نثارابڙو
نائب منتظم
ڇا پاڪستان ۾ پنجاب به اسرائيل وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي؟
تازو اٻاوڙي شهر جي مقامي رهواسين سنڌ روينيو کاتي ۽ پنجاب روينيو کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين، پنجابين جي حوالي ڪرڻ ۽ انکي پنجاب صوبي جو حصو قرار ڏيڻ تي احتجاج ڪيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙيا … جيتوڻيڪ حڪومت جانچ ڪرڻ جو چئي رهي آهي پر مقامي ماڻهون حڪومت جي انهيءَ جواب تي اڃان مطمئن نه آهن … ۽ رشوتي حڪومتي ڪارندن کان کين ڪابه انصاف جي توقع نه آهي … سنڌ جا ڪيترائي حق، پاڻکي وڏو ڀاءُ چورائيندڙ صوبو کائي رهيو آهي … پر هاڻ پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ به شروع ڪئي اٿائون … بلڪل ايئن جيئن اسرائيلن، فلسطين جي سر زمين آهستي آهستي ڪري کسڪائڻ شروع ڪئي ۽ اڄ ڪيترائي فلسطيني علائقا اسرائيل جو حصو ٿي ويا آهن ….
سنڌ سڄاڻ دوستن کي گذارش آهي ته هو پنهنجيون اکيون کليون رکن … اهڙين ڪاروائن جي سخت مذمت ۽ مذاحمت ڪن ته جيئن سنڌ زمين، سنڌين جي پيرن هيٺان باقي رهي …
sindhsalamatsaathsal