جواب: گل گلاب جا ادا ممتاز وگهيا تون خود سنڌجو تازو گُلاب آهين تڏهن ته سنڌ جي تاريخي شخصيتن جي تصويرن کي گلابي گُلن جي شڪل ۾ نروار ڪيو اٿئي تمام خوبصورت ونڊ آهي مهرباني مٺا
جواب: گل گلاب جا سائين ممتاز صاحب اوهان ته زبردست گلاب چونڊيا آهن اهي واقعي نه ڪومائجندڙ سدا حيات گلاب آهن سندن محنت ۽ سندن ڪاوشون تاريخ ۾ ڪڏهن به کين ڪومائجڻ نه ڏينديون اوهان جي ان ڪوشش کي به سلام آهي۔ شال آباد هجو ۔ تمام پياري شيئرنگ ڪئي آهي اگر ممڪن ٿئي ته انهن متعلق ٻه ٻه ٽي ٽي سٽون لکي سندن مختصر تعارف به پيش ڪيو ته اوهان جي مهرباني ٿيندي۔
جواب: گل گلاب جا ادا منهمجو اهيو ئي ارادو آهي مگر ادا اسان نوڪري وارا ماڻهو (اها به پرائيويٽ ) آهيون سو ٽائيم جو وڏو مسئلو آهي۔ انشاء الله انهن بابت مختصر تعارف پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔ مگر ڪجهه وقت درڪار آهي دعائن ۾ ياد رکندا۔
جواب: گل گلاب جا ڪجهه نالا به کٽل آهن ۔۔۔ جي اهي پورا هجن ته وڌيڪ سٺو ۽ مختصر تعرف ته سون تي موتين جو ڪم ۔۔۔ هاڻ مزو آيو، هڪ سهڻو البم تيار ٿيو آهي ۔۔۔ اوهانکي به مزو ايندو هوندو ۔۔۔جس هجي اوهانکي دوست ممتاز ۔
جواب: گل گلاب جا ادا منهمجو اهيو ئي ارادو آهي مگر ادا اسان نوڪري وارا ماڻهو (اها به پرائيويٽ ) آهيون سو ٽائيم جو وڏو مسئلو آهي۔ انشاء الله انهن بابت مختصر تعارف پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔ مگر ڪجهه وقت درڪار آهي دعائن ۾ ياد رکندا۔ ادا مون وٽ اڃان ٻيون تصويرون پڻ آهن مگر ٽائيم گهٽ هجڻ جي ڪري ڪم اڏ ۾ پيو آهي۔ انشاءالله۔ باقي ڪم به پورو ڪيو ويندو ۔ مگر ان لاء انتظار ۽ انتظار۔ ڪرڻو پوندو۔
جواب: گل گلاب جا ادا سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي انهي کي جيتري به داد ڏجي سا تمام گهٽ آهي، بي شق، اهي تا حيات مهڪندڙ گل آهن، اهي گل جن جي خوشبو ۽ جن جي مهڪار پوري دُنيا تي ڇانيل آهي، پر افسوس اسان جي سنڌي ڪامورن جي اکين اڳيان ڪارونجهر کان به وڏا پردا پيل آهن، جو انهي گلن کي ڏسي نه ٿا سگهن۔
جواب: گل گلاب جا دوست ممتاز، اوهانجي ونڊ ڪيل گلابن جي خوشبو سنڌ سلامت جي اڱڻ کي مهڪائي ڇڏيو آهي ۔۔۔ ادي رشيد 2010 جو جيڪو ڪئلينڊر ڇپرايو آهي جنهنجي اوهان شايد جهلڪ ڏسي چڪا هجو ان ۾ پڻ انهن گلابن جي خوشبو وسيل آهي ۔۔۔ مهرباني سهڻي آلبم ٺاهڻ جي ۔۔۔