجڪاري ڪميشن کي نجڪاري جو عمل شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي، اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري واري پروگرام تي تفصيلي غور ڪرڻ بعد پروگرام تي اڳڀرائي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن پاران 31 جي لڳ ڀڳ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي فھرست پيش ڪئي وئي، جنھن بعد ڪاميٽي انھن ادارن جي نجڪاري تي پيشرفت شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي، ڪاميٽي نجڪاري ڪميشن کي وڪرو ڪندڙ ادارن جي ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي پر ذريعن مطابق ڪاميٽي جن ادارن جا 26 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪرڻ توڙي ادارن جو انتظامي ڪنٽرول خريدار ڌرين کي ڏيڻ جي منظوري ڏني آھي انھن ۾ پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل توڙي ريلويز ۽ ڪجھه بئنڪن ۾ حڪومت جا رھيل شيئر پڻ شامل آھن، ذريعن مطابق خانگايو ويندڙ ادارن ۾ پاڪستان پوسٽ، ايس ايم اي بئنڪ، يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن، پرنٽنگ ڪارپوريشن پاڪستان، پاڪستان اسٽيٽ لائيف انشورنس، نيشنل انشورنس، سنڌ انجنيئرنگ، او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل، ماڙي پور گئس فيلڊ، پاڪ عرب ريفائنري، پي ايس او، سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، ناردرن پاور، نيشنل بئنڪ جا رهيل شيئر سول ايوي ايشن اٿارٽي ۾ پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، اين ايڇ اي، ڊسڪوز ۾ ليسڪو، فيسڪو، آئسڪو توڙي ٻيا ادارا شامل آھن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو