هڪ باز واندو هو ۔۔۔ کاڌ خوراڪ ۽ فيملي مسئلن کان آجو هجڻ ڪري واندڪائي جو مزو ماڻڻ لاءِ هڪ وڏي وڻ مٿان اچي ويٺو۔۔۔
ڪجهه دير ۾ اتان هڪ سهڙ جو گذر ٿيو۔۔ سهڙ مٿي باز کي ڏسي چيو۔۔۔”ڇا هتي مان تو وانگر ويهي واندڪائي جو مزو وٺان۔۔۔؟“
باز جواب ڏنو۔۔۔ ” بلڪل۔۔۔۔!“
سِهڙ وڻ هيٺان ٽيڪ لڳائي ويهي واندڪائي جو مزو وٺڻ لڳو۔۔۔۔
ٿوري ئي دير ۾ اچانڪ اتان هڪ لومڙ گذريو۔۔۔ پنهنجي سامهون لذيذ کاڌو ڏسي دير ئي نه ڪيائين ۽ ٽپو ڏئي سِهڙ کي قابو ڪري ورتائين۔۔۔۔
سبق: جيڪڏهن پاڻ کي واندا ٿا سمجهو ته واندڪائي جو مزو وٺڻ لاءِ ڪنهن اوچي جڳهه تي وڃي ويهو۔۔۔۔