استاد بخاري ادب جي دنيا جو امر ڪردار منصور نثار منهنجي لا سوڳوار ٿي متان هان ٺار عشق بار ٿيئي متان پنهنجو درد مرڪ سان مسارجان منهنجي لا تون هنجون نه هارجان ياد جي اچان ته به وسارجان سنڌ ۾ اڄ کان 17 سال اڳ اڄوڪي تاريخ تي ان وقت جي شام جي پهر ۾ سنڌو سانت، وڻ ٽڻ اداس، پکي پکڻ خاموش خاموش ٿي ويا ۽ سموري سنڌ سوڳوار ٿي وئي هئي جڏهن سنڌ جي سيند سهڻن لفظن سان سنواريندڙ عظيم شاعر استاد بخاري جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو هو پر پنهنجي ڪردار جي استاد جو ساهه سنڌ جي روح ۾ هر وقت موجود آهي ۽ موجود رهندو. استاد بخاري جيڪو ڪنهن تعارف جو محتاج ته ناهي پر شايد اسان جا ڪيترائي نوجوان سندس اصل نالي کان به واقف نه هجن ڇو ته جيستائين مون به استاد جي قلم پورهئي جو مطالعو نه ڪيوهو تيستائين هن بابت ڪا ڄاڻ نه هئي، استاد سان ڪڏهن سامهون ملاقات ته نه ٿي هئي ڇو ته جڏهن هو وڇڙي ويو تڏهن مان اڃا 8 سالن جو مس هيس پر هو ڇا هو؟ ڪهڙي شخصيت هو؟ سندس ڪردار ڇا هو؟ سندس سوچ جو محور ڇا ۽ ڪير هو؟ انهن سڀني ڳالهين جو اندازو سندس قلمي پورهئي مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو ته هو عظيم ڪردار ۽ سنڌ ۽ سنڌين جو عاشق هو مظلومن جو آواز هو ۽ استاد پنهنجو تعارف ڪجهه هن ريت ڪرائي ٿو. هونئن ته مٽي جي چپٽي آهيان جيئي ديس ته ڌرتي آهيان تاريخ آهيان قوم قوي جي نه ته مرڪز جي مٽي آهيان جيئي ديس ته ڌرتي آهيان ڏاڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان مظلومن جو مدبي آهيان سانگين سان گڏ سالگرهه ۾ وڇڙي ويس ته پو ورسي آهيان آزادي استاد ته آهي ماڻهن جي مان مرضي آهيان صرف ايترو ئي نه پر هن جي شاعري ۾ سلاست، بلاغت، جماليت ۽ هر اها خوبي موجود آهي علم ادب جي دنيا ۾ ڪنهن شاعر کي اعليٰ درجي يا مقام تي آڻي بيهارڻ لا مقرر ڪئي وئي آهي. استاد بخاري عوامي شاعر هو هن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ، سنڌو، سنڌين جو عڪس ته ملي ٿو پر رت جي رشتن، پيار محبت، نفرت، ظلم، انقلاب، ٻولي، جو به خاصو توڙي سولو ذڪر ڪيو آهي. استاد بخاري جو اصل نالو سيد احمد شاه هو. هن 16 جنوري 1930ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٽ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ جنم ورتو. استاد پنهنجو ٻالڪپڻ درياءَ ويجهو، ڪانهن جي اڇن گلن ۽ سرنهن، ٻاجھر، جوئر، ڪڻڪ توڙي مٽرن جي کيتن ۾ ڊڪندي ڊوڙندي گذاريا، هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين هيو، تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي. پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن نوڪري ۾ رهي، ڪير ڪيترو به چاهي، ڪنهن درد مند جي دوا نٿو ڪري سگهي. ان ڪري استاد جي طبيعت کي به هي نوڪري بلڪل ڪونه وڻي ۽ جلد ئي هو اداري کان ناتا ٽوڙي تعيلم کاتي سان رشتو جوڙي ويٺو. استاد پرائمري استاد بڻجي مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. هونئن ته استاد شاعري 1946ع ۾ شاگردي واري زماني کان شروع ڪئي هئي، پر 1951ع ۾ جڏهن کيس ايليسمينٽري ڪاليج ميٺاڻي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي کيس نامور شاعر عبدالله اثر جي صحبت نصيب ٿي ته استاد جي اندر جي ڏات تڙپي اٿي. سندس من ۾ متل مانڌاڻ نيٺ اٻري ٻاهر نڪري پئي، مشاعرن جون محفلون مچي ويون. پهريون استاد پنهنجو تخلص ” آسي“ ۽ ”دردي“ استعمال ڪيو، پر پوءِ جلد ئي پاڻ کي استاد سڏائڻ تي رضامند ٿيو. استاد جي شاعريءَ جي خوشبو سموري سنڌ ۾ واسجي وئي. استاد ڌرتي، دل وارن ۽ سونهن جو شاعر بڻجي ويو. سندس گيت نگر نگر گونجڻ لڳا. استاد رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ٽئين درجي جي ماڻهن لاءِ تڙپيو آهي هو سموري ڪائنات جو شاعر آهي، پر هن ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي هئي هو هر نئين لکندڙ سان بنا ڪنهن هت ڀيد ۽ فرق ڏيکارڻ جي ائين ئي سڪ ۽ اڪير مان ملندو هو، ڄڻ پاڻ به انهي ٽهيءَ جو آهي. جڏهن ته اسان جا گهڻا سينئر جونيئرن کي منهن پري ڪري آڳرن جو هٿ ڏيندا آهن. ان ڀيٽ ۾ استاد ته هر هڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو. هو هڪ عظيم شاعر هو. استاد پروفيشنل حساب سان سورنهن سال گلن جھڙن ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي.استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، پر حياتي بيوفا ڪنهن محبوب وانگر 9 آڪٽوبر 1996ع تي اوچتو هٿ ڇڏي وئي. استاد جي قلمي پورهئي ۾ نه ڪم نبريو نه غم نبريو، اتون جو تون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڌرتي سرتي، گيت اسان جا جيت اسان جي، ڪاري ڪڪر هيٺ، زندگي زندگي، ماندي ٿيءُ نه مارئي، ول ولو ۽ ووڪ، وغيره شامل آهي. استاد بخاري پيار، انسان ۽ درياهه کي به مشاهبت ڏئي ٿو ”پيار درياهه آ، درياهه به لٽجي ٿو وڃي نيٺ انسان آ، انسان به مٽجي ٿو وڃي“ ته ٻولي لا به سٽون لکي ٿو ته منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.او لوءِ لوئان لولي!آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي. پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،سُهڻي سُرهي سچي سولي،او لوءِ لوئان لولي!آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻول استاد بخاري پيار ڪرڻ وارن ماڻهن مان جنهن جو ذڪر ڪري ٿو ته اسين پيار ڪرڻ وار ماڻهو، درياهه هجي يا صحرا پر پيار ڪرڻ وارا ماڻهو، هو دستن جي دلداري تي به شاعري ڪري ويو ته جن ماڻهن کيس چوٽ رسائي انهن لا به شاعري ڪئي ته ”جي جن کي چيم، چوٽ تن کان رسيم، استاد بخاري تي جيترو لکجي گهٽ آهي پر استاد چوي ٿو ته نالو لکو منهنجو نالو لکو ديس تي چنڊ تي ڪنهن وڏي شغل تي موت جي مهل تي مون کي منهنجي قبر مان ڪوٺيلجو جو هو ڪڏڻو آ گڏجي ته ڇو ٿا ڊڄو منهنجو نالو لکو منهنجو نالو لکو پيڙهه آهي لڳي، لسٽ ڏاڍي ڊگهي ديد آهي تڳي لسٽ آهي ڏاڍي ڊگهي وچ تي ناهي وٿي ڪنهن نه ڪنڊ تي سنڌ جا عاشقو! منهنجو نالو لکو استاد بخاري جي هن وقت وڏي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي ۽ اڄ هو پنهنجي ئي هن شاعري جو عڪس ڏئي ٿو سڄي اڌ صدي کي سوا پهر ۾ نبيريون وڃون ٿا ٻڌائي ڇڏيو بخاري جي خوشبو بچي شهر ۾ چمن دفن ٿي ويو هلائي ڇڏيو استاد بخاري تي لکڻ لا ڪيترائي ڪتاب به گهٽ هوندا استاد جي شان ۾ لکڻ لا مون وٽ اهڙا لفظ ئي ناهن جيڪي پيش ڪريان هو ته اهڙو شاعر هو جيڪو هر پاسي کان اسان کي جيئڻ جو درس ڏئي ويو آهي، تڪليفن کي برداشت ڪرڻ ۽ انهي کي حل ڪرڻ جو درس ڏئي ويو آهي چوڻ جو مقصد ته سنڌ جي نوجوان نسل کي جيڪڏهن پنهنجو آئندو روشن ڪرڻو آهي ته استاد بخاري جي قلمي پورهئي جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ استاد بخاري اڪيڊمي کي سڄي سنڌ ۾ انهي حوالي سان پروگرام ڪرڻ گهرجن خاص تعليمي ادارن ۾ وڃي شاگردن کي استاد بخاري بابت ڄاڻ ڏيڻ گهرجي. روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ چيپل...............9 آڪٽوبر 2013 http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...ge=Magazine012&Date=20131009&Pageno=12&View=1