اڄوڪو ڏينهن 4 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 4 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


4 آڪٽوبر 1911ع شاعر الھہ بچايو وفا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1919ع مشهور شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم محمد الزمان طاب المولا (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1962ع سماجي ورڪر محمد عالم جوکيو جو جنم ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1966ع نامياري گلوڪار ۽ ڪمپوزر تعمير حسين جو جنم ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1967ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن حريف خان چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1967ع شاعر ۽ ماهوار همرچو جي ايڊيٽر اياز جاني جو جنم ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1967ع صحافي مظفر قاضي (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1973ع ليکڪ لياقت ميمڻ (ڊکڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1975ع صحافي امداد سومرو (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1978ع باليووڊ اداڪاره سوها علي خان جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 آڪٽوبر 1855ع هالا سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر آخوند عبد الصمد ثانوي جو لاڏاڻو ٿيو.
4 آڪٽوبر 1948ع سياستدان، اڳوڻي وڏي وزير ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي وفات جو ڏينهن آهي.
4 آڪٽوبر 1976ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ جو انتقال ٿيو.
4 آڪٽوبر 1990ع سنڌ جي نامياري شاعر سڄڻ قبولائي جو انتقال ٿيو.
4 آڪٽوبر 1995ع ناليواري گلوڪار مسعود رانا جو انتقال ٿيو.
4 آڪٽوبر 2011ع سنڌ جي مشھور ملھ پھلوان غلام سرور جتوئي کي قتل ڪيو ويو.

واقعا

1947ع ــ خيرپور رياست پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
1957ع ــ دنيا جو پھريون ھٿرادو خلائي سيارو اسپتنڪ 1 (Sputnik-I) روس طرفان خلا ۾ موڪليو ويو.
1958ع – فرانس جو موجودہ آئين منظور ٿيو.
1962ع – نيشنل عوامي ڊيموڪريٽڪ فرنٽ وجود ۾ آئي، هن اتحاد ۾ جماعت اسلامي، عوامي ليگ، نيپ، ڪائونسل مسلم ليگ، ڪشڪ سرمڪ پارٽي، ريپبلڪن پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون شامل هيون.
2006ع – وڪي ليڪس جو بنياد پيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
4 آڪٽوبر ڇا ڏنو ڇا ورتو...؟
فقير محمد سنڌي.
4 آڪٽوبر 1855ع تي هالن جي مذهبي عالم، آخوند عبدالصمد ثانوي جو وصال ٿيو.
4 آڪٽوبر 1910ع تي اسپين ۾ جمھوريت قائم ٿي ۽ شھنشاهه مينول (ٻيو) انگلستان ۾ پناهه ورتي.
4 آڪٽوبر 1919ع تي ويهين صدي جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيت مخدوم طالب الموليٰ، اصل نالو مخدوم محمد زمان ولد مخدوم غلام محمد هالا نوان ۾ پيدا ٿيو.
4 آڪٽوبر 1924ع تي آمريڪا جو وزير تجارت ميلڪم بيلڊرج جو جنم ڏينھن آهي.
4 آڪٽوبر 1928ع تي سجاد باقر رضوي جو جنم ڏينھن آهي.
4 آڪٽوبر 1947ع تي جمون ڪشمير جي مھا راجا هري سنگهه کي اقتدار تان هٽايو ويو.
4 آڪٽوبر 1947ع تي خيرپور رياست پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
4 آڪٽوبر 1948ع تي ناميارو قانوندان سر غلام حسين هدايت ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
4 آڪٽوبر 1948ع تي مولانا مودودي کي جماعت اسلامي جي ريليءَ مان گرفتار ڪيو ويو.
4 آڪٽوبر 1953ع تي بائيبل جو پھريون مڪمل انگريزي ترجمو سوئٽزرلينڊ ۾ شايع ٿيو.
4 آڪٽوبر 1957ع تي روس ملڪ پھريون مصنوعي سيٽلائٽ اڏايو.
4 آڪٽوبر 1957ع تي انسان خلائي دور ۾ داخل ٿيو.
4 آڪٽوبر 1967ع تي نوجوان شاعر ۽ ايڊيٽر اياز جاني اصل نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ رحمت پور محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
4 آڪٽوبر 1977ع تي نئين ٽھيءَ جي شاعر ۽ نثر نويس رضوان گل پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ٿيو.
4 آڪٽوبر 1978ع تي بالي ووڊ اداڪاره سوها علي خان جو جنم ڏينھن آهي.
4 آڪٽوبر 1987ع تي پاڪستان جي سابق وزير خارجه ميان ارشد حسين جو وصال ٿيو.
4 آڪٽوبر 1995ع تي ناليواري گلوڪار مسعود رانا جو وڇوڙو ٿيو
 
Back
Top