منهنجو نالو عبدالغني سمون ولد رحيم ڏنو سمون ڳوٺ حاجي ابراهيم سمون تحصيل ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر فاضل عربي ومدرس مدرسه دارالعلوم السلفيه نوڪوٽ سنده ٿرپاڪررابطه۔نمبر03003083037
جواب: تعارف پيارا ڏيپلائي، ٿرپارڪر جي سهڻي علائقي جا دوست، ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا ۔۔۔ اسانجي ساٿ ۾ اڳ به عربي لکڻ ۽ پڙهائڻ وارا دوست موجود آهن ۔۔۔ اوهانکي ڪچهري ڪرڻ ۾ مزو ايندو ۔۔۔ اوهان هن سنڌ دوست اوطاق تي آيا ۔۔۔ اسانجي خواهش آهي ته سنڌ جي هر فرد کي هن فورم تي گڏ ڪري، حق ۽ سچ جون ڳالهيون ونڊ ڪريون ۔۔۔ ڪجهه هيڏانهن جاسور ٻڌايون ۽ ڪجهه هوڏانهن جا سور ٻڌون ۽ ايئن هڪ قافلو ٺهي پوي ۔۔۔ حق ۽ سچ جي رستي جو قافلو ۔۔۔ اچـــو ڙي سورن واريـــون ڪــــريون ســـور پچار، ڪني ٿورا، ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار، ڏنــــا جي ڏاتــــار، مــــون جهـــولي پـــائي جهليا۔ (شاه) اميد ته اوهان به اسانجي هن قافلي جون مهارون پنهنجن هٿن ۾ وٺندا ۽ ساٿ نڀائيندا ۔۔۔ اوهانکي هن اوطاق تي موجود دوستن جون لکڻيون ڪيئن لڳيون ۽ جي اوهانکي هن اوطاق جي ڪا ڳالهه پسند يا ناپسند هجي ته به آگاهه ڪجو ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ