جهاندادسمون
سينيئر رڪن
ونڊوز ۾ سنڌي لکو
آفتاب احمد
ونڊوز 2000 ۽ ايڪس پي ۾ يونيڪوڊ جي مڪمل سهولت هوندي آهي، مگر ونڊوز ايم اي ۽ ونڊوز 98 ۾ يونيڪوڊ جي محدود حد تائين سپورٽ هوندي آهي. انهيءَ سپورٽ سان اوهان صرف يونيڪوڊ ڏسي سگهو ٿا مگر لکي نٿا سگهو. سڀ کان پهريائين آئون اوهان کي ونڊوز 98 ۽ ايم اي ۾ سنڌي لکڻ ٻڌائيندس ۽ ان کانپوءِ ونڊوز 2000 جي باري ۾ ۽ پوءِ آخر ۾ ونڊوز ايڪس پي ۾!.هن وقت مائيڪرو سوفٽ ونڊوز 98 ۽ ايم اي ۾ سنڌي لکڻ لاءِ ”ان پيج“ استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سنڌي لکڻ بيحد مشڪل آهي. انهي ڪري اسان انهي کي ڇڏي هڪ ٻيو طريقو اوهان کي ٻڌائينداسين. ۽ اُهو آهي Web Based Sindhi Editor هن جي ذريعي اوهين بلڪل آساني سان سنڌي لکي سگهو ٿا. اهو اسانجي هڪ سنڌي دوست سرفراز احمد چانڊئي جو ٺاهيل آهي. هن ۾ اوهين سنڌي لکي ڪري هن کي ڪاپي ڪري مائيڪروسوفٽ ورڊ وغيره ۾ پيسٽ ڪري سگهو ٿا.
ويب بيسڊ سنڌي ايڊيٽر کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
هيٺ انهي جي هڪ تصوير ڏني وئي آهي:
