• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جئي سنڌو ديش

ممتاز علي بجير

سينيئر رڪن
ادا اسلام عيڪم منهنجو نالو ممتاز علي بجير آهي منهنجو شهر بدين آهي مونکي سنڌ سلامت تي اچي تمام گهڻي خوش ٿي آهي سڀ کان وڌيڪ سنڌ سلامت جو اصول وڻيو جيڪو هتي ڪو به گهٽيا قسم جو مواد نه آهي
الله اوهان کي خوش رکي
 
جواب: جئي سنڌو ديش

مٺڙا ممتاز بجير
سدائين جيئي سنڌ
ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا ۔۔۔ دوست اچن ميلا لڳن ته دل جا غبار لهن ۔۔۔ اوهان هن اڱڻ تي اچي اسانجو مان مٿاهون ڪيو آهي ۔۔۔ اوهانکي هن اوطاق تي موجود دوستن جو مواد سٺو لڳو ۔۔۔ اها اسانجي خوشنصيبي آهي جو هن اوطاق تي سڀ سهڻا ۽ سلجهيل دوست اچنٿا، جي محبتي آهن، پڙهيل لکيل آهن، وطن سنڌ سان پيار ڪنٿا، ۽ درد دل رکنٿا ۔۔۔ هن اوطاق جو مقصد به سنڌ ۽ سنڌيت آهي ۔۔ اسانجو نعرو آهي
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
اميد ته اوهان به پنهنجي علم ۽ تجربي مان اسانجي رهنمائي ڪندا ۽ اڱڻ تي ڀيرو ڀڃندا رهندا
اچو ته ٻه ته ٻارنهن ٿي وطن سنڌ جي ڏکن سکن کي هڪٻئي سان ونڊ ڪندا رهون ۔۔۔
رب العالمين سنڌ ۽ سنڌين کي ڪوسي واءُ کان بچائي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top