ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قمبر کي وسيع ڪرڻ جي ضرورت ڪونج نثار سنڌ جي ترقي تعليم سان ئي سلهاڙيل آهي، تعليم کان سوا ڪجهه به تبديل ناهي ٿيڻو، اهڙيون ڳالهيون هر ماڻهو ڪندو آهي ۽ ٻڌندو آهي پر ڪجهه ئي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي پاڻ ڀلي تعليم حاصل نه به ڪري سگهن پر ٻين کي تعليم ڏيڻ وارو ڪم ضرور ڪندا آهن جيڪو کڻي ڪنهن درسگاهه جي صورت ۾ نه به هجي پر انهي کان وڌيڪ لاڀائتو ثابت ٿيندو آهي، هونئن ته تعليم حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي ذريعا آهن پر ٻه اهم ذريعا آهن جن مان هڪ درسگاهون يعني اسڪول ۽ ٻيو ذريعو ڪتب خانا يعني لائبريريون، اسان وٽ اسڪول ته هزارين آهن پر اڪثر بند ئي ملندا ۽ لائبريريون به تمام گهٽ آهن جيڪي آهن به اهي وري يا ته ڪتابن کان خالي آهن يا وري اتي پڙهندڙن جي ايتري ته رش هوندي آهي جو ويهڻ جي جا ناهي ملندي. جڏهن ته جديد ٽينڪالاجي جي دور ۾ لائبريريون به جديد ٿي چڪيون آهن چين ۾ اي ٽي ايم لائبريريون ۽ آمريڪا توڙي ٻين ملڪن ۾ موبائيل لائبريريون قائم ٿي چڪيون آهن پر اسان وٽ اڃا پراڻي دور واريون ڪمرن جهڙيون لائبريريون به مڪمل طور جڙي ناهن سگهيون ۽ انيڪ مسئلن جو شڪار آهن ڪيتريون لائبريريون ته بند به ٿي چڪيون آهن پر جيڪي کليل آهن ته اتي اخبارون ۽ ڪتاب وري اڻلڀ هوندا پر جتي ڪتاب ۽ اخبارون آهن ته اتي وري ويهڻ جي سهولت ناهي هوندي اهڙي ئي صورتحال هن وقت 2 لک آبادي واري شهر قمبر جي لائبريري ۾ پڻ آهي، 2005 ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙي پاران قائم ڪيل پبلڪ لائبريري ۾ هن وقت وڏي انگ ۾ ڪتاب موجود آهن ۽ اخبارون به تقريبن روزاني ٽيبل تي موجود ملن ٿيون پر اتي ويهڻ جي جا ناهي ملندي، اها لائبريري شهر جي سڀ کان وڏي لائبريري آهي جنهن کي اڃا وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته انهي لائبريري جي ڪري ڪيترن ئي شاگردن جو ٽائيم ۽ پئسو ته بچي رهيو آهي پر علم به آساني سان حاصل ڪن ٿا. ڀائو درمحمد لائبريري کان اڳ قمبر جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون لاڙڪاڻي شاهنواز لائبريري ويندا هئا پر هاڻي قمبر ۾ ئي کين اهڙي سهولت ملي رهي آهي ۽ تازو ئي قمبر جي ٽن شاگردن انهي لائبريري ۾ ويهي ڪميشن جي تياري ڪئي جيڪي ڪميشن جو امتحان به پاس ڪري ويا آهن ان کان علاوه ڪيترائي شاگرد ڪميشن جي تياري ڪن پيا جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو اها لائبريري ڪيتري قدر لاڀائتي آهي. پر هتي ويهڻ جي جا ناهي ملندي. منهنجو 2 ڀيرا لائبريري تي وڃڻ ٿيو آهي پر مون کي هڪ ڀيرو به اتي ويهڻ جي جا ناهي ملي ڇو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو اتي موجود هئا ۽ ٻيا وري ٻاهر بيهي ڪرسي ملڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا جڏهن ته منهنجي لا اها ڳالهه به فڪر ڪرڻ جهڙي هئي ته هن لائبريري ۾ جتي وڏي انگ ۾ ڇوڪرا يا مرد موجود آهن انهي ماحول مان اڪيلي ڇوڪري ويهي پڙهي ڪيئن سهگنديس؟ جنهن تي مون لائبريري جي چيئرمين ڀائو درمحمد سان رابطو ڪري کائنس پڇيو ته هتي شاگردياڻين لا ڌار پورشن ڇو نٿا ٺهرايو جنهن تي هن چيو ته مالي وسيلن جي گهٽتائي آهي جنهن ڪري لائبريري وسيع ناهي ٿي سگهي هن ٻڌايو ته حڪومت به انهي معاملي ۾ سهڪار لا تيار ناهي جنهن ڳالهه تي مون کي حيرت به ٿي ته افسوس به، ڇو ته لائبريري جي مٿان ٻيا فلور ٺهي سگهن ٿا جنهن ۾ شاگردياڻين کي ويهڻ لا جا ملي ويندي ۽ قمبر شهر ۾ شاگردياڻين کي به تعليم لا هڪ سٺو ماحول ملندو انهي حوالي سان لائبريري جو چيئرمين ڀائو درمحمد ٻرڙو به چوي ٿو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ انهي شي جي ضرورت ته لائبريري لا 3rd and 2nd فلور تعمير ڪرايو وڃي ڇو ته قمبر شهر جي آبادي 2 لک کان وڌيڪ آهي هن ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري واحد لائبريري آهي جيڪا غريب شاگردن لا مددگار علمي سهارو بڻيل آهي. روزانو 150 کان وڌيڪ شاگرد اچن ٿا جنهن ۾ ڪميشن ڪندڙ 40 آهن، باقي ٻيا سياسي، سماجي ادبي علم پرائين ٿا. جڏهن ته هينئر جيڪو گرائونڊ فلور آهي اهو شاگردياڻين لا، 1st فلور ٻارن جي لا، باقي 3rdفلو ڪنهن سياسي سماجي ادارو ٺهرائي ڏي ته يوٿ لا استعمال ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته تازو ئي بادل لاشاري، ثقلين لاشاري، عبدالرحمان چانڊيو، شفق رحمان چانڊيو ڪميشن جي تياري ڪندڙن ۾ شامل آهن ۽ مهيني ڏيڍ کان تياري ڪندڙ شهزيب چانڊيو جيڪو NGO مان ڏيڍ لک پگهار ڇڏي ڪميشن جي تياري پيو ڪري جنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو هي شهر جي علمي سجاڳي جو مرڪز آهي جڏهن ته هتي روزاني 14 اخبارون اچن ٿيون جن ۾ سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارون شامل آهن ۽ هن وقت ڪميشن جا 150 ڪتاب آهن اڃا 7000 ڪتابن جي ضرورت آهي پر انهي سلسلي ۾ سرڪار پاران ڪوبه تعاون نه ڪيو ويو آهي، گذريل پ پ پ حڪومت 5 سالن ۾ به ڪجهه نه ڪيو. لائبريون غريب ماڻهن جون حفاظتون ۽ ٻولي جو محافظ هونديون آهن جنهن ڪري ڀائو در محمد ٻرڙو ٽرسٽ 4 مقصدن تي ڪم ڪري پئي جنهن ۾ سڀ کان اهم مقصد سڄي سنڌ ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ آهي ۽ ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري جو وجود 2005ع ۾ پيو هو پر هن وقت لائبريري لا بجلي جي سخت ضرورت ۽ شاگردن کي بهتر سهولت ڏيڻ لا ملازمن جي پڻ ضرورت آهي ۽ ڪمپيوٽر سيڪشن خالي پيو آهي، ڪمپيوٽرن جي شديد کوٽ آهي، ڪمپيوٽر گهرجن تنهن ڪري اسان علم انسان دوست ادارن کي اپيل ڪنداسين ته هو ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري کي گهڻي کان گهڻا ڪتاب خاص طور سي ايس ايس جا ڪتاب ڏين ۽ لائبريري کي وسيع ڪرڻ لا فلورز تعمير ڪرائي ڏين ته جيئن هتان جي جاگيرداري جي ڪري پوئتي پيل نوجوانن جي شعور ۾ اضافو ڪجي. روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ چپيل.........8 آڪٽوبر 2013،،،،،،،،،،،،،،، http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...ge=Magazine012&Date=20131008&Pageno=12&View=1