هندو جو لاش ڪڍي اڇلائي ڏنو!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2013۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    انسان جيستائين جيئرو هوندو آهي ان وقت تائين هو مسلمان، هندو يا ٻي ڪنهن مذهب جو هوندو آهي مرڻ کان پوءِ ان جو واسطو الله سان آهي سندس مرضي هن سان ڪهڙو به حشر ڪري پر اسان وٽ ان ڳالهه کي ڪير به نٿو سمجهي. بدين ضلع جي شهر پنگريو ۾ هڪ هندو جو لاش مسلمانن اهو چئي قبر مان ڪڍي ڇڏيو ته مسلمانن جي قبرستان ۾ هندو جو لاش نٿا پوري سگهو!!
    [​IMG]
    پنگريو /بدين (نمائندن وٽان) پنگريو جي قبرستان ۾ ڀيل برادري جي نوجوان کي دفنائڻ تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، شهر ۾ شٽربند هڙتال، لاش قبر مان ڪڍيو ويو، فوتي جي ڌر پاران ٿاڻي جو گهيراءُ، پوليس اختيارين پهچي صورتحال تي ضابطو ڪيو، خبر موجب حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان ڀورو ڀيل کي پنگريو جي حاجي فقير قبرستان ۾ دفنائڻ تان قبرستان سان لاڳاپيل ڌر ۾ ۽ فوتي جي ڌر وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ کانپوءِ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي وئي، جڏهن ته ماڻهن جي وڏي انگ قبرستان پهچي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جذباتي نوجوانن ڀيل برادري جي نوجوان جو لاش قبرستان مان ڪڍي وڃڻ جو چتاءُ ڏنو، چتاءَ واري وقت تائين لاش نه ڪڍڻ تي جذباتي ماڻهن پاران پاڻ قبر مان لاش ٻاهر ڪڍيو ويو، اهڙي صورتحال تي ڀيل برادري ۾ تاءُ پکڙجي ويو ۽ انهن احتجاج ڪندي پنگريو ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو، ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ ڪري اطلاع ملڻ تي مختلف ضلعن جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جا اٽالا پنگريو پهچي ويا، جڏهن ته ايس ايس پي بدين شوڪت کٽياڻ به پهتو ۽ صورتحال تي ضابطو ڪري ورتو، ايس ايس پي ٻنهي ڌرين جي معززن پير ذوالفقار شاهه، جهان کوسو، مير محمد بخش، لکو پٽيل نارائڻ ۽ ٻين سان گڏجاڻي ڪئي، انهي دوران قبرستان جو به معائنو ڪيو ويو، ڳالهين کانپوءِ ڌرين جي رضامندي سان فوتي نوجوان ڀورو ڀيل جو لاش سندس وارث قبرستان مان کڻائي ويا، جڏهن ته علائقي جي معزز مير محمد بخش پنهنجي 4 ايڪڙ زمين هندن جي قبرستان لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ فوتي جاوارث لاش کي اتي دفنائڻ لاءِ کڻي ويا، هوڏانهن حافظ عامر، قاري باسط ۽ راڻا ساجد سرڪار کان گهر ڪئي ته حاجي فقير قبرستان کي چوديواري ۽ گيٽ لڳرايو وڃي، ٻئي طرف پنگريو ۾ ڀورو ڀيل جو لاش ڪڍڻ واري واقعي خلاف بدين ۾مختلف تنظيمن پاران رام ڪولهي، وڪيو راڄواڻي، خادم ٽالپر، فيض اڍيجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    الله اڪبر۔۔۔ڪيڏو نه اذيت ڀريو ڪم ڪيو ويو۔۔!!
    هي خبر پڙهي نهايت شديد ذهني صدمو پهتو آهي۔
    هر مذهب زندهه انسانن جي عزت نفس، انهن جي شخصيت، انهن جا بنيادي رهڻ جا حق، خوشي، غم مطلب ته زندگي جي هر ضرورت جو خيال رکي ٿو۔چاهي انسان ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندڙ هجي۔جڏهن زندهه انسان جي هر مذهب ۾ ايتري قدروقيمت سمجهي وڃي ٿي ته سندس موت کانپو ان جي جسم جو احترام به سڀني تي لازم آهي۔
    اسلام ته دنيا جو اهو مذهب آهي جيڪو جانورن جي حقن جي به حفاظت ڪري ٿو۔ افسوس صد افسوس۔۔هي عمل منهنجي نّظر ۾ ان علائقي جي هر مسلمان کي گنهگار ڪري ٿو۔اصولن مسلمانن جي قبرستان ۾ مسلمان ئي دفن ٿيڻ گهرجن۔ اسان وٽ ته مختف فرقن جا به مختلف قبرستان موجود آهن، پر جيڪڏهن اتفاقي طور تي ڪو مخالف مذهب جو انسان دفن به ٿي ويو آهي ته ان کي قبر کوٽي قبر مان ٻاهر ڪڍڻ وارو فعل ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول نه هئڻ کپي۔
    وڌيڪ عالم حضرات هن مسئلي تي روشني وجهي سگهن ٿا۔ مونکي ته اها ڳالهه سوچي به ڏک ٿي رهيو آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    قالو انا لله و انا اليه راجعون۔
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڪربلا جي واقعي کانپوءِ جي روئيندو آهيان ته اهڙن واقعن تي۔
    مير محمد بخش (زنده هئڻ جي باوجود) کيس روزانو عشا جي نماز ۾ کيس قل پڙهي بخشيندس، الله سائين قبول فرمائيندو ، الله سائين هن وقت ئي مير محمد بخش جي لاءِ جنت ۾ جاءِ جوڙيندو، آمين ثم آمين۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ملان کي آ غرور عبادت تي گھڻو،
    هر وقت ٿو گمراھ ۽ غلطان رهي،
    ٿو نيڪ ڏسڻ ۾ اچي مردُودُ مگر،
    انسان جي ٿو روپ ۾ شيطان رهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو