2009 جي ڳالھ آ، دادو ۾ بس اسٽاپ تي لاري ۾ ويٺو هوئس، هڪ اڌڙوٽ ڪولھڻ ڇڄ کپائڻ لاءِ اندر گاڏي ۾ داخل ٿي، مون کان اڳئين سيٽ تي ويٺل همراھ کائنس اگھ هن طريقي سان پڇيو ته ”ريٽ ڇا آهي؟“ ۽ منٽ ڏيڍ مائي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي، همراھ کي ته ڪجھ وٺڻو ڪونه هو، سو مفت ۾ اکيون پئي سيڪيائين، آخر هن مائي کي جواب ڏنو ته ”ريٽ مهانگو آ“ ڪولھڻ ويڇاري کي ته شئي کپا۔ڻي هئي هوءَ ويچاري کيس عاجزي ڪرڻ لڳي، انهي وچ ۾ ڪو مائي جو هٿ ان مڙس ماڻهو کي ڇهيو، همراھ تيز لهجي ۾ پوري گاڏي کي مٿي تي کڻي چيو ”منهنجا ڪپڙا ٿي حرام ڪرين“ ڪولهڻ به ماٺ ۾ نه رهي ۽ چئي ڏنائين ”هان اسان وٽ اچو ٿا انهي مهل جسم حرام ناهي باقي هيئنر وڏا مسلمان ٿي ويا هو منافق ڪنهن جاءِ جا“ اهو چئي مائي پنهجي منزل ڏي وڌي مگر همراھ کي بُت ڪري وئي، سڄي سفر ۾ نه ڪڇيو۔ ان مائي جا چيل لفظ اڄ به ذهن ۾ چٽا آهن، سندس همٿ جي جيڏي واکاڻ ڪجي گهٽ آ۔ — (مُجرِم) [انتظاميه طرفان ترميم ڪيل]
توهان ان همراهـ کي ڪجهـ نه چئي ڪري توهان پاڻ کي واقعي مجرم ثابت ڪيو آهي۔ اهڙن بيغيرتن بيضميرن کي عين ان وقت ذليل ڪجي۔ منهنجو ايمان آهي ڪالهـ ڀورو ڀيل جو لاش ڪڍي جن ٻاهر ڦٽو ڪيو ۽ جن فتويٰ جاريون ڪيون اهي به ان ناسور ۾ ورتل آهن۔
ڇا ڪجي اسان جي معاشري ۾ اهڙا ڪيئي واقعا ٿين ٿا۔ انهن کي جواب ڏيڻ جي همت هجي ته ضرور وچ ۾ پوڻ گهرجي، باقي جتي ڪمزور سمجهو اتي اجايو ٽنگ نه اڙائجو۔